سنڌي ايسوسئيشن آف نارٿ آمريڪا جي ڪانفرنس ٿي گذري جنھن جو عنوان ھو مذھبي انتھا پسندي، امن ۽ سلامتي لاءِ موجوده خطرا، ھن ڪانفرنس کان ھڪ ڏينھن اڳ سنڌي ادبي سنگت جي ايڪي جو پروگرام به ھن ساڳي ئي حال ۾ ٿيو ھو، جنھن ۾ ھڪ عجيب ئي صورتحال ھئي جنھن ۾ ڪنھن کي ڪا خبر نه ھئي ته ڪرڻو ڇا آھي؟ بس اجرڪن جو طوفان ھو، ھي اھي ساڳيا ماڻھو آھن جيڪي پروليج (مراعتي يافته ڪلاس) آھن ھنن مان ڪنھن کي ڪا پرواھه ڪانھي ته سنڌ جي ماڻھن جو بنيادي سوال ڪھڙو آھي ۽ ڪھڙي طرح معاشي استحصال جي اذيت ۾ مبتلا آھي ۽ انھن جي نجات ڪيئن ممڪن آھي. ھي ادب جي نالي تي اھڙو ھجوم ھو جنھن جي طعام جو انتظام سنڌ سرڪار نامدار ڪيو ھو، انھن مان ته ڪجھه اسٽيج تي اھي ماڻھو به براجمان ھئا، جن جي جسم تي سنڌ پوليس جي لٺين جا نشان اڃان به تازا ھوندا ۽ ان هال ۾ موجود ميڙ ۾ يقينن انھن جا مٽ مائٽ سئوٽ ڀائر ھوندا جيڪي موجوده سرڪار جي بي لغام پوليس ۽ مقامي وڏيرن ھٿان پنھنجي سياسي سماجي ۽ معاشي حقن لاءِ روڊن تي سخت تشدت کي ڀوڳيو ھوندو. ھي اھا سرڪار آھي جنھن سنڌ جا سمورا معاشي وسيلا ۽ سنڌ جو اسٽرڪچر تباھه ڪري ھڪ ڪرپٽ لبرل ڪلاس پيدا ڪيو آھي، سنڌ جو ماڻھو ان قدر ڪمزور ڇو ٿيو آھي ان جي معاشي آزادي ۽ غربت مان ڇوٽڪاري جو سوال ان قدر پوئتي ڇو ڌڪجي ويو آھي؟ ھي اھڙا سوال آھن جيڪي مان پنھنجي سنڌ جي ماڻھن آڏو رکڻ چاھيان ٿو.