شادي جي تقريب ۾ فائرنگ دوران مشهور فنڪاره ثمينه سنڌو قتل
ڪالهه رات لاڙڪاڻي ۾ جوڻيجا ڳوٺ لڳ شادي جي تقريب ۾ فائرنگ دوران فنڪاره ثمينه سنڌو گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي، کيس چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي هوءَ فوت ٿي وئي. حادثي واري جاءِ تي پوليس پاران هڪ جوابدار کي نشي جي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. فنڪاره جي لاش کي پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن جي حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف وزير داخلا سهيل انور سيال هن واقعي جي رپورٽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان گهري ورتي آهي.