بلاگنئون

لطيف جي پيغام ۾ سنڌو درياءَ جي پاڪيزگي

سنڌ جو درياءَ صرف پاڻيءَ جو وهڪرو نه آهي، اهو سنڌ جي دل، ان جي تهذيب ۽ ان جي ساهه جو حصو آهي۔ جڏهن سنڌو درياءَ جون لهرون نرميءَ سان درياءَ جي ڪنارن کي ڇهنديون آهن، تڏهن ائين لڳي ٿو ته ڄڻ لطيف سرڪار جا بيت پاڻ ڳالهائي رهيا هجن، محبت، سڪون، ۽ انسانيت جي زبان ۾ سنڌو درياءَ جي تاريخ جي هر ورق تي پنهنجي موجودگيءَ جا نشان چٽيا آهن. هن جي وهڪرن ۾ نه صرف ماضيءَ جون صدائون آهن، پر مستقبل جا خواب به لڪل آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جو پيغام هر ڪنڊ ۾، هر لهر ۾ ۽ هر دل ۾ گونجي ٿو. لطيف سائين سنڌ جي مٽيءَ مان جنم ورتو ۽ ان جي شاعريءَ جو سرچشمو به اها مٽي، اهو درياءَ ۽ اهي ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجي محنت سان زندگيءَ کي نئين معنيٰ ڏين ٿا۔ لطيف جي شاعريءَ جو فڪر، بلڪل سنڌو درياءَ جيان آهي، وهندڙ، وسيع ۽ بي انتها۔ هن جي فڪر جو تسلسل درياءَ جي وهڪري جيان ڪڏهن نه رڪجندڙ ۽ اهو ئي سنڌي سجاڳيءَ جو راز آهي.

لطيف لاءِ درياءَ رڳو پاڻيءَ جو وهڪرو نه هو، پر اهو عشق، سچ ۽ تلاش جو استعارو هو. جيئن درياءَ پنهنجي ڪنارن کي ڇڏي، بحر تائين سفر ڪري ٿو، تيئن انسان کي به پنهنجي محدود سوچ ۽ وجود جي ڪنارن کان اڳتي وڌي، سچ ۽ حق تائين پهچڻو پوي ٿو. لطيف انسان کي سيکاري ٿو ته زندگي جو حقيقي مقصد پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ آهي ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن ماڻهو فطرت سان گڏ، رب سان هم آهنگ ٿي وڃي. لطيف پنهنجي سرن ۾ بار بار فطرت سان گفتگو ڪري ٿو. درياءَ، هوائن، وڻن، پکين ۽ لهرن سان ڳالهائي ٿو. ڇو ته لطيف لاءِ فطرت ئي رب سان ڳالهائڻ جو رستو آهي. جڏهن هو چوي ٿو، “وهندا وهندا درياءَ، اوتاهه عشق جو پاڻي”، تڏهن هو دراصل ٻڌائي ٿو ته عشق جو سفر به درياءَ جيان بي انتها ۽ بي انت، جنهن جو ڪنارو صرف خدا آهي سندس بيت “سُر سارنگ” ۽ “سُر سامونڊي” ۾ پاڻي، لهر ۽ سمنڊ بار بار ايندا آهن۔ اهو پاڻي صرف قدرتي نعمت ناهي، پر اندر جي پاڪيزگي ۽ روحاني سفر جو استعارو آهي۔ جيئن درياءَ جو پاڻي ناپاڪين کي ڌوئي ٿو، تيئن لطيف چاهي ٿو ته انسان پنهنجي دل مان نفرت، حسد ۽ بغض ڌوئي وجهي ۽ صاف ٿي محبت ۾ لهي پوي. لطيف جي دنيا ۾ پاڪيزگي، عبادت سان نه، پر محبت سان ماپي ويندي آهي۔ محبت ئي اها لهر آهي، جيڪا هر دل کي درياءَ سان ملائي ٿي۔ سنڌو درياءَ لطيف جي فڪر جو عملي روپ آهي۔ ان جي لهرن ۾ مزاحمت به آهي ۽ نرمي به۔ جڏهن درياءَ ۾ ٻوڏ اچي ٿي ته اها لهر ڀڃندي آهي، پر جڏهن شانتي اچي ٿي ته اها لهر لوليءَ جيان ٻارن کي سمهاري ٿي۔ اهڙو ئي لطيف جو پيغام آهي “زندگيءَ ۾ ڏک به آهن، پر انهن سان صبر ۽ سڪون سان نڀائڻ ئي عشق جو اصل درجو آهي۔”  لطيف سيکاري ٿو ته انسان جو اصل امتحان ان وقت آهي، جڏهن طوفان اچي، ڇو ته سڪون ۾ ته هرڪو خاموش رهي ٿو، پر درياءَ ۾ جڏهن چاڙهه اچي ٿو ۽ پوءِ قائم رهي، اهو ئي عاشق آهي۔

سنڌ جا ماڻهو جڏهن درياءَ جي ڪناري ويهي بيت ڳائين ٿا، تڏهن ائين لڳي ٿو ڄڻ لطيف پاڻ انهن سان گڏ ويٺو آهي ۽ هو پنهنجن ماڻهن، پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي رب سان ڳالهائي رهيو آهي. سندس شاعري ۽ درياءَ جي لهرن ۾ هڪ جهڙو سُر آهي، محبت جو سُر، صبر جو سُر ۽ انسانيت جو سُر۔ انهن لهرن ۾ سنڌ جو هر احساس موجود آهي؛ هڪ ماءُ جي دعا، هڪ مزدور جي محنت، هڪ عاشق جون آهون، ۽ هڪ صوفيءَ جي خاموشي۔ لطيف جو فڪر اڄ به اوترو ئي زنده آهي جيترو صديون اڳ هو. جڏهن به سنڌ ڏک ڏمر ۾ اچي ٿي، لطيف جا بيت ۽ درياءَ جون لهرون گڏجي اميد جو پيغام ڏين ٿيون۔ جيئن درياءَ هر سال نئين لهرن سان موٽي اچي ٿو، تيئن سنڌ به هر ڏک کانپوءِ نئين زندگي سان اُڀري ٿي۔

لطيف جي تعليم اسان کي ٻڌائي ٿي ته جيڪو پنهنجن ڏکن کي قبول ڪري، اهو ئي رب جي قرب تائين پهچي سگهي ٿو۔ اڄ جي دنيا، جيڪا گوڙ ۽ گهمسان سان ڀرجي چڪي آهي، لطيف جو پيغام ٻيهر نئين معنيٰ سان زنده ٿي رهيو آهي. سنڌو درياءَ جي هر لهر اسان کي ياد ڏياري ٿي ته محبت، سڪون ۽ انسانيت اڃان به زنده آهن جيڪڏهن انسان انهن کي محسوس ڪرڻ سکي وڃي۔ سنڌ جي لهرن ۾ لطيف جو پيغام اڄ به گونجي ٿو. صبر، سڪون ۽ سچائيءَ جو پيغام، محبت، ماٺ ۽ انسانيت جو درس ۽ اها دعا ته سنڌ، سنڌو درياءَ وانگر هميشه زنده، وهندڙ ۽ آبياري ڪندڙ رهي.