نئون

ڪراچي جي عوام جي ٽينڪر مافيا مان جان ڇڏائينداسين: چيف جسٽس

چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڪراچي جي عوام کي هر حال ۾ صاف پاڻي ڏيڻو آهي ۽ ان ڪري ڪراچي جي عوام جي جان ٽينڪر مافيا مان ڇڏرائينداسين. سنڌ ۾ پاڻي جي صورتحال تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار ٻڌڻي ڪئي. حڪومت طرفان سيڪريٽري آبپاشي پيش ٿيو. چيف جسٽس چيو ته سمنڊ جو حال ڏٺو آهي اهو تمام خراب آهي بوتلن ۽ غلاظت جو ڍير بڻيو پيو آهي. ان کانسواءِ روزانو 450 ملين گيلن سيوريج سمنڊ ۾ وڌو وڃي ٿو. منڇر ڍنڍ جي صفائي نه ٿيڻ ۽ خراب پاڻي جي نيڪالي تي عدالت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته 14.5 ارب رپين مان هڪ رپيو به خرچ نه ڪيو ويو آهي. مان پاڻ منڇر جو دورو ڪندس. سيڪريٽري آبپاشي جواب ڏنو ته منڇر ڍنڍ مان هر روز 300 ملين ڪيوسڪ پاڻي ملندو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ايترو پاڻي ملڻ باوجود ڪراچي جو عوام ٽينڪر مافيا جو محتاج آهي. اسان ڪراچي وارن کي هر حال ۾ پاڻي ڏينداسين. ڏهن سالن کان حڪومت ڪيو ئي ڇا آهي هاڻي اسان پاڻ ڪم ڪنداسين.