خاصنئون

10 جنوري 2020 تي قومي اسيمبلي مان زينب الرٽ بل پاس ڪيو ويو

هيومن رائيٽس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر مهرين رضا ڀٽو ٻڌايو ته 9 سالن جي نياڻي زينب جي ٻي ورسي تي بل اسيمبلي مان پاس ڪيو ويو. زينب جو لاش 2018ع ۾ قصور ۾ زيادتي ڪرڻ کانپوءِ هٿ آيو، هن اهو بل ٻارن کي ارپيو آهي ۽ چيو آهي ته هيءَ قانون سازي ٻارن جو تحفظ ڪندي ۽ زيادتي جي شڪار ٻارن کي جلد ئي انصاف مهيا ڪندي. هن بل پاس ٿيڻ کانپوءِ جن ٻارن کي اغوا ڪيو ٿو وڃي يا جن جو قتل ٿي وڃي ٿو يا انهن سان زيادتي ٿئي ٿي انهن جي ڪيس جي تفتيش ٽن مهينن اندر مڪمل ڪئي ويندي.