تاريخ ۾ پهرين دفعو ڪمپيوٽر ۽ انسان جي وچ ۾ بحث جو مقابلو
آءِ بي ايم جي پروگرام ڊبيٽر انسان سان بحث جو مقابلو ڪري تاريخ ٺاهي ڇڏي. انسان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فرانسسڪو ۾ سوين ماڻهن سامهون هٿرادو ذهانت واري ڪمپيوٽر پروگرام ۽ انسان وچ ۾ دلچسپ بحث مباحثو ٿيو جنهن ۾ ڪمپيوٽر باقاعدا دليلن سان بحث ڪيو. بين الاقوامي خابرو اداري مطابق سانفرانسسڪو ۾ معروف ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جي اداري انسان ۽ ڪمپيوٽر وچ ۾ اهو بحث ڪرايو انسان ۽ ڪمپيوٽر جنهن کي “ڊبيٽر پروگرام” جو نالو ڏنو ويو آهي. هن بحث واري مقابلي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪمپيوٽر بغير انٽرنيٽ سان جڙيل هوندي ئي حيرت ۾ وجهندڙ انداز ۾ تحقيقي مقالن تي ٻڌل دستاويزن جي مدد سان پنهنجو موقف ماڻهن تائين پهچايو ۽ ڏنل موضوعن تي پنهنجا دليل پيش ڪيا. ڏنل موضوعن ۾ اهو چيو ته خلائي تحقيق لاءِ سرڪاري رقم ڏيڻ گهرجي. ٻيو موضوع هو ته ڇا ٽيلي ميڊيسن لاءِ وڌيڪ سيڙپڪاري ٿيڻ گهرجي. دليلن تي ڳالهائڻ لاءِ انسان ۽ ڪمپيوٽر کي چار چار منٽ ڏنا ويا هئا، آخر ۾ ٻه ٻه منٽ پنهنجي پنهنجي دليلن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهائڻو هو. هن قسم جي مقابلي بابت سائنسدانن چيو آهي ته هي مقابلو سوچ، فڪر ۽ تحقيق لاءِ نوان دروازا کوليندو.

