بلاگنئون

سنڌ جو مراعت يافته طبقو ۽ عوامي ڇوٽڪارو

سنڌي ايسوسئيشن آف نارٿ آمريڪا جي ڪانفرنس ٿي گذري جنھن جو عنوان ھو مذھبي انتھا پسندي، امن ۽ سلامتي لاءِ موجوده خطرا، ھن ڪانفرنس کان ھڪ ڏينھن اڳ سنڌي ادبي سنگت جي ايڪي جو پروگرام به ھن ساڳي ئي حال ۾ ٿيو ھو، جنھن ۾ ھڪ عجيب ئي صورتحال ھئي جنھن ۾ ڪنھن کي ڪا خبر نه ھئي ته ڪرڻو ڇا آھي؟ بس اجرڪن جو طوفان ھو، ھي اھي ساڳيا ماڻھو آھن جيڪي پروليج (مراعتي يافته ڪلاس) آھن  ھنن مان ڪنھن کي ڪا پرواھه ڪانھي ته سنڌ جي ماڻھن جو بنيادي سوال ڪھڙو آھي ۽ ڪھڙي طرح معاشي استحصال جي اذيت ۾ مبتلا آھي ۽ انھن جي نجات ڪيئن ممڪن آھي. ھي ادب جي نالي تي اھڙو ھجوم ھو جنھن جي طعام جو انتظام سنڌ سرڪار نامدار ڪيو ھو، انھن مان ته ڪجھه اسٽيج تي اھي ماڻھو به براجمان ھئا، جن جي جسم تي سنڌ پوليس جي لٺين جا نشان اڃان به تازا ھوندا ۽ ان هال ۾ موجود ميڙ ۾ يقينن انھن جا مٽ مائٽ سئوٽ ڀائر ھوندا جيڪي موجوده سرڪار جي بي لغام پوليس ۽ مقامي وڏيرن ھٿان پنھنجي سياسي سماجي ۽ معاشي حقن لاءِ روڊن تي سخت تشدت کي ڀوڳيو ھوندو. ھي اھا سرڪار آھي جنھن سنڌ جا سمورا معاشي وسيلا ۽ سنڌ جو اسٽرڪچر تباھه ڪري ھڪ ڪرپٽ لبرل ڪلاس پيدا ڪيو آھي،  سنڌ جو ماڻھو ان قدر ڪمزور ڇو ٿيو آھي ان جي معاشي آزادي ۽ غربت مان ڇوٽڪاري جو سوال ان قدر پوئتي ڇو ڌڪجي ويو آھي؟ ھي اھڙا سوال آھن جيڪي مان پنھنجي سنڌ جي ماڻھن آڏو رکڻ چاھيان ٿو.

  ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ھن لبرل ڪلاس وٽ پنھنجو عوامي ڇوٽڪاري واري پروگرام نه ھجڻ ڪري ھي اٿارٽيرين ۽ سخت طبقاتي تضاد ۾ ورتل رياست جي نيريٽو (Narrative) کي پروموٽ (Promote) ڪرڻ لاءِ مجبور آھن.

 ان ۾ ڪو وڌاءُ ناھي ته پورو ملڪ خاص طرح سنڌ مذھبي انتھا پسندي جي خوفناڪ شدت کي منھن ڏئي رھي آھي جنھن جو مثال پشاور ۾ اسان جي نوجوان مشال خان جي شھادت ۽ سنڌ ۾ شاھنواز ڪنڀر ھي تسلسل آھي پاڪستان جي انتھائي فرسوده سياسي ۽ معاشي نظام جو پر رڳو  اھي واقعا مذھبي شدت پسندي جي ڪري ناھن. ڪيترن ڏھاڪن کان ھن ملڪ جو عوام بيرحم معاشي استحصال جو شڪار ٿيو آھي، ھن پنھنجو سڀ ڪجھه وڃايو آھي، ھن پنھنجي زمين پنھنجا وسيلا، پنھنجا درياءِ، پنھنجا پھاڙ پنھنجا ساحل پنھنجا سياسي معاشي ۽ سماجي حق وڃايا آھن. ھنن سنڌ جي سياسي ۽ ادبي قيادت کي پنھنجي اصولن ۽ ڪمٽمينٽ کان فرار ٿيندي ڏٺو آھي، ھڪ اسٽڊي رپورٽ جيڪا ڪراچي ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي منظم ٿيڻ جي سبب تي ٿي آھي اھا اسانجي ممڪن ناڪامين کي سمجھڻ لاءِ ڪافي آھي. ان رپورٽ مطابق ملڪ جي شھرن خاص طرح ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻھراڙين ۾  تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ ٻين مذھبي جماعتن جي فالورس يا انھن جا حمايتي جو ھڪ وڏو ڪلاس ورڪنگ ڪلاس يعني محنت ڪش طبقي مان آھي، مطلب رڪشا وارو، ريڙھي وارو، تعميرات ۾ ڪم ڪندڙ، ھوٽلن تي ڪم ڪندڙ، موٽر ورڪشاپس، ٿر جو محروم ڪلاس ۽ شھرن جي ڪارخانن  تي ڪم ڪندڙ پورھيت ۽ اھي لکين ماڻھو آھن جيڪي ڏھاڙي جي بنياد تي پنھنجي روزي روٽي ڪمائين ٿا، اھي سڀ ٽي ايل پي جا سپورٽر ۽ حمايتي آھن ھن انجو سبب ھيئن لکيو آھي ته ٽي ايل پي ملڪ جي انتھائي پسمانده ڪلاس، جنھن تي اسان جو سنڌي پروليج ڪلاس ڳالھائڻ لاءِ تيار ناھي، ان کي اھا ڳالھه سمجھائڻ ۾ ڪامياب ٿي آھي ته پاڪستان جي عوام جي غربت جو سبب موجوده حڪمران ۽ ان جو ڪرپٽ لبرل ڪلاس آھي، جيڪي يھودي ايجنڊا تي ڪم ڪري رھيا آھن. انھن کان پاڪستان کي آزاد ڪرائڻو آھي،  حقيقت ھي آھي دوستو! ته اھا ڳالھه جيڪا ماڻھن جي معاشي آزادي سان تعلق رکي ٿي بنيادي ھجي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان سان انھن جو درد ايڊريس ٿئي ٿو ۽ اھا ئي ڳالھه ۽ سوال شھري توڙي ٻھراڙي جي محروم ماڻھن جي اندر ائين سرايت ڪري وئي آھي جو ايندڙ وقت ۾ اسانجون سياسي ۽ ادبي تحريڪون جيڪڏھن درست عوام جي سياسي معاشي سوال ۽ عوامي ڇوٽڪاري واري پروگرام تي ڪا گڏيل جدوجھد ۽ حڪمت عملي طئي نه ڪري سگھيون ته ميسارجي وينديون.

اوھان کي ياد آھي ته نائن اليون جي حادثي کانپوءِ آمريڪا سرڪار جنرل مشرف کي تنبيھه ڪندي چيو ھو ته ھاڻ اسلامڪ بنياد پرستي جو دڪان بند ڪيو، ھاڻ اھو نه ھلندو، تڏھن ھن روشن خيال انلائيٽيڊ پاڪستان جو راڳ الاپيو ھو ۽ ان تي وڏي انويسٽمينٽ به ڪئي تڏھن ھي ھڪدم روشن خيال ٿيندي مذھبي مدرسن مٿان ڪريڪ ڊائون ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪئي ۽ ڪتا ڪڇ ۾ کڻي تصوير پبلڪ ڪئي ھئي ته ھو وڏو لبرل آھي.

مان سنڌ جي لبرل ۽ سياسي ادبي تحريڪن آڏو اھو بنيادي سوال رکڻ چاھيان ٿو ته اسان پنھنجا سلوگن ۽ پنھنجي رٽيل ۽ بار بار دھرايل اسڪرپٽ جو جائزو وٺون، جيڪو ھن وقت بيحد ضروري آھي، اسين جيڪڏھن پنھنجي طرح سان عوامي سوال ۽ بيحد استحصالي سماج جي سوال کي سمجھڻ ۽ جي مخالفت ۾ عوام سان بيھڻ  بجاءِ صرف مراعتي يافته ڪلاس بنجي رھڻ پسند ڪيو جنھن جو نتيجو اھو نڪتو آھي ته ان ڪلاس پنھنجي ھڪ ھيجمني قائم ڪري اصل سوال کي پوشيده ڪيو آھي ته اسين ڪيتري به ڪوشش ڪيون انتھا پسندي کي روڪي نه سگھنداسين. ھي دور معلومات جي تيز وھڪرن جو دور آھي ممڪن آھي ته ان ۾ منھنجي ھن درست سوال کي شايد ڪنھن کاتي ۾ نه آندو وڃي ڇاڪاڻ ته مان ان لبرل ڪلاس جي پروگرام ۽ خيال جو حصو ناھيان، پر درست خيال ھميشه اقليت ۾ ھجڻ جي باوجود جھنجوڙيندڙ ضرور ھجي ٿو.