بلاگنئون

اُتر سنڌ مان رت جي راند ڪير بند ڪرائي امن امان بحال ڪرائيندو؟

چونڊون ٿيون ٻيهر سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آئي، پر اُتر سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿي سگهي، جنهن سبب عام ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. ڪراچي ۾ روز سوين وارداتون ٿين ٿيون لاڙڪاڻي، سکر، ڊويزنن جي مختلف ضلعن ڪنڌڪوٽ ڪشمور، گهوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد، دادو، ميهڙ قمبر شهداڪوٽ، نوابشاھ ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ به باهه ٻريل آهي. ڦر ڌاڙا عام بڻجي ويا آهن ۽ بي گناھ ماڻهن جي قتل جي وارداتن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. اغوا جا واقعا پڻ ٿيندا رهن ٿا، معصوم ٻار ۽ نياڻيون به محفوظ ناهن ان سڄي صورتحال ۾ بدامنيءَ جو هڪ وڏو ڪارڻ قبيلائي جهيڙا پڻ آهن، جن کي هٿ وٺي وڌايو ويو آهي. سنڌ جا اتر وارا علائقا مختلف برادرين جي جهيڙن سبب سخت متاثر ٿيا آهن. قبيلائي جهيڙن سبب رت جي راند ۾ ڪيترائي بيگناھ معصوم ٻارڙا، عورتون، واٽھڙو ۽ ڪونڌر جوان گولين جو کاڄ بڻجي وڃن ٿا جنهن سبب مائرن جون جھوليون خالي ونيون بيواھ، معصوم ٻارڙا يتيم بڻجي دربدر ٿي وڃن ٿا.
اُتر سنڌ ۾ برادري تڪرارن قبيلائي جهيڙن سبب شھرن جون رونقون اجڙيل ۽ ھر طرف خوف وارو ماحول پکڙيل آهي. ڪاروباري ماڻهو پڻ سخت پريشان آهن ۽ عام ماڻھو به سخت پريشانين ۾ مبتلا هجڻ سان گڏ خوف ۾ ورتل آهن. جھيڙيندڙ ڌريون ھڪ ٻئي جي رت جون پياسي بڻجي پلاند پاڙڻ لاءِ هڪ ٻئي جي گهات ۾ ويٺل آهن. جڏهن ته رياست جي ذميوارن پوليس سياسي ۽ وڏيرڪي سورسن سبب جھيڙيندڙ ڌرين جا علائقا نوگو ايريا ڄاڻائي وس کان ٻاھر بڻايل آهن، جنهن سبب عام ماڻهو غير محفوظ آهي. رياست جي ذميوارن ۽ چڱن مڙسن جي روايتي سستي ڪمزوري ۽ غير دلچسپي مفادن سبب جھيڙن کي ختم ڪرائڻ لاءِ عملي طور ڪير به ميدان ۾ نڪري جهيڙيندڙ ڌرين وچ ۾ ٺاھ ڪرائڻ وارو ناهي جيڪڏهن موجوده قانون ڪمزور آهي ته پوءِ لازمي آهي ته قبيلائي جهيڙن ۽ بدامني جي خاتمي لاءِ خاص قانون ٺاهڻ جي ضرورت آهي ته جيئن رت جي هيءَ راند بند ڪرائي علائقن ۾ امن امان جي صورتحال بحال ڪرائي سگهجي.
قبيلائي تڪرارن سبب جهيڙيندڙ علائقن ۾ اسڪول بند جڏهن ته ھزارين لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻيل آھن. جهيڙن سبب بدامني به ڪارڻ بڻيل آهي، خوف سبب عام ماڻھو به سخت پريشانين ۾ مبتلا بڻجي گهرن تائين محدود آهي جتي حڪومت قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ روز نوان پلان تيار ڪري پئي اتي قبيلائي جھيڙن کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڇو سست آھي قبيلائي جهيڙن ۾ استعمال ٿيندڙ جديد قسم جا هٿيار سندن وٽ ڪيئن ٿا، پهچن حڪومت ۽ پوليس لاءِ چئلينج بڻيل ڏوهارين خلاف آپريشن حڪمت عملي سان ڪامياب ٿيڻ گهرجي ۽ سياسي سماجي مذھبي اڳواڻن علائقي جي چڱن مڙسن ذميواري رکندڙ شخصيتن ۽ سڄاڻ ڌرين کي گھرجي ته سنڌ ۾ اهم مسئلو ۽ مستقبل لاءِ ناسور بڻيل قبيلائي جهيڙن کي ختم ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري فرض نڀائي بيگناھ ماڻهن جي قتل عام کي روڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جي اُتر وارن علائقن ۾ مختلف برادرين وچ ۾ هلندڙ خوني راند بند ٿئي، جهڙيندڙ ڌرين جي وچ ۾ ٺاھ ٿيڻ گهرجي ته جيئن علائقي جون رونقون بحال ٿي وڃن ۽ بيگناھ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچي سگهن.