هن مضمون ذريعي مان تعليم جي وزير محترم سردار شاهه کي صلاح ڏيڻ چاھيندس ته جيڪڏهن کين ھڪ ئي ٽيسٽ تي پنج سال ڀرتيون ڪرڻيون آھن ته سنڌ ۾ اڄ ئي سڀ يونيورسٽيون بند ڪرائي ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته توھان جي ناڪارا پاليسين پنجن سالن کان فريش گريجوئيٽس کي ذھني اذيت ۽ مايوسيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. نوجوانن جو ڏوهه اھو آهي ته ھو چار سال يونيورسٽين جا ڌڪا کائي پڙھيا آھن، ھو قابل آھن، پر اسان جي سنڌ حڪومت پنج سال اڳ IBA ٽيسٽ ذريعي فيل ٿيندڙ اميدوارن جن 40 مارڪون کنيون انهن سان عشق ٿي ويو آهي، خبر ناهي ته سنڌ حڪومت جي تعليم واري وزارت کي انهن جو ايترو اونو ڇو آهي. يقينن انهن جو اوور ايج ٿيڻ به سنڌ حڪومت جي غلط پاليسين جو نتيجو آهي. هن وقت ڏٺو وڃي ته سنڌ حڪومت هڪڙي غلطي مٿان ٻي غلطي ڪري رهي آهي. انهن اوور ايج اميدوارن کي نوڪري ڏيڻ جي چڪر ۾ فريش اميدوارن کي اوور ايج ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. 40 مارڪون کڻڻ وارا يعني ڊي گريڊ وارا، پنج سال پھرين ٽيسٽ تي ڀرتي ڪري پوءِ چوندا سنڌ جي تعليم تباھ آھي. ھاڻي توھين پاڻ سوچيو ايترين گھٽ مارڪن وارا ڀلا ڪھڙا تير ھڻدا ڪھڙي تعليم سڌاريندا؟ اھي ڀرتيون ته سرڪاري خزاني تي بار ثابت ٿينديون. محترم سائين سردار شاهه صاحب توھان کي ويٽنگ ۾ ويٺل نياڻين جو وڏو فڪر آھي، پر جيڪي پنج سال ٿيا آھن قابل نياڻيون يونيورسٽين مان اعليٰ ڊگريون حاصل ڪري ويٺيون آھن ڇا اھي نياڻيون نه آھن؟ ڇا اھي اوور ايج نه پيون ٿين؟ سنڌ ۾ سرڪاري نوڪري لاءِ عمر صرف 28 سال آھي، جنهن کانپوءِ اميدوارن جا فارم اوور ايج ڄاڻائي رد ڪيا ويندا آھن. انهن جو احساس ئي نه آھي ڪنهن کي به ECT ۾ سيٽون ھئڻ باوجود نياڻين کي 55 مارڪن تي ڪواليفائيڊ قرار ڏئي باقي ٻين اميدوارن کي فيل ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي. ھوڏانھن ھڪ ٽيسٽ پنج سال مدو ھليو آهي ته ٻئي پاسي ارلي چائلڊ هوڊ ايجيوڪيشن (ECT) ۾ سيٽون ھئڻ باوجود پاس نياڻين کي ڪامياب ڪرڻ بجاءِ ذھني اذيت ڏني پئي وڃي. ECT ۾ جيڪي سيٽون آھن سڀني نياڻين کي مٿان کان هيٺ تائين رکيو وڃي. ھڪ سنڌ ھڪ پاليسي ته پوءِ ھنن نياڻين کي به ڀرتي ڪيو 40 مارڪس تي. باقي سڀ ھمدرديون آھن ته 2021 ع ۾ ٽيسٽ ڏيندڙ فيل ٿيندڙ اميدوارن لاءِ ھڪ سنڌ ھڪ پاليسي ڇو نه؟ نوجوان قابل شاگردن سان ظلم ٿئي پيو، پر افسوس ڪير اسان جو داد فرياد ڪرڻ وارو ناھي.خبر ناهي ته حڪمران منسٽر سڀ ويٽنگ پيرڊ وڌائڻ جي حق ۾ ڇو آھن؟