بلاگنئون حورِ عرب August 11, 2025 Zahida Abro ڳچ سال اڳ عيد جي ٻئي ڏهاڙي ڪنهن دوست جي دعوت تي سيتاروڊ شهر وڃڻو هو. تنهنڪري ٻئي ڏهاڙي فجر مهل گهران نڪري واڪ ڪندو ايگريڪلچر ڪامپليڪس وٽ رڪشا سواري هٿ ڪئي ته جيئن ويگن اسٽاپ پهچي سگهجي. اڃان فجر جي اونداهي باقي هئي ته عين وقت هڪ اڪيلي، نوخيز ۽ خوبرو صِنف نازڪ وحدت ڪالونيءَ جي ڳليءَ مان نڪرندي رڪشا ڊرائيور کي بيهڻ جو اشارو ڪيو، جنهن رڪشا بيهاري کيس چيو ته مون ساڻ اڳ ۾ ئي سواري ويٺل آهي، تنهنڪري تون ڪنهن ٻئي رڪشا اچڻ جو انتظار ڪر، پر هن پنهنجي بيوسي ۽ مجبوري جو احساس ڏياريندي چيو ته مونکي به کڻي هل جيڪو به ڪرايو چوندين ته آئون ڏينديس.رڪشا ڊرائيور مون ڏانهن ڏسندي چيو ته اوهان کي ڪو اعتراض نه هجي ته هن ويچاريءَ کي کڻي هلجي ۽ پوءِ مون به هن جي گڏ هلڻ تي ڪو اعتراض نه ڪيو. اهڙي طرح هوءَ مونکي شُڪريا ڀائي صاحب چئي مون سان گڏ ويهي رهي. صبح ساجهر جا ڪرڻا نڪري نروار ٿي رهيا هئا، جنهن جي روشنيءَ ۾ هوءَ ڏاڍي دلفريب ۽ پرڪشش لڳي رهي هئي. سندس هٿن ۽ ٻانهن تي مينديءَ جي چٽسالي، مُکڙي تي فيس ميڪ اپ ۽ ريشمي ڪپڙن تي پرفيوم جي لشڪاري جي مسحورڪن خوشبو رڪشا جي ماحول کي مهڪائي ڇڏيو هو. پَل کن ۾ پٺاڻ ڪالوني پيٽرول پمپ اسٽاپ وٽ رڪشا پهتي ته هن ڊرائيور کي اتي بيهڻ جو چيو ۽ ڪرايو ڏئي اڳتي رواني ٿي ۽ پوءِ رڪشا ڊرائيور مونکي ويگن اسٽاپ ڇڏڻ جي لاءِ رستي ۾ مون کي مخاطب ٿيندي چيو ته صاحب! اها عورت نه پر “کدڙو فقير” هو جنهن کي عيد رات جي رس چس لاءِ ڪوارٽر تي گهرايو ويو هوندو. منهنجي حيرانگيءَ تي ڊرائيور وڌيڪ چيو ته هتي اهو قصو عام جام آهي. اسان ماڻهن جي ذوق ۽ شوق ۾ اهو ئي فرق آيو آهي. اهي ڳالهيون ڪندي ويگن اسٽاپ تي رڪشا واري مونکي ڇڏيو ۽ آئون سيتا روڊ شهر وڃڻ لاءِ روانو ٿيس ۽ مسافري دوران ان واقعي تي سوچيندو رهيس. تڏهن مونکي ننڍپڻ ۾ ميلن ۽ ملاکڙن ۾ گهمڻ دوران کدڙا فقيرن جا پنڊال کچا کچ نظر ايندا هئا، جتي شائقين جو کدڙن سان هٿ کيس، ڳٽا پٽ، چُمي ڀاڪر توڻي ٻيون شرمناڪ حرڪتون به نظر اينديون هيون ۽ اڄ به ساڳيو حال آهي. 90ع واري ڏهاڪي دوران سنڌ جي ڏاهي ليکڪ نصير ميمڻ شاهه ڀٽائي رحه جي ميلي جي رپورٽ ڪندي اهڙن غليظ واقعن هجڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو هو. سنڌ ۾ هر سال ميلن ۽ ملاکڙن ۾، جتي روايتي تقريبن جهڙوڪ ملهه، ڪوڏي ڪوڏي راند، اٺن، ڏاندن ۽ گڏهن جي گوءِ توڙي راڳ رهاڻ جون محفلون رچايون وينديون آهن ته اُتي خوبصورت ڇوڪرن جو ناچ گانو ۽ کدڙا فقيرن جا پنڊال شائقين جي وندر لاءِ “حورِ عرب” جي بينر هيٺ هميشه سجايل هوندا آهن.*** Post Views: 313