بلاگنئون

وڏي وزير جي وزيراعظم پاڪستان سان ملاقات ڇو ۽ ڇا لاءِ؟

تاريخ 25 فيبروري اربع جي ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان هڪ اهم ملاقات ڪئي. هن وقت پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جي هڪ اهم اتحادي آهي. اهڙي وقت ۾ وفاقي حڪومت کي پنهنجي اتحادي جو خيال رکڻو پوندو. هيءَ ملاقات به وفاق کي سنڌ جي مفادن جي ياد ڏيارڻ لاءِ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم سان وڏي وزير جي ملاقات يقينن معمول واري ملاقات نه هئي، بلڪه ڏسجي ته ان مان ڪيترائي نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا. توقع آهي ته نئين مالي سال جو وفاقي بجيٽ 12 جون کان 20 جون جي وچ ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيندو. هيءَ ملاقات به بجيٽ کان اڳ جي اهم مرحلي واري ملاقات نظر اچي رهي آهي. بجيٽ کان اڳ مارچ ۽ اپريل ۾ بجيٽ جون تجويزون تيار ڪيون وينديون آهن ۽ ان ڳالهه جو قوي امڪان آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سنڌ جي انهن ميگا منصوبن جي باري ۾ ضرور ڳالهايو هوندو جيڪي وفاق کي مڪمل ڪرڻا آهن. هن وقت ڪراچيءَ جا اهم ميگا انفرااسٽرڪچر منصوبا جن ۾ ڪي فور(K-IV)  جنهن ۾ ڪراچيءَ کي پاڻي فراهم ڪرڻ وارو اهم منصوبو شامل آهي، ان کي تيزيءَ سان مڪمل ٿيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ختم ٿي سگهي.

ان کان علاوه ڪراچي سرڪيولر ريلوي کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ صوبي کي وفاقي سهڪار ۽ چيني سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. گڏوگڏ هاءِ ويز ۽ لنڪ روڊ جن کي موٽروي سان ڪراچيءَ سان ڳنڍڻو آهي انهن منصوبن تي به يقينن وڏي وزير پنهنجو موقف رکيو هوندو. هن وقت سنڌ توانائيءَ جو 60 کان 65 سيڪڙو وفاق کي مهيا ڪري ٿو. ان ۾ وِنڊ ۽ سولر انرجي پيدا ڪرڻ جي به وڏي صلاحيت آهي. سنڌ جي وڏي وزير هن وقت وزيراعظم سان ملاقات ڪري ان توانائي جي وسيلن کي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪرڻ بابت وفاق سان ڳالهيون ڪري وفاق کان سهولتن گهريون آهن. اطلاعن موجب وزيراعليٰ سنڌ 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ سنڌ ۾ جيڪي لکين گهر سنڌ حڪومت ٺهرائي متاثرن جي حوالي ڪيا آهن انهن جي فنڊز جي بروقت منتقليءَ جو به مطالبو ڪيو آهي. گڏوگڏ ڪراچيءَ ۾ پيپلز بس سروس جي واڌ ويجهه ۽ ملير ايڪسپريس وي جي وفاقي حدن واري ڪم کي تيز ڪرڻ لاءِ وفاق ۽ صوبي ۾ اتفاق ڪيو ويو. پيپلز پارٽي کي پنهنجي سياسي اهميت جي چڱيءَ ريت خبر آهي ۽ وزيراعظم سان وڏي وزير جي ملاقات اڻپورن منصوبن لاءِ فنڊز فراهم ڪرڻ کان وٺي جيڪي وفاقي حڪومت جا واعدا ٿيل آهن جن کي پورو نه ڪيو ويو آهي انهن جي ياد دهاني ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، جن مان ڪراچيءَ جي سياست تي ايم ڪيو ايم سان ڇڪتاڻ وارو مسئلو به پيپلز پارٽيءَ لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهي. هن ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم جي اهڙي دٻاءُ وجهڻ واري صورتحال کي به بحث هيٺ آندو ويو. سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته بجيٽ کان اڳ وفاقي ترقياتي پروگرامن ۾ سنڌ جي منصوبن جهڙوڪ: سکر حيدرآباد موٽروي ۽ ڪي فور لاءِ وڏي رقم رکي وڃي.

سنڌ جي وڏي وزير لاءِ عام خيال آهي ته هو هڪ سختگير نگوشيئيٽر آهي، هن ملاقات کانپوءِ اهو قوي امڪان آهي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت جا مطالبا ايندڙ بجيٽ ۾ منظور نٿا ٿين ته پيپلز پارٽي وفاق لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري سگهي ٿي. بظاهر معمولي نظر ايندڙ ملاقات حقيقت ۾ هڪ غير معمولي ملاقات هئي. چتائي ڏسجي ته اها ڳالهه واضح نظر ايندي ته وفاقي بجيٽ 27-2026 جي تياريءَ لاءِ سنڌ جي اڻپورن منصوبن جي بجيٽ ۾ پنهنجو حصو وٺڻ جي پڪ ڪرائڻ کان وٺي ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت کان بلدياتي اختيار حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪو دٻاءُ وجهي رهي آهي، ان معاملي کي وفاقي سطح تي حل ڪرڻ ۽ سنڌ  ۾ پاڻيءَ جي کوٽ واري مسئلي کي ارسا جي موجوده قانونن مطابق حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو موقف رکڻ هو. سنڌ حڪومت پنهنجي پاڻيءَ جي حصي تي ڪوبه سمجهوتو نٿي ڪرڻ چاهي. چئي سگهجي ٿو ته هيءَ ملاقات سنڌ حڪومت جي وفاقي حڪومت ڏانهن هڪ پيغام رسائڻ واري ملاقات هئي ۽ وڏي وزير وزيراعظم کي اهو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پيپلز پارٽي وفاق جي اهم اتحادي آهي ۽ سنڌ جي حقن تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو وڃي. بظاهر هيءَ ملاقات ڏاڍي خوش اسلوبيءَ سان ختم ٿي. ڏٺو وڃي ته وفاق تي پيپلزپارٽي سان گڏوگڏ ايم ڪيو ايم جو دٻاءُ به موجود آهي. هن وقت شهباز شريف هڪ اهڙي ٻيڙيءَ ۾ سفر ڪري رهيو آهي جنهن جي ٻن اهم ناکئن مان هڪ پيپلز پارٽيِ ته ٻي ايم ڪيو ايم آهي. هيءَ صورتحال اسٽيبلشمينٽ جي چيڪ اينڊ بيلنس پاليسي ڏيکاري ٿي، جيڪا سڀني ڌرين کي پنهنجي پنهنجي دائري ۾ رهڻ ۽ اختيارن کي احتياط سان استعمال ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي. هن ملاقات نه صرف وفاقي حڪومت بلڪه اسٽيبلشمينٽ کي به اڻ سڌو هڪ پيغام ڏنو آهي ته اسان جا آئيني مطالبا پورا ڪيا وڃن. جيڪڏهن هن ملاقات مان گهربل نتيجا نڪرندا ته مراد علي شاهه جي قيادت پارٽيءَ اندر اهو ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي ته هو سنڌ جي حقن لاءِ اسلام آباد ۾ جيڪا ويڙهه وڙهي رهيو آهي ان ۾ کيس ڪاميابي حاصل ٿي آهي.