ادبخاصشاعرينئون

شاعري

نظم
منهنجو ديس ڀنڀورين وارو
ستار سروهي
گلڙا ۽ گلزاري هوندي،
چوڏس باغ بهاري هوندي،
خوشبوءِ خوشبوءِ مهڪي پوندي،
رنگ برنگي پوپٽ هوندا،
هٿ ۾ ڊنگهري،
پاڻ ڀنڀورين پويان ڊوڙي،
ٽهڪ وکيري جڳ سمورو،
خوشبوئن سان واسينداسين،
پير پير ۾ پائينداسين،
مون کي ڪو موٽائي ڏي شل،
منهنجو ديس ڀنڀورين وارو.
سپنن جون ڀنڀوريون پڪڙي،
خوابن جون ڪي چوريون پڪڙي،
رنگ ۾ رنگ رچائينداسين،
گيت خوشين جا ڳائينداسين،
اُڀ تان تارا لاهينداسين،
ڌرتيءَ سيج سجائينداسين،
پٿرن کي پگهرائينداسين،
جذبن کي جاڳائينداسين،
سوچڻ جي آزادي جي لئه،
لڙنداسين ۽ رڙهنداسين پيا،
ٻارينداسين ديپ هزارين،
ڀل ڪوئي پيو زور لڳائي،
وقت سان سينو ساهي ساٿي،
پنهنجو ميل مچائينداسين،
مون کي ڪو موٽائي ڏي شل،
منهنجو ديس ڀنڀورين وارو.
منهنجو شهر رهيو نا ساڳيو،
منهنجو گهر به رهيو نا ساڳيو،
آهي ڪو موٽائي ڏي،
مونکي ديس ڀنڀورين وارو،
اڻ جهل اڻ جهل ڇورين وارو،
مرڪن وارو، ٽهڪن وارو،
ساون ساون کيتن وارو،
انبن وارو، ڏنگن وارو،
ڳاڙهن ڳاڙهن جهنڊن وارو،
هر پاسي بس پنهنجن وارو،
وَيَلُ وقت ورائي ڏي شل
مون کي ڪو موٽائي ڏي شل،
منهنجو ديس ڀنڀورين وارو.
سرنهن جي ڦولار نه ساڳي،
ماکين واري لار نه ساڳي،
وڻ ُ نه ساڳيو، ٽارَ نه ساڳي،
ڪويل جي ڪوڪار نه ساڳي،
پکيئڙن اڏار نه ساڳي،
جهانگيئڙن جي جهارَ نه ساڳي،
سنڌوءَ ڌارا يار نه ساڳي،
ساجن تنهنجي سار نه ساڳي،
چِت نه ساڳي، چاهه نه ساڳيو،
ساهه مٿان ويساهه نه ساڳيو،
مون کي ڪو موٽائي ڏي شل،
منهنجو ديس ڀنڀورين وارو.
رڻ پٽ ريهون، واڪا آهن،
ڳوڙها ڪيڏا ڳاڙها آهن،
بي موت مئا هت سپنا آهن،
دل ڦاٽل کي ٽاڪا آهن،
اکڙين لڙڪ ليئاڪا آهن،
پوءِ به ساڳيو روز جيئان ٿو،
سپنا سپنا آس رکان ٿو،
نيٺ ته ٿيندو صبح اسان جو،
نيٺ ته ورندو واءُ اسان جو،
نيٺ ته ملنداسين سچ پچ ۾،
آزاديءَ جي محبوبا سان،
نيٺ ته ڀاڪر ۾ ملنداسين،
نيٺ ته ٽهڪن ۾ ٽڙنداسين،
نيٺ ته گڏجي ڳائينداسين،
ساڳيو ديس رهيو جي ناهي،
نئون ڪو ديس بڻائينداسين،
جنهن ۾ مومل ماڻينداسين،
جنهن ۾ پيار پنهونءَ جي پويان،
ائين ڊڪي ڊوڙي نه مرندو
مون کي ڪو موٽائي ڏي شل،
منهنجو ديس ڀنڀورين وارو.
ڪڻڪ به ناهي، آنڀو ناهن،
ڪانڀَ به ناهي، ڪانڀو ناهن،
کيت نه ساڳيا، بيت نه ساڳيا،
منهنجو هاڻي ساهه منجهي ٿو،
هوشوءَ جو ڀي لاش لُڇي ٿو،
سچل جو تن من تڙپي ٿو،
بيت ڀٽائي ڳايو آهي،
شيخ اياز پڪاريو آهي،
استاد بخاري آ جهونگاريو،
هاري ناري، دل نه لاهيو،
اڳتي هڪڙي وک وڌايو،
منزل جي مومل کي ماڻي،
وٺندئو يارو، اڄ نه سڀاڻي،
مون کي ڪو موٽائي ڏي شل،
منهنجو ديس ڀنڀورين وارو.
ڪاريهر جي نگري ۾،
مان سنڌ جا گيت بڻايان ٿو،
ساڳي چاهه سان ڳايان ٿو،
سنڌڙي کي تون منهنجا سائين،
شال ڪرين آباد سدائين،
سُک سُڪار وسائين سنڌ تي،
شادابيون ڦهلائين سنڌ تي،
مونکي ساڳيو ديس کپي ٿو،
سائو سائو ويس کپي ٿو،
ٻنيون ٻارا، تَلَ تَرايون،
ٿرَ بَر، وڻ ٽڻ شال جيئارين،
سنڌو موجان موج وهائين،
ساڀيان ڪر هي سپنا منهنجا،
تو ۾ ئي بس آس آ مولا،
هي هڪ ننڍڙو سپنو آهي،
مون کي ڪو موٽائي ڏي شل،
منهنجو ديس ڀنڀورين وارو.
***
اعجاز منگي
محبوب جي به مرڪ ۾ ڪا دلڪشي نه رهندي
مئخانه ڀريل هوندا پر مئڪشي نه رهندي
ڌرتي تي لهي تارن هڪ ڳالهه چئي آهي
چنڊ پنهنجي وچ ۾ هوندو پر روشني نه رهندي
ڪلهه رات خدائن ۾ هڪ بحث ڇڙي پيو هو
جي سهڻي بچايون ٿا پوءِ عاشقي نه رهندي
ڦولار جي سرنهن جان جيڪا سڪي سڙي وئي
مرجهائي وقت جنهن کي سا شاعري نه رهندي
تنهنجي نظر پوڻ سان دل جي مٽجي نه حالت
ان ڏينهن پنهنجي وچ ۾ ڪا دلبري نه رهندي
زنجير هجن پير ۾ ۽ سوچ تي پهرا
پابند رهي جي زندگي پوءِ زندگي نه رهندي
ڏينهن ٽامڻي هڻي ويو منهنجو بدن جلي ٿو
تون جي نظر ملائين پوءِ ڌر تتي نه رهندي.
***
غزل
ساحر راهو
هلڪي هلڪي، بارش جي، موسيقي آهي،
دل ۾ منظر، دلڪش جي، موسيقي آهي.
واءَ ۽ خوشبُو، جي سنگم سان، اُڀري پوندي،
تنگ دلين ۾، سازش جي، موسيقي آهي.
هيڪلتا جي، خوشبُو رقصان، من مندر ۾،
هڪڙي بُت جي، پرستش جي، موسيقي آهي.
ڪيرُ به ناهي، هِن خُلاصي، واديءَ ۾ پر،
هڪڙي مُهذب، بندش جي، موسيقي آهي.
سانت جو پاهڻُ، ٽوڙڻ خاطر، ڪافي هڪڙي،
پلڪ ڇُڀڻ جي، ڪوشش جي، موسيقي آهي.
شام جو موٽيل، پنڇين ڏي تون، ڌيان ڌري ڏِسُ،
ڪيڏي فِطِري، ڪاوش جي، موسيقي آهي.
جوڀن اُجڙيو، جيون گُذريو، اڄ ڀي دل ۾،
هِڪَ تصوُر جي، گردش جي، موسيقيءَ آهي.
تنهنجي سامهون، ايندي اُڀري، چانڊوڪيءَ ۾،
رُڃ چپن تي، لرزش جي، موسيقي آهي.
پيشانيءَ تي، چَپَ رکيا هِنِ، ڪومل ساحر،
نيڻن ۾ هڪ، خواهش جي، موسيقي آهي.
***
غزل
بخشل باغي
هر حال ۾ گُذاري بيحال زندگاني
هِن دل ڪئي آ تَڙپي تَڙپڻ جي ترجماني
تنهنجو هي ڪھڙو دنيا! انصاف ٻُڌا! چئجي؟
آهي ته قدر ناهي ناهي ته قدرداني
خوابن ۾ ڇڏي مون کي ساڀيان ۾ رُلايو تو
اي عشق! تو ڪئي آ هن دل تي مهرباني
ڪيڏي نه آ اُٻھري نادان دل ازل کان
ڳولي مَڪان ۾ ٿي لُڇندي به لامڪاني
مون هر گُمان تنهنجو پنهنجي وفا سان ميٽيو
پوءِ به رهي تو وٽ مون لاءِ بَدگماني
لهرن مٿان پَڙاڏا پاڇن جيان پَون ٿا
سَڏَ سُرمئي هوا جا ٿي ويندا آسماني
مان ڀٽڪندي به ڀٽڪي ناهيان سگهيو ڪڏهن
خيالن ۾ رهي مون تي تنهنجي ئي نِگهباني
تنهنجي اندر ۾ جيڪا اُڻ تُڻ وڌي رهي آ
اُن جي پَروڙ، مُنهنجين آهُن ۾ رازداني
هِن زندگيءَ جي ٻيڙي لهرون وڃن ٿيون لُوڙهيو
لهرائي وقت جي ٿي بي رحم بادباني.
***
وڻ به ڄڻ پنهنجي وڏن جا روح آهن!
نظم
وسيم سومرو
تو ڪڏهن تاريخ ٿي سوچيو به آهي
هي سڙي سياري اونهاري موسمن ۾
ڇانو ڪن ٿا، پاڻ کي ميوو ڏين ٿا
وڻ به ڄڻ پنهنجي وڏن جا روح آهن
پيار مان پرڀات جو ڪرڻن کي لاهي
وقت جون واٽون ورهائي آدمين لئه
صبح جاڳي سج جو پاڇو ٿين ٿا
وڻ به ڄڻ پنهنجي وڏن جا روح آهن
اس ۾ پن پن اندر خوراڪ ٺاهي
مائرن جيئن پالنا تن جي به ڪن ٿا
هي نياپا جي پکي اڏري نين ٿا
وڻ به ڄڻ پنهنجي وڏن جا روح آهن
رات توڙي ڏينهن کي ڊاهي ۽ ٺاهي
جن زمينن ۾ هي پوکيا سي مري ويا
زندگي تن جي نسل سان هي جين ٿا
وڻ به ڄڻ پنهنجي وڏن جا روح آهن
پرٿويءَ تي ڪيترا قصا وراھي
جل پرين جا بي رحم ڀوتن جنن جا
پياس لڳندي مينهن جو پاڻي پين ٿا
وڻ به ڄڻ پنهنجي وڏن جا روح آهن
اي وسيم آڪاس جي تارن کي چاهي
رات جو ڄڻ سانت جي سرندي جيان ٿي
ايئن لڳي ٿو کير چانڊوڪي کين ٿا
وڻ به ڄڻ پنهنجي وڏن جا روح آهن.
***
سائل مظهر عباس منڌرو
سالن کان آ من وساڻو او آيل
منهنجو ڪهڙو ٿاڪ ٺڪاڻو او آيل
بابي جي دهانت کان پو ڀاءُ شرابيءَ
ڏنو مونکي مڙس به ڪاڻو او آيل
منهنجي ڇاتي ڇهي پوءِ سيٺ لڳايو
جسم جو ڪل پنج سئو ناڻو او آيل
ڪاش هجان ها مومل وانگي مانائتي
ڪاش هجي ها منهنجو راڻو او آيل
آئون هندن جي ڳوٺ سڄي ۾ سهڻي پر
پيٽ ڀرڻ لاءِ ناهي داڻو او آيل
روز مونکي ماري ٿو گهر جي گهرجن تان
تنهنجو ناٺي منهنجو ماڻهون او آيل
هڪڙو ڀيرو پاڻ خدا جي مونکي ملي
ڏيکارينديس ساڳ هي ساڻون او آيل
***
عزير احمد “عزير” علوي
غزل
وڏا حال احوال مون سان نه ڪر
وري ساڳيا سوال مون سان نه ڪر
اصل کان ئي توکي سڃاڻان پيو
انگل سي بھرحال مون سان نه ڪر
پرين پاڻ وٽ ڀل رکي ڇڏ هميشه
تون شيئر پنهنجا خيال مون سان نه ڪر
زمانو اجايو کلائج نه مون تي
ڀلايون توڙي ڀال مون سان نه ڪر
وڏي مون کي تڪليف سھڻا اچي ٿي
اپريل فول هر سال مون سان نه ڪر
رسامي وڇوڙي جدائي فراق جي
خدارا اها ڳالهه مون سان نه ڪر
بھانا بنائڻ وري دل جلائڻ
اجايا اهي تال مون سان نه ڪر
“عزير” سڀ کي ڄاڻي سڃاڻي اصل کان
زماني جا پڻ حال مون سان نه ڪر.
***