سنڌ حڪومت جي کنيل قدمن کان مرڪز ناخوش
ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي ڪجهه شرطون ٻڌايون ويون هيون جنهن مطابق سنڌ صوبي کي به عملي قدم کڻڻا هئا جنهن ڏس ۾ مرڪز پاران سنڌ طرفان کنيل قدمن تي غير مطمئن هئڻ جو اظهار ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي مني لانڊرنگ ۽ اين جي اوز جي رجسٽريشن بابت عملي قدم کڻڻ لاءِ چيو ويو هو. ايف اي ٽي ايف پاران چيو ويو هو ته ملڪ اندر ايندڙ بيروني ناڻي تي نظر رکي وڃي جيئن دهشتگردي کي ختم ڪري سگهجي. ڪالهه نيڪٽا جي ڊائريڪٽر جنرل، پرڏيهي وزارت جي آفيس ۽ هوم سيڪريٽري ۽ ٻين اختيارين وچ ۾ ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ سنڌ پاران کنيل قدمن تي غور ڪيو ويو. ميٽنگ بعد صحافين سان ڳالهائيندي هوم سيڪريٽري چيو ته سنڌ اندر 10 هزار اين جي اوز آهن جنهن مان 4000 هلي رهيون آهن ۽ جن مان 1250 پنهنجون آڊٽ رپورٽون جمع ڪرايون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هوم سيڪريٽري عبدالڪبير خان چيو ته سنڌ حڪومت ايف اي ٽي ايف جي شرطن تي ڪم ڪندي اين جي اوز کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. ان کان علاوه اهڙين اين جي اوز جي لسٽ به تيار ڪئي پئي وڃي جيڪي بنا رجسٽريشن هلي رهيون آهن. جنهن کان علاوه صوبي اندر قرباني جي جانورن جي کلن ۽ انهن جي ڪاروبار بابت به رپورٽ تيار ڪئي ويندي.

