هي ڪائنات هميشه ڦهلجندي رهي ٿي: سائنسدان
ڪراچي اندر پرڏيهي يونيورسٽي جي ڪيمپس ۾ سائنس سوسائٽي پاران ڳالهائيندي نوجوان سائنسدان عمران رشيد چيو ته هيءَ دنيا اڃان ڦهلجندي رهي آهي ۽ ان ۾ اڃان گهڻيون شيون ڳولهڻ لاءِ موجود آهن. هن يونيورسٽي جي ڪاميابين بابت به ڳالهايو ته ان ڪراچي اندر 50 سيشنز ڪرايا ويا آهن ۽ 43 سيشن ڪراچي کان ٻاهر ڪرايا ويا آهن. پنهنجي باري ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هن جي دلچسپي گريوٽي، ڪاسمولا جي ۽ تجرباتي فزڪس آهي. سيمينار ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ايسٽرانامي هڪ اهڙو سبجيڪٽ آهي جيڪو خلائي جسمن تي کوجنا ڪندو آهي. ان جو مطلب آهي اهي سڀ شيون جيڪي اسان جي ماحول کان مٿي آهن. ان سجيڪٽ ۾ ڪيتريون ئي برانچون آهن جيڪي اڃان وڌيڪ کوجنا جي نتيجي ۾ وڌنديون رهن ٿيون. ايسٽرانامي ۽ سيليسٽيل باڊيز Celestial Bodiesبابت ڳالهائيندي هن چيو ته اهو علم خلائي جسمن جي پوزيشن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. هن طريقي سان اها خبر نه پوندي ته اهي جسم ڇاجا ٺهيل آهن. بلڪه اسان اهو معلوم ڪندا آهيون ته اهي ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهن.

