نيپرا پاران بجلي 3 رپيا 24 پئسا سستي
نيپرا فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ في يونٽ 3 رپيا 24 پئسا گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نيشنل ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ۾ سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي طرفان بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان درخواست جي ٻڌڻي ٿي جيڪا چيئرمين نيپرا طارق سدوزئي جي صدارت هيٺ ڪئي وئي.
سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي طرفان داخل درخواست ۾ فيول ايڊجسٽمينت جي مد ۾ في يونٽ 2 رپيا 92 پئسا سستي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي. جڏهن ته نيپرا چيئرمين جنوري جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي في يونٽ 3 رپيا 24 پئسا سستي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
واضح رهي ته نيپرا جي لاڳو ڪيل هيءَ قيمت ڪراچي جي ماڻهن لاءِ نه آهي.

