سياستنئوننيو‍‍ز

عمران خان مني ٽريل ڏيڻ ۾ ناڪام

عمران خان تي بني گالا ملڪيت مني لانڊرنگ ذريعي وٺڻ جو الزام آهي، رقمن جي منتقلي جا ثبوت ڏيڻا پوندا (سپريم ڪورٽ). جمائما 65 لک عمران کي تحفي ۾ ڏنا پر اها ڳالهه اڳ ۾ ڇو نه ٻڌائي وئي؟ عمران خان جي موقف ۾ تبديلي اچي رهي آهي، ڪيس سادو هو پر ڊگهو ٿي هن معاملي تي پهتو آهي. جمائما جي اڪائونٽ مان عمران خان کي مليل رقم جا تفصيل ڪٿي آهن؟ جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته هي ڪيس ٽيڪس يا بينڪنگ بابت نه آهي، اسان عمران خان جي اثاثن ۽ آمدني جو جائزو وٺي رهيا آهيون. عمران خان جي وڪيل جمائما جو خط پيش ڪيو، نعيم بخاري دليل ڏيندي چيو ته جمائما تصديق ڪئي آهي ته عمران خان کيس 5 لک 65 هزار پائونڊ واپس ڪيا آهن، جمائما کي رقم واپس ڪرڻ جي ثابتي جو بار عمران خان تي آهي، چيف جس