گذريل سال 8 فيبروري 2024 تي ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾ موجوده وفاقي اتحادي حڪومت جي تشڪيل ٿي آهي، انهيءَ اتحادي حڪومت کي تشڪيل ڏيڻ ۾ پيپلز پارٽي جي ايم اين ايز جو وڏو انگ شامل آهي، پر اهي حڪومت ۾ شامل نه آهن، باقي ٻيون اتحادي پارٽيون انهيءَ وفاقي حڪومت ۾ شامل ضرور آهن، پر وڏو حصو ن ليگ جي وزيرن جو آهي ۽ وزيراعظم پڻ ن ليگ جو ئي آهي.
سڀ ڄاڻن ٿا ته حڪومت ڪندڙ پارٽي کي قومي اسيمبلي ۾ سادي اڪثريت حاصل نه آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف کي اعتماد جو ووٽ ڏنو آهي ۽ اڄ تائين اها حمايت جاري آهي، پر پيپلز پارٽي جي رهنمائن موجوده حڪومت کان حمايت واپس وٺڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. تازو پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري ٻنهي پارٽين جي اتحاد تي اعتراض ڪيو آهي. هن ميري ٽائيم اينڊ سي پورٽ اٿارٽي جي منظوري تي اعتراض ڪيو آهي. تاريخي طرح پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز هڪ ٻئي جون حريف سياسي جماعتون رهيون آهن. انهن ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ مختلف وقتن تي اقتدار به حاصل ڪيو آهي ۽ هڪ ٻئي لاءِ سياسي رستا روڪ به ڪئي آهي. هڪ ٻئي جي سامهون چونڊون به وڙهيون آهن. سڀ کان اهم ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان محمد نواز شريف جي وچ ۾ ميثاقِ جمهوريت به ٿيو آهي. پاڪستان جي جمهوري عمل ۾ اهو ميثاقِ جمهوريت هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ڪنهن به زنده معاشري ۾ ڀلي اهو سياسي هجي يا سماجي انهيءَ ۾ اختلاف راءِ جو حق آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي ڇاڪاڻ جو موجوده سرڪار جي حمايت ڪئي آهي، اها انهيءَ سان اختلاف به رکي سگهي ٿي. اختلاف رکڻ زنده معاشرن جي نشاني آهي. ملڪي جمهوريت ۾ قومي اسيمبلي جي ايوان جا ٻه حصا آهن، حزب اقتدار ۽ حزب اختلاف. جمهوري نظام ائين ئي پنهنجو احتساب ڪندو آهي. اقتداري ڌر کان حزب اختلاف سوال ڪندي رهندي آهي، پر هن صورتحال ۾ پيپلز پارٽي جي پوزيشن حزب اختلاف واري ڪونهي، اها مسلم ليگ نواز جي سرڪار جي اتحادي آهي. هن اهم موقعي تي جڏهن ملڪ ڪجهه مالي ۽ معاشي ترقي ڪئي آهي ۽ سياسي استحڪام آيو آهي. حزب اختلاف سان ڳالهيون ٻولهيون ٿي رهيون آهن، تڏهن پيپلز پارٽي جي طرفان موجوده حڪومت کي ڏنل حمايت کان پاسيرو ٿيڻ سياسي طرح تمام اهم آهي. اچو ڏسون ته پاڪستان پيپلز پارٽي موجود سرڪار جي حمايت ختم ڪندي نظر اچي ٿي، اها ايندڙ ڏينهن ۾ سرڪار جو ساٿ ڏيندي يا نه. پر لڳي ٿو ته پارٽي موجوده سياسي صورتحال جنهن ۾ هڪ طرف سياسي ڌرين ۾ ڳالهيون ٻولهيون ٿي رهيون آهن. سرڪار تي دٻاءُ وجهڻ جي پيپلز پارٽي جي پاليسي جو موجوده وقت اهم آهي جو اها سرڪار کان پيپلز پارٽي سان ڪيل واعدن جي پاسداري لاءِ مطالبو ڪري رهي آهي. موجوده وقت ۾ اسين سمجهون ٿا ته پيپلز پارٽي انهيءَ دٻاءَ کي قائم رکندي، جيئن پارٽي جي حق ۾ سرڪار کان فيصلا ڪرائي سگهجن. پيپلز پارٽي جو چيئرمين جناب بلاول ڀٽو زرداري انٽرنيٽ جي بندش تي به وفاقي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي. پيپلز پارٽي جو اهو چوڻ آهي ته ن ليگ جي حڪومت وقت به وقت انٽرنيٽ بلاڪ ڪندي رهي آهي. انهيءَ جي باوجود پيپلز پارٽي انهيءَ تي خاموش آهي، پر هاڻي پارٽي چيئرمين انٽرنيٽ جي بندش تي سوال اٿاريو آهي.
پيپلز پارٽي ڇاڪاڻ جو هڪ پراڻي سياسي جماعت آهي ۽ هن جو آمريت سان منهن ڏيڻ جو وسيع تجربو آهي. انهيءَ ڪري اهي سمجهن ٿا ته موجوده پي ايم ايل سرڪار جون حدون ڪيتريون آهن، پيپلز پارٽي سرڪار تي انهيءَ ڪري دٻاءُ وجهي رهي آهي ڇو ته کيس عوام وٽ پنهنجو بيانيو برقرار رکڻو آهي. اها سياسي پارٽي جي طور تي پيپلز پارٽي جي دانائي آهي. انهيءَ ڪري اسين سمجهون ٿا ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين جناب بلاول ڀٽو زرداري جي تنقيد ۽ پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات جو بيان وقتائتو آهي، جيئن حالتن کي ملڪ جي عوام لاءِ بهتر ڪري سگهجي، پر اتحادي حڪومت جي متعلق ڳالهه ڪندا هلون ته مسلم ليگ نواز پنهنجا فرض ادا ڪندي رهندي.