دنيا ۾ سونهن جي راڻي سڏي ويندڙ ليڊي ڊيانا جي پيدائش 1 جولاءِ 1961 سينڊرنگهم نار فولڪ انگلينڊ ۾ ٿي. ليڊي ڊيانا ننڍپڻ ۾ ئي سهڻي ۽ سلڇڻي ڇوڪري طور سڀني کي وڻندي هئي. هن جي والدين کي ڊيانا جي سونهن ۽ سڀاءَ جي ڪري تمام گهڻي عزت ۽ احترام ملندو هو. ليڊي ڊيانا ننڍپڻ کان وٺي سائيٿيري ۽ مثبت سوچ جي جذبي سان سرشار هئي. ڊيانا پارڪ هائوس ۾ پيدا ٿي هئي، اهو گهر جيڪو سينڊرنگهم ۾ راڻي ايلزبيٿ جي ملڪيت هو ۽ هن جي والدين اهو گهر ڪرائي تي ورتو هو، جتي ڊيانا جي ننڍپڻ جا راند روند جا ساٿي راڻي جا ننڍا پٽ، پرنس اينڊريو ۽ پرنس ايڊورڊ هئا. سندس والدين پسند جي شادي ڪئي هئي جيڪا طلاق تي ختم ٿي وئي. والدين جي جدا ٿيڻ کانپوءِ ڊيانا پنهنجي ڀاءُ ۽ ٻن ڀينرن سان گڏ پنهنجي پيءُ سان گڏ رهندي هئي، سندس پيءُ 1975 ۾ ارلڊم جو اسپينسر ٿي ويو ۽ هوءَ ليڊي ڊيانا اسپينسر بڻجي وئي. ريڊلس ورٿ هال پريپريٽري اسڪول، ويسٽ هيٿ گرلس اسڪول نار فاڪ ۽ ڪجهه وقت هوم اسڪول ۾ به تعليم حاصل ڪئي. سوئيٽزرلينڊ جي مونٽريڪس ۾ چيٽو ڊي اوڪس جي فنشنگ اسڪول ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ ڊيانا انگلينڊ واپس آئي ۽ پمليڪو ۾ فيشنيبل ينگ انگلينڊ اسڪول جي ڪنڊرگارٽن اسسٽنٽ بڻجي وئي. جڏهن اسپينسر شهزاديءَ کي شهزادي چارلس پهريون دفعو ڏٺو ته مٿس دل قربان ڪري ويٺو ۽ ڊيانا کي شهزادي چارلس شاديءَ جو پيغام موڪليو. ليڊي ڊيانا ۽ ان جي فيملي اهو رشتو خوشدليءَ سال قبول ڪري ورتو ۽ سندن مڱڻيءَ جو اعلان بڪنگھم پيلس ۾ ڪرڻ کانپوءِ 1981 ۾ شهزادي چارلس ويلز ۽ شهزادي ڊيانا جي شادي ٿي ۽ ٻنهي ڄڻن مڪمل طور تي بڪنگھم پيلس ۾ رهائش اختيار ڪئي، سونهن جي راڻي ليڊي ڊيانا جو من موهيندڙ انداز دنيا ۾ ڏينهون ڏينهن مقبوليت ماڻيندو رهيو. 29 جولاءِ 1981ع تي شهزادي ڊيانا ۽ شهزادي چارلس بڪنگھم پيلس لنڊن جي بالڪوني مان ويهي ڪيترين ئي ڪنوارن کي آشيرواد ڏيندا رهيا. شاديءَ کانپوءِ شهزادي ڊيانا شهزادي چارلس گڏجي هني مون لاءِ اسڪاٽ لينڊ جي ابرڊين شائر جي بالمورل قلعي جو انتخاب ڪيو، هن شاهي جوڙي جي هني مون جي سيڪيورٽي کي راز ۾ رکيو ويو ته جيئن شهزادو ۽ شهزادي هني مون مان لطف اندوز ٿي سگهن. 1982ع ۾ ليڊي ڊيانا سينٽ ميري اسپتال لنڊن ۾ هڪ ٻار کي جنم ڏنو، نئين ڄاول ٻار جو نالو پرنس وليم رکيو ويو. 1985ع ۾ ليڊي ڊيانا هڪ ٻئي شهزادي کي ساڳي استپال ۾ جنم ڏنو، جنهن جو نالو پرنس هيري رکيو ويو. ليڊي ڊيانا جي خوبصورتي ۽ شرميلي رويي جنهن کيس “شائي ڊي” جو لقب ڏياريو، هن کي ميڊيا ۽ عوام فوري طور تي هڪ سنسني خيز شخصيت بڻائي ڇڏيو. 15 سيپٽمبر 1984 تي شهزادي ڊيانا ۽ پرنس چارلس آسٽريليا جي دوري کانپوءِ نيو ڪاسل جو دورو ڪيو ۽ اهڙي طرح شهزادي ڊيانا بي بي سي جي پينوراما پروگرام لاءِ 1995 ۾ مارٽن کي انٽرويو ڏنو. قدرتي خوبصورت دلڪش چهرو ۽ ڪرشماتي شخصيت جي بدولت هوءَ پنهنجي مشهور شخصيت جي حيثيت کي ڪيترن ئي خيراتي ڪمن جي مدد لاءِ استعمال ڪندي رهي ۽ سندس بدلجندڙ وارن جو انداز ۽ وارڊ روب هن کي فيشن جو ٽرينڊ سيٽر بڻائي ڇڏيو. ٻئي پاسي پردي پويان شهزادي ۽ شهزادي جي وچ ۾ ازدواجي مشڪلاتون به وڌي رهيون هيون. ڊيانا سخت پوسٽ نيٽل ڊپريشن ۽ بي اعتمادي جو مظاهرو ڪندي، سرڪاري ميڊيا شاهي ڏسندڙن ۽ ٽيبلوئڊ پريس خاص طور تي پاپرازي جي وڌندڙ دٻاءُ سبب جدوجهد ڪري رهي هئي. ازدواجي تعلقات ٽٽڻ ۽ باهمي الزامن سبب ڪافي سوال اٿارڻ واري سوانح عمري ۽ ٻنهي پاسن کان بيوفائي جي اعتراف جي وچ ۾ هڪ فرق واضح ٿي ويو ۽ هي شاهي جوڙو 1992 ۾ باضابطا طور تي ڌار ٿي ويو. جڏهن اينڊريو مورٽن جو متنازع ڪتاب “ڊيانا هر ٽرو اسٽوري” 1992 ۾ شايع ٿيو، ان ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. سندس ٻئي پاسي 1995 ۾ مارٽن بشير سان هڪ غير معمولي طور تي ذاتي زندگي واري ٽيليويزن انٽرويو ۾ ڊگهين ڳالهين کانپوءِ ڊيانا کي هڪ اهم مالي حل ملي ويو، پر هر رائل هائينس جي لقب کانسواءِ هن شاهي جوڙي جي طلاق جو اعلان 28 آگسٽ 1996 تي حتمي طور ٿي ويو. شهزادي ڊيانا کي پيپلز پرنسيس جو لقب ڪيئن مليو؟ شهزادي ڊيانا جي زندگي بابت اها معلومات ڪٿان حاصل ڪري سگهجي ٿي ته هوءَ پيپلز پرنسيس جي نالي سان ڪيئن مشهور ٿي. شهزادي ڊيانا 18 آڪٽوبر 1990 تي ٽينٽرڊن ڪينٽ انگلينڊ جي دوري دوران عوام سان ملاقاتون ۽ شهزادي ڊيانا 1989 ۾ لنڊن جي سينٽ ميري اسپتال جي ايڊز يونٽ ۾ مريضن جي مدد سان گڏوگڏ انهن مريض جو خيال به رکندي رهندي هئي. 1992 ۾ قائم ڪيل بين الاقوامي بارودي سرنگن تي پابندي لڳائڻ جي مهمICBL جي 20 هين سالگره جي موقعي تي هڪ وڊيو پيغام ۾ ويلز جي شهزادي ڊيانا جي فوٽيج ۽ بارودي سرنگن جي متاثرين سان سندس ڪم واريون تصويرون ۽ وڊيو شايع ڪيا ويا. ڊيانا پنهنجي اعليٰ عوامي پروفائل کي برقرار رکندي ڪيترن ئي سرگرمين کي جاري رکيو جيڪي هن اڳ ۾ خيراتي ادارن جي طرفان ڪيون هيون. هوءَ فن، ٻارن جي مسئلن ۽ ايڊز جي مريضن جهڙن مختلف سببن جي حمايت ۽ مالي سهائتا ڪندي رهي. اهو يقيني بڻائڻ لاءِ ته وليم ۽ هيري کي ماڻهن جي جذبات ۽ انهن جي عدم تحفظ ۽ پريشاني کي به محسوس ڪندي رهئي. ڊيانا پنهنجن پٽن کي اسپتالن بي گهر ماڻهن جي لاءِ پناهه گاهن ۽ يتيم خانن ۾ پاڻ سان گڏ وٺي ايندي هئي. انهن کي شاهي استحقاق کان ٻاهر جي دنيا سان واقف ڪرائڻ لاءِ ته جيئن انهن کي دنيا جي حقيقتن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ٿي سگهي. ان لاءِ ڪڏهن ڪڏهن هوءَ کين پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ به وٺي سفر ڪندي هئي. سندس رحمدلي، ذاتي گرمجوشي ۽ عاجزي جي ڪري هن کي عوام جي شهزادي جو لقب مليو. فرانس ۾ شهزادي ڊيانا، دودي الفايد سان ڪار جي حادثي ۾ 1997 ۾ پنهنجي زندگي وڃائي ويٺي. سندس موت جي خبر سڄي دنيا ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي ۽ پوري دنيا ۾ ماتم واري صورتحال برپا ٿي وئي. طلاق کانپوءِ به ليڊي ڊيانا جي مقبوليت ۾ تر جيترو فرق نه آيو. جيتوڻيڪ سندس زندگيءَ ۾ پاپرازي اڪثر مداخلت ڪندڙ هئا. فرانس ۾ به اهو صحافين جو ٽولو سندس پٺيان لڳل هو جنهن کان بچڻ جي لاءِ ڊرائيور هينري پال سان گڏ 1997 ۾ پيرس جي گهٽين هيٺان هڪ سرنگ ۾ هڪ حادثي ۾ پنهنجي جان وڃائي ويٺي. فوٽو گرافرن جي ڪارڻ دنيا جي شهزادي هڪ روڊ حادثي ۾ پنهنجن مداحن کي اڪيلو ڪري وئي اهڙي طرح فرانسيسي جج به انهن فوٽو گرافرن کي شهزادي ڊيانا جي موت جو قصوروار قرار ڏنو. اسپينسر پرنس وليم ۽ پرنس فلپ پرنسيس ڊيانا جي تابوت سان گڏ لنڊن جي ويسٽ منسٽر ايبي مان سندس تابوت سان گڏ جڏهن لنگهي رهيا هئا ته ان وقت جون ايلٽن ۽ برني ٽوپن ڪينڊل ان دي ونڊ جيڪو اصل ۾ اداڪارا مارلن منرو جي ياد ۾ لکيل آهي شهزادي ڊيانا جي تعريف ڪرڻ لاءِ ڳائي کيس ڀيٽا ڏني. سندس جنازي جون آخري رسمون سڌو سنئون ٽيليويزن تي ڏيکاريون ويون.