جمعو 14 جون 2024ع، پاڪستان جي سڀ کان معياري اخبار ڊان DAWN جي ميٽرو سائوٿ جي پھرين صفحي تي ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي سنڌ رپورٽ سان گڏ ھڪ خبر شايع ٿي آھي جنھن جي سرخي آھي: ھڪ سپاھي پاران 16 لک رپيا رشوت وٺڻ کان انڪار ڪرڻ تي جج کيس ساراهيو.
اسان سياسي ماڻھو توڙي عام ماڻهو اھڙين خبرن کي ڪا خاص اھميت ناھيون ڏيندا. اسان سماج ۾ موجود مثبت ڪردارن ۽ ڪھاڻين کي نظر انداز ڪري سڀ کان گھڻي اھميت منفي ڪردارن ۽ انھن جي برائين کي ڏيندا آھيون ۽ پوءِ ماتم پٽڪو ڪندا آھيون. اسان جو فيس بُڪ ۽ سوشل ميڊيا به اھڙن ئي قصن ڪھاڻين سان ڀريل آھي. اچو ته ان روايت کي بدلايون. اسان توھان ان روايت کي بدلائي سماج ۾ ڪيفيتي تبديلي آڻي سگھون ٿا. ان لاءِ اسان کي ڪنھن کان به ڪو مطالبو ناھي ڪرڻو، نه ڪنھن تي آڱر کڻڻي آھي بس پنھنجي سوچ ۽ روش ۾ ھڪ تبديلي آڻڻي آھي: اسان کي منفي ڪردارن تي گھڻو ڳالھائڻ بدران مثبت ڪردارن ۽ آدرشي ڪھاڻين کي اھميت ڏيڻي آھي.
ھيءَ اياز علي ۽ عجب خان جي ڪھاڻي آھي. عجب خان پاڪستان جو ھڪ روايتي اسمگلر آھي جيڪو جتي ڪٿي رشوت ڏئي پنهنجو ڌنڌو ڪندو ٿو رھي. اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ اھو عام رواجي ڪاروھنوار آھي جنھن ۾ رياست جي سمورن ادارن جا ھٿ ته ڇا منھن به ڪارا ٿيل آھن ۽ اھي چھرا سڀ عوام جي آڏو به ننگا ٿيل ھوندا آھن ۽ وڏي ھٺ ڌرميءَ سان ڦني خان ٿي ھلندا آھن. عوام به کين سڀ سمجھندي ڪندي به وڏي عزت ۽ سندن ڦني خاني ۾ اضافو ڪندو رھندو آھي، بلڪه پاڻ به وھندڙ گنگا ۾ پنھنجا ھٿ ڌوئيندو رهندو آھي ۽ مٿان وري دانھون ڪندو آھي، “ملڪ تباھ ٿي ويو آھي، معاشرو اخلاقي طور به تباھ ٿي ويو آھي.” ان سماجي، معاشي ۽ اخلاقي تباھي ۾ اسان مان ھرھڪ ڪيترو حصو ڳنڍيو آھي، اسان نڪ جي پڪائي سان ان سوال کي گول ڪري سرڪار کي ۽ ٻين ڪرتن ڌرتن تي آڱر کڻندا آھيون ۽ رات جي تاريڪيءَ ۾ نه ڏينھن ڏٺي جو کلي عام انھن جا ڀرجھلا به ٿيندا آھيون. سو رشوت ۽ اسمگلنگ اسان جي سماج جي مروج ۽ قبوليت مليل ڪار گذاري آھي. ان ڪري اھا نه ته ڪا خبر آھي نه ڪا ڪھاڻي. ھن خبر کي جنم ڏيڻ وارو بظاهر عام رواجي، پر دراصل غير معمولي ۽ غير روايتي ڪردار اياز علي آهي، جيڪو موچڪو پوليس اسٽيشن تي ھيڊ ڪانسٽيبل آھي. عجب خان سيمينٽ جي ٻورين ۾ سوپارين جي اسمگلنگ ڪندو آھي ۽ سندس ھڪ ٽرڪ اياز علي جي ور چڙهي وڃي ٿي. اياز علي، عجب خان ۽ سندس ساٿارين خلاف ڪيس درج ڪرڻ لڳي ٿو ته عجب خان کيس جان خلاصي لاءِ 16 لک رپيا رشوت طور ڏئي ٿو. اياز علي اھي 16 لک به ضبط ڪري مٿس ايف آءِ آر ڪٽي ٿو. عجب خان آھي ڏاڍو مڙس، سو اياز علي خلاف مئجسٽريٽ وٽ درخواست داخل ڪري ٿو ۽ رشوت طور باسيل 16 لکن جي واپسيءَ جي گھر ڪري ٿو. مئجسٽريٽ سندس درخواست رد ڪري ٿو ته ھو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ڪراچي اولھ جي عدالت ۾ مئجسٽريٽ جي فيصلي خلاف درخواست دائر ڪري ٿو، جنھن جو فيصلو ٻڌائيندي منصف محترم سھيل احمد مشوري لکي ٿو ته، “ھڪ ھيٺين رئنڪ جي آفيسر طرفان ھڪ جوڳي رقم رشوت طور نه وٺي اسمگلنگ جو مال نه ڇڏڻ جو عمل ھمت ۽ مضبوط ڪردار جي گواهي ڏئي ٿو. ھن آفيسر ھڪ پرڪشش رقم جي آڇ کي رد ڪري قانون جي بالادستي ۽ اخلاقي قدرن کي مٿانهون رکي ثابت قدميءَ سان پنھنجي فرض ادائگي ۽ انصاف جي اصولن کي اوليت ڏني آھي. انصاف جي نظام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ عوامي ويساهه قائم ڪرڻ لاءِ اھڙي ئي روش ضروري آھي.”
اوھان ھن تحريري عدالتي فيصلي جي لفظن ۽ فيصلي جي روح تي غور ڪريو، ھي ھڪ ايماندار ۽ فرض شناس آفيسر جي قدر داني سان گڏ قانوني نظام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي ھڪ ايف آءِ آر به آھي. اوھان چوندا ته اھا ڪھڙي وڏي ڳالھ آھي، مڙئي ڪي ھوندا آھن ھر سماج ۾ ڪي چريا کريا جيڪي به يا سڌري ويندا آھن يا پوءِ پڇتائيندا آھن. اسان وڏي شان ۽ شوڪت سان ائين چئي پنھنجي روايتي ڪرت ۽ ڪاروھنوار ۾ لڳي ويندا آھيون. سرڪار، سرڪاري عملدارن ۽ سندن ڪمدارن جي ڪڌن ڪرتوتن جي حوصلا افزائي ۽ فرض شناس عملدارن ڏانھن اسان جي اھا بي حسي ئي سماج ۾ ڪنھن به برائي جي جڙ پڪي ڪرڻ ۽ اوج ماڻڻ جو سبب بڻبي آھي ۽ جيڪڏھن اسان چاھيون ٿا ته سماج مان اھي برايون گھٽجن ته اسان کي پنھنجي روش بدلائڻي پوندي.
ھن ڪھاڻيءَ ۾ اسان کي پنج مثبت ڪردار نظر اچن ٿا: پھريون ھيڊ ڪانسٽيبل اياز علي، ٻيو محترم مئجسٽريٽ جيڪو به ڪنھن لالچ ۽ دٻاءُ ۾ اچڻ بدران انصاف ڪري ٿو ۽ اياز علي جي حق ۾ فيصلو ڏئي ٿو. ٽيون ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محترم سھيل احمد مشوري جيڪو اياز علي کي انصاف فراھم ڪرڻ ۽ خراج تحسين پيش ڪرڻ سان گڏ انصاف جي نظام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي عوام جي ويساهه نه هجڻ جو حقيقي سبب بيان ڪري ٿو ۽ ان کي پنھنجي تحريري فيصلي جو حصو بڻائي ٿو (اھا ڳالھ انتھائي اھم آھي جو اسان روز ڏسون ٿا ته ملڪ جي اعليٰ عدالتن ۾ جج صاحب پنهنجي ريمارڪس ۾ ته وڏا مڙس مٿير نظر ايندا آھن، پر سندن تحريري فيصلا بي ھمتي ۽ بي انصافي جا شاهڪار منظر پيش ڪندا آھن)، چوٿون، ڊان اخبار جو رپورٽر سمير عبدالله، جيڪو اھا خبر صحافتي معيار مطابق رپورٽ ڪري ٿو (اھا ڳالھ به انتھائي اھم آھي جو اسان انھن صحافين جي عزت ۽ قدر ڪريون جيڪي صحافي ايمانداري ۽ اھليت سان پنھنجون صحافتي ذميواريون نڀائي رھيا آھن) ۽ پنجون مثبت ڪردار آھي بحيثيت اداري جي ڊان اخبار جو جيڪا پنھنجي اداري جي قابل ڪردارن کي جوڳي عزت ۽ مقام ڏئي ٿي. اھا ڳالھ به انتھائي اھم آھي جو اسان جا صحافتي ادارا ادارتي معيارن تي ھلڻ بدران ذاتي جاگيرن طور ڪم ڪري رھيا آھن ۽ اتي به ھر روز انصاف ۽ اھليت جو قتل ۽ خوشامد ۽ پنهنجن کي نوازڻ جي روش تي عمل ٿئي ٿو سو به سنڌ جي قومي خدمت جي نالي ۾.
اسان جيڪڏھن واقعي سنڌ ۽ سڄي سماج جو ڀلو چاهيون ٿا ته سڀ کان پھرين اسان منجھان ھرھڪ کي اھا منافقاڻي روش ڇڏڻي پوندي ۽ سماج جي مثبت، بااصول ڪردارن جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. قصو مختصر!