بلاگنئون

حسن نصرالله جي ڏکوئيندڙ شھادت

فلسطينن کي پنهنجن حقن تي آواز بلند ڪرڻ خلاف اسرائيلي بربريت جو سر عام وحشت ڀريو روپ دنيا ڏسي رھي آھي، جنھن ۾ غزه کان وٺي ھاڻ لبنان ۽ يمن تائين اسڪول، اسپتالون، پناھ گاھون، گهر جنگي جھازن جي بمن ميزائيلن ۽ ڊرون حملن سان انسانن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ خوفناڪ بمباري سان معصوم ٻارڙا بزرگ مريض ۽ عورتن کي بمن جو کاڄ بڻائي سندن نسل ڪشي ٿيڻ لڳي آھي. ھن جنگي جنون ۾ اسرائيل جنگي اصولن جي کلي عام لتاڙ ڪندي بندش پيل جنگي ھٿيار استعمال ڪرڻ لڳو آھي.. ايستائين جو گڏيل قومن جو ادارو UNO ۽ ٻين عالمي ادارن جي جنگبندي وارين اپيلن جي پرواھ نٿو ڪري.. ٻئي طرف عرب ليگ ڪيترا اسلامي ملڪ خاموش تماشائي ٿي وڃڻ. ڪي ملڪ جن ۾ اسلامي ملڪ به شامل آھن سي فقط “مذمت” تي وقت پاس ڪري مسلمانن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. انهيءَ ساري مامري تي اسرائيل کي ڪابه پرواھ ناھي. ان ڪري جو آمريڪي سرڪار جي پاليسي موجب اسرائيل کي ھشي ڏيڻ ۾ آمريڪا جو مضبوط ھٿ شامل آھي.

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو دَورِ جَديد جو يزيد بڻجي مسلمانن مٿان يلغار ڪندي جديد ٽيڪنالاجي سان ٽارگيٽ حملا ڪري پنهنجا مقصد حاصل ڪري بربادين جا دردناڪ اثر ڇڏي رھيو آھي.. ھو امن جي پيغامن، اپيلن، قراردادن، جنگي اصولن جي سراسر ديده دليري سان ڀڃڪڙي ڪري “ميڊيا” جي به پرواھ نه ڪري جنگي اڳرائي ڪري رھيو آھي.

فلسطيني گروپ پنهنجي، پنهنجي وس ۽ وت آھر جوابي ڪارروايون ڪن ٿا، پر اسرائيل جي جديد ٽيڪنالاجي اڳيان اِھي ميزائيل حملا ايتري قدر فائديمند ثابت نٿا ٿين. نيتن ياھو طرفان حماس خلاف شديد جنگ شروع ڪيل آھي ته يمن ويندي شام تائين به اسرائيلي حملا ڪري جاني مالي ۽ رياستي نقصان ڪيو پيو وڃي.

ھن جنگجو مھم ۾ اسرائيل پاران ڪيترا مسلم ھيرو اڳواڻ نشانو بڻائي ماريا ويا جن مان حسن نصر اللہ جھڙو دلير ۽ شينھن مڙس به سندن بمن جي وسڪارن سبب بيروت شھر جي جديد ڪربلا ۾ شھادت ماڻي چڪو آهي. حزب اللہ جھڙي منظم طاقتور تنظيم جو سربراھ ڪنهن پاسي وڃڻ بجاءِ جنگ جي ميدان تي پنهنجن ساٿي وفادارن سان گڏ موجود رھندي “شھادت” جيڪا “سعادت” سمجهي وڃي ٿي سا ماڻي ورتي. سيد حسن نصراللہ جھڙي اھم اڳواڻ مٿان بم ڪيرائڻ سبب سندس شھادت کان ڪجهه ڏينهن اڳ رابطي طور استعمال ٿيندڙ “پيجر” ۾ ڌماڪا ڪرڻ سبب دنيا مٿان ھڪ خوف ڇانئجي ويو آھي ته ھاڻ ھن ريت به حملا ڪري ماريو وڃي ٿو. چون ٿا موبائل فون، واڪي ٽاڪي، ليپ ٽاپ ايستائين جو سولر پليٽون به محفوظ نه سمجھيو وڃن!؟

موجودہ حالتن ۾ جتي خاص طور اسلامي ملڪ خاموشي ۽ درگذر ڪرڻ ۾ اڳيان ھجن اتي ايران کي جنگ ۾ ڦاسائڻ آمريڪا جي پراڻي سازش آھي. ڪير ٿو چوي ايران بزدلي جو مظاهرو ٿو ڪري. ايران ئي آھي جيڪو ھن وقت اسلامي توڙي انساني مظلومن جي جنگ وڙهي انهن جي مدد ۽ رھنمائي ڪري رهيو آھي، پر جڏھن پنهنجا دشمن ٿي وڃن ۽ دشمنن سان ملي وڃن ته پوءِ جنگي حڪمت عملي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، ڇو ڀلا سدائين ايران ۽ ايراني عوام قربانيون ڏيندا رھندا ڇا؟

ھن وقت اسرائيل جي مدد واسطي ڪيترا مغربي ملڪ آمريڪي پاليسي/ھشي ۽ مڪمل پٺڀرائي تي ھر قسم جو سھڪار ڪري رھيا آھن جنھن ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ جاسوسي نظام جي استعمال سان گڏ آمريڪي دولت جي ذريعي ھمدرديون حاصل ڪيون پيون وڃن.

ھن باھ ۾ ھڪ رات جي مھلت ڪربلا ۾ به ورتي وئي، ايران جلد بازي نه ڪري ته بهتر ٿيندو. ان جو مطلب آھو ناھي ته بزدلي ظاهر ٿيندي. ايران جي بھادري جو پنهنجو شَان مَان بلند رھندو آيو آھي ۽ رھندو، انشاءَ الله فتح حق جي ٿيندي.

ايران کي پنهنجن سفارتي ذريعن جو استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ ھو ڪري رھيا آھن، پر سندن موقف ٻڌڻ وارا گهٽ آھن ان سميت جنگي سامان جديد ٽيڪنالاجي سخت ضرورت آھي، جيڪا جنگ لڳڻ جي صورت ۾ ان جي آمريڪا رستا روڪ ڪندو. مطلب ته ايران مٿان سخت وقت اچي چڪو آھي جڏھن سيد حسن نصر اللہ جھڙو بھادر جديد ٽيڪنالاجي ۽ غدارين سبب شھيد ٿي ويو آھي. ان لاءِ جنگي حڪمت عملي تحت ايران بهتر پاليسي سان ٿڌائي وارو رويو اختيار ڪندي ڌمڪين سان وقت ڪڍي رھيو آھي ۽ ڪنهن موقعي جي تلاش ۾ آھي، انشاءَ الله ڪاميابي ٿيندي.

آمريڪا دنيا ۾ امن لاءِ ٿيندڙ مظاھرن جي پرواھ نه ڪندي کلي عام جنگي جنونيت ۾ اسرائيل سان ٻه قدم اڳتي ساٿ ڏئي رهيو جنهن ڪري گڏيل قومن جو ادارو ان جي سيڪريٽري جنرل جي جنگ بندي واسطي ڪيل اپيلن کي اھميت نٿي ڏني وڃي ان مناسبت سان آمريڪا آڏو فلسطين، لبنان، يمن، شام، ايران، عراق جي ملڪن سان دشمني ھڪ نه پر ڪربلا جي ميدان وانگر ڪيترا ملڪ گڏجي ڪري رھيا آھن، جن م عرب سڳورن جي خاموشي به سواليا نشان بڻجي عرب کان اسلامي ملڪن ۾ گردش ڪري رھيا آھن. ايران جي اسرائيل سان جنگ گڏوگڏ ڪيترن ظالمن سان به آھي جن سان مھاڏو اٽڪائڻ ڪو سولو ڪم ته ناھي، پر پوءِ به ايران سميت فلسطين، لبنان يمن ۽ شام جي عوام ۽ حڪومتن پاڻ ملھايو آھي جيڪي اصولن ۽ حق خاطر ڪنهن به صورت ۾ ڪنڌ جهڪائڻ کان اڳ ڪنڌ ڪپائڻ کي اوليت ڏيندي شھادت جو جام اڳتي وک وڌائي پيئڻ گهرن ٿا. ھن حسيني جذبي سبب وڏين قربانين کانپوءِ ظالم طاقتور بادشاھن جو غرور ۽ تڪبر جلد مٽيءَ ۾ ملي سگهي ٿو. ان لاءِ امن پسند ادارا ۽ حاڪم جنگ بجاءِ امن لاءِ ڪوششون ڪري انساني بربادين جو بچاءُ ڪرائين ته بھتر ٿيندو. ڇو جو اڄ به جنگ بجاءِ امن جي سخت ضرورت سمجھي وڃي ٿي.