بلاگنئون عورتن جي حَقنِ ۽ تعليمَ لاءِ کنيل بھترين وِکَ February 27, 2026 Zahida Abro تحرير: فوزيه ڪلوَڙسِنڌ جي ٻين ضلعن جي ڀيٽَ ۾ گهوٽڪي ضلعو مختلف اُلجهنن جو شِڪار رھيو آھي، اھڙي گهُٽ ۽ ٻوسٽَ واري ماحول ۾ شعور، ساڃاھَ سان سرشار ۽ فِڪري ويھڪون منعقد ڪرڻ انقلاب کان گهَٽِ نه آھن. گهوٽڪيءَ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سگا پاران ضلعي انتظاميا جي سھڪارَ سان ٽِن ڏينھن لاءِ (يارھن فيبروري کان تيرھن فيبروري تائين) ڪتابي ميلو منعقد ڪرايو ويو. ھِن ميلي جو افتتاح (11 فيبروري) ڪمشنر سکر عابد سليم ، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي منظور احمد، اسسٽنٽ ڪمشنر گهوٽڪي نويد علي کوکر، سگا ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻن ڪيو. ٽِن ڏينھن جي شاندار ڪتابي ميلي جي ميزباني روشن تارا اسڪول جي پرنسپال عرفان علي ڪَلوَڙ جي ڀاڱي ۾ آئي، جنھن وڏي فراخدليءَ ۽ خوش اسلوبيءَ سان ميزبانيءَ جا سمورا فرض سرانجام ڏنا.پھرين ڏينھن تي ڪتابن جي رونمائي رٿيل ھئي، ھي عمل نوجوانن کي موبائيل جي جادوئي سحر مان ڪڍي ڪتابن جي طرف راغب ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش آھي، جنھن کي سماج جي ھر مڪتبِ فڪرَ ساراھيو آھي. ٻيو ڏينھن صرف عورتن جي لاءِ مقرر ڪيل ھيو،ھتي صرف عورتن بابت رٿيل مخصوص ڏينھن (12 فيبروري)بابت لکڻ مقصود آھي.گهوٽڪيءَ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو عورتن لاءِ ڪتابي ميلي ۾ بھترين ۽ سازگار ماحول جوڙيو ويو، جنھن ۾ وڏي انگ ۾ عورتن شرڪت ڪئي، ھن ڏينھن تي ڪتابن جي اسٽالن کان علاوه کائڻ پيئڻ جا دوڪان ۽ ھٿ جي ھنر جا ٺھيل شاھڪار نمونا وڪري لاءِ موجود ھئا، ان ماحول جوڙڻ ۾ روشن تارا اسڪول جي پرنسپال عرفان علي ڪَلوَڙ جون ڪاوشون ساراھ جوڳيون رھيون. روشن تارا اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ھن ڏينھن تي مختلف ٽيبلوز پيش ڪيا جنھن تي سامھون ويٺل ھزارين عورتن کين ڀرپور داد ڏنو، ان کان علاوه عورتن جي حَقن بابت ڪيتريون ئي پُر مغر فڪري ويھڪون رکيون ويون، جن ۾ مھمان خاص ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو، ثمينه پارس، ميڊم شمشاد، رابعيه بلوچ ۽ ٻيون مختلف تنظيمن جي اڳوڻ عورتن سيشن ۾ حصو ورتو. جن عورتن جي بنيادي حَقن بابت ليڪچر ڏنا ۽ عورتن کي تعليم جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اتساھ ڏنو. پوري ضلعي ۾ يارھين ۽ ٻارھين جماعت جي نصابي ڪتابن کان علاوه ادبي ڪتاب موجود نه آھن، اتي ڇھن کان وڌيڪ پبلشرن جا اسٽال تمام گهڻا لاڀائتا رھيا، جتان عورتن توڙي ٻارن گهڻي تعداد ۾ ڪتاب خريد ڪيا. ھن ڪتابي ميلي ۾ عورتن لاءِ سازگار ادبي ماحول جوڙڻ تي سموري سنڌ ڏانھن ھڪ مثبت پيغام وڃي ٿو، ته عورت ھن سماج جو مکيه حصو آھي اها به اوتري ئي اھميت لھڻي. عورتن جي حقن ۽ تعليم لاءِ گهوٽڪي جو عوام، سگا ۽ ڪلوَڙ برادري جو ٿورائتو آھي، اميد ڪجي ٿي ته اھڙيون سرگرميون ھن شھر وارن جي لاءِ منعقد ٿينديون رھنديون. ڪتابي ميلي ۾ عورتن جي وڏي انگ جي شموليت دقيانوسي سوچن ڏاڍ، ظلم ۽ جاگيرداري نظام جي سخت قانونن کي رد ڪري ڇڏيو.مطلب ته ھن سماج دوست ڪتابي ميلي ۾ عورتن جي سيشن لاءِ سموري شھر جي گرلس اسڪولن، ڪاليجن ۽ عورتن جي حقن بابت جاکوڙيندڙ فلاحي تنظيمن کي خاص دعوتون ڏنيون ويون ھيون، جيڪو ھڪ مثبت عمل آھي. ضلعي انتظاميا، روشن تارا اسڪول جي پرنسپال، سگا جي اڳواڻن ۽ عورتن جي حقن بابت ڪم ڪندڙ تنظيمن کي گهرجي ته عورتن جي لاءِ ٽن ڏينھن جو شاندار ڪتابي، علمي، فڪري ۽ تعليمي پروگرام رکيو وڃي، جنھن سان عورتن ۾ اتساھ، شاگردياڻين ۾ ادب، اخلاق ۽ اتساھ پيدا ٿيندو ۽ ھنرمند عورتن جي لاءِ بھترين روزگار جو ذريعو ثابت ٿيندو. ھن ڪتابي ميلي ۾ عورتن لاءِ مقرر ڪيل ڏينھن تي عورتن لاءِ ڄڻڪه پھريون ڀيرو تفريح جو موقعو مليو ھجي، جتي بنا ڪنھن ڊپ ۽ ھٻڪَ جي ڪتاب خريد ڪرڻ، کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ ٻيون گهريلو شيون وڏي انگ ۾ خريد ڪيون. گهوٽڪيءَ جي ساڃاھ وندن سنڌي ٻولي، ثقافت، ادب ، علم ۽ خاص طور عورتن جي شعوري آزادي ۽ عورتن جي تعليم کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آھي. ھن ڪتابي ميلي ۾ اديبن، عالمن، شاعرن، ليکڪن، پاٺڪن، استادن، شاگردن، شاگردياڻين، والدين ۽ عام شھرين وڏي انگَ ۾ شرڪت ڪئي. اھڙن ڪتابي ميلن سان عورتن جي تعليم ۽ سجاڳي وڌندي، ان سان گڏوگڏ روشن خيالي جي نظريي کي پڻ ھٿي ملندي. Post Views: 76