ڪهاڻيوننئون

ٻارن جو صفحو: هڪڙو پتڪڙو پوپٽ-2

”پيارا دوست“

ڳاڙھو پوپٽ پِتڪُو، ڏاڍو سَرھو ھو.

جڏھن کان ھنَ پنھنجن دوست پوپٽن جي حياتي بچائي ھئي، تڏھن کان انهن کيس تنگ ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو ھو. ھاڻي ڪير به پتڪوءَ جي ڳاڙھي ڳَٽُول رنگ تي ٽوڪَ ڪو نه ڪندو ھو. سڀ گڏجي رانديون کيڏندا ھئا ۽ سڄي باغيچي ۾ مزي سان اڏامندا ھئا. ھڪ ڏينھن سڀ دوست راند ۾ لڳا پيا ھئا. سندن ماءُ پيءُ گلاب جي گلن تي ويٺا ڪچهري ڪري رھيا ھئا.

پتڪوءَ جو دوست رومو اڳيان اڳيان اڏامي رھيو ھو. جڏھن ته پتڪو، ياسو، شوزو ۽ ٻيا دوست کيس پڪڙڻ لاءِ سندس ڪڍَ اڏامي رھيا ھئا. رومو پاڻ کي پڪڙجڻ کان بچائڻ لاءِ تيز اڏامي رھيو ھو. ڪنھن ڪنھن مھل ھن اھڙي ته گهتَ پئي ھنئي جو پويان ايندڙ دوستن جو مٿو پئي ڦري ويو. سڀ دوست کلي رھيا ھئا جو کين ان راند ۾ ڏاڍو مزو پئي آيو.

امالڪ (اوچتو) رومو گهتَ ھڻندي ڪجهه مٿي ٿيڻ جي ڪئي، پر ائين ڪرڻ سان ھو ھڪ مصيبت ۾ پئجي ويو، جيئن ئي ھو مٿي ٿيو. نم جي وڻَ جي ھڪ ڇڻيل پنن واري سنهي ڪاٺي ھنَ جي سھڻي پرَ ۾ ٽُنبجي وئي. رومو اتي ڦاسي پيو ۽ ڦٿڪڻ لڳو. کيس ڏاڍو سور ٿي رھيو ھو.

کيس ڪاٺيءَ ۾ ٽنبجندو ڏسي پتڪوءَ سوڌو سڀني دوستن کان دانھون نڪري ويون. ھو رومو جي ويجهو اچي اڏامڻ لڳا.

“منھنجي مدد ڪيو. مون کي ڏاڍو سور ٿي رھيو آھي.” رومو روئڻھارڪو ٿيندي چيو.

اھو ٻڌي شوزو اڳتي وڌيو ۽ پنھنجي ننڍڙن پيرن سان ڪاٺيءَ کي پڪڙي ڇڪڻَ لڳو.

“ٺِڙِڪ” جو آواز ٿيو. سُڪلَ ڪاٺي ڀَڄِي ٽاريءَ کان ڌارَ ٿي وئي ۽ رومو سوڌو ھيٺ وڃي ڪري.

“ھي ڇا؟” پتڪوءَ وڏي رڙ ڪئي. سڀني ھيٺ ڏٺو ۽ ڊپَ ۾ وٺجي ويا. ڇو جو رومو جتي ڪريو ھو اتي ڳاڙھين ڪِوِلين جو گهر ھو. سَوَن جي انگَ ۾ ڳاڙھيون ڪِوِليون اتي ڦري رھيون ھيون. جي اھي رومو کي چُنبڙن ھا ته ھڪ گهڙيءَ ۾ کيس کائي وڃن ھا. رومو پٺيءَ ڀَر ڪريو ھو ۽ پنھنجون ڄنگهون لوڏي اٿڻَ جي ڪري رھيو ھو، پر ڪاٺي پرَ ۾ ٽُنبيل ھئڻ جي ڪري سِڌو نه پئي ٿِي سگهيو. انھيءَ مھلَ ئي ڳاڙھين ڪولين رومو کي ڏسي ورتو. ھو ھڪ صفَ (قطار) ۾ رومو ڏانھن وڌڻ لڳيون.

“دوستو جلدي اچو.” پتڪوءَ دانھن ڪئي ۽ اڏامي رومو جي مٿان پھچي ويو. ھن پنھنجا پتڪڙا پير رومو جي پيرن ۾ ڦاسايا ۽ کيس مٿي کڻڻ جي جاکوڙ (ڪوشش) ڪرڻ لڳو، پر رومو کي کڻي نه سگهيو.

پتڪوءَ ڪِولين ڏانھن نھاريو جيڪي بس پُڄڻَ واريون ھيون.

“مون کي پٺيءَ کان سوگهو ڪري مٿي ڇِڪيو. سڀ اچو ۽ ھڪ ٻئي کي پُٺيءَ کان پڪڙي مٿي اڏامو. جلدي ڪيو.” پتڪوءَ وري ڏاڍيان چيو.

سڀ دوست پِتڪوءَ جي ڳالهه سمجهي ويا. ياسو تڪڙ ۾ اچي پتڪوءَ کي پٺيءَ کان پڪڙيو. ياسوءَ کي شوزوءَ ۽ ائين ھڪٻئي مٿان سڀني دوستن جي ھڪ لاٽَ (صفَ) ٺھي وئي.

ان کان اڳ جو ڳاڙھيون ڪِوِليون رومو کي پنھنجي چَڪن ۾ سوگهو ڪن ھا. سڀني دوستن پنھنجا پرَ ھَڻڻُ شروع ڪيا. سڀني جي گڏجي زورُ لڳائڻ تي رومو مٿي ٿيو ۽ پوءِ ھو سڀ اڏامندا ڪولين کان مٿي ھليا ويا.

سڀني دوستن جي ٻَڌيءَ، رومو کي ڳاڙھين ڪولين کان بچائي ورتو ھو. ھو سڀ ڪنھن رنگ برنگي جهالر جيان اڏامندا اچي ھڪ وڏي گلاب جي گلَ تي ويھي رھيا.

جتي وڏن پوپٽن رومو جي پرَ مان ڪاٺي ڪڍي ڇڏي.

“ھنَ جو پرُ ڀَڳو ناھي.ھي جلد ٺيڪ ٿي ويندو.” وڏن پوپٽن جي ڳالهه ٻُڌي پِتڪوءَ سوڌو سڀ دوستَ نچڻَ لڳا. رومو کين نچندو ڏسي ٽھڪَ ڏيڻ لڳو.

***