ادبشاعرينئون شاعري April 15, 2024 Zahida Abro (سَنگرارَ جي اَغوا ٿيل مَعصُوم نِياڻِي “پِريا ڪُمارِيءَ” جي نانءُ) هُجِين شَلَ سَلامَت او پِريا ڪُمارِي…! ساقي ابڙو اَبي جِي دُلارِي اَمَڙِ جِي پِيارِي، هُجِين شَلَ سَلامَت او پِريا ڪُمارِي! اَمَڙِ کي جُدائِيءَ تَه جهوري وِڌو آ، اَبي کي وِڇوڙي به ماري ڇَڏيو آ، ٻِنهي جي اَکِين مان اَٿئِي لُڙڪَ جارِي، هُجِين شَلَ سَلامَت او پِريا ڪُمارِي! هُتي تُون بِه هَنجُون تَه هارِيندِي هُوندِيئَن، اَبي ۽ اَمان کي بِه سارِيندِي هُوندِيئَن، هُوندَئِي روئِي روئِي پَنھِنجِي جانِ ڳارِي، هُجِين شَلَ سَلامَت او پِريا ڪُمارِي! ٻُڌُون ٿا آ “سَنگرارَ” ۾ هِڪَ “حَويلِي”، جِتي باندِي بَڻجِي رَهِين ٿِي اَڪيلِي، ڏُکَن جُي ڏکايَلَ ۽ دَردَن جِي مارِي، هُجِين شَلَ سَلامَت او پِريا ڪُمارِي! تُنھِنجي مُعامِلي تي حُڪُومَتَ بِه چُپِ آ، رِياسَتَ به چُپِ آ عَدالَتَ به چُپِ آ، مَگَر آهي تو لئِه اُٿِي سِنڌُ سارِي، هُجِين شَلَ سَلامَتَ او پِريا ڪُمارِي! خُدا تُنھِنجو نِياڻِي نِگَھبانُ آهي، ڪُندو رَبُ رَحَمُ ڇو جو رَحمانُ آهي، خَتَم نيٺِ ٿِيندِي اِها راتِ ڪارِي، هُجِين شَلَ سَلامَت او پِريا ڪُمارِي! ڌَڻِيءَ دَرِ دُعائُون گُهري پِيو ٿو “ساقِي”، لُڇِي تَڙپِي تَڙپِي لِکي پِيو ٿو “ساقِي”، وَرِي اِيندِي آخِر اَوهان تي وَلهارِي، هُجِين شَلَ سَلامَت او پِريا ڪُمارِي! *** غزل ساحر راهو ڌِيان جي زمين تي، نِگاھ جي تلاءَ ۾، خيال ها زرد پن، ڇڻيا ٿي تيز واءَ ۾. لپيٽا لِحاظ جا، اوهان نفيس آسِرا، دليل منهنجا ڌُوڙِ ٿيا، ها تلخين جي تاءَ ۾. لِباس سان لِباس جي، زماني رات ڀيٽ ڪئي، لُڙهي اکين جي مُهذبي، سفاڪ هڪ انياءَ ۾. مِثال بي مِثال ها، ڌِڪار جا حِقار جا، اوهان جي چائنٺ جي چمي، اسان جي پر تڳاءَ ۾. ڪلال تنهنجي ڪم سِني، ۽ پياڪ جي دراز دل، ملي پون تہ تِيرِگي، سهيڙجي شُعاعَ ۾. حِجاب کي حِجاب آ، طواف کان ته دل چري، حُباب جهڙيون خواهشون کڻي رکُ نِماءَ ۾. اڏول ڪنهن ٽڪر جيان، نِٺر نِڊر ۽ نودُ هُئي، اچي الائي ڪيئن وئي، اوهان جي دل دٻاءَ ۾. *** مسافر هاليپوٽو نثري نظم ”خودڪشيون“ خودڪشيون ايئن ته ناهن ٿينديون!! پل پل مربو آھي… پل پل ٻربو آھي… مري مري جيئبو آھي… ۽ جِي جِي مربو آھي… رشتا زهر پياري جيئڻ جو چوندا آھن ويساه ۾ باھ ٻاري کلڻ جو چوندا آھن سهارا ٿڪي پوندا آھن… زندگي بوجهه بنجي پوندي آھي… هڪ هڪ پل ابتو ٽنگجي جيئڻو پوندو آھي نه روئڻ ڏيندا آھن نه کلڻ سهندا آھن!!! “تو باھ ۾ سايون ڪاٺيون ٻرندي ڏٺيون آھن؟ ٻري وينديون آھن پر سندن پڄريل وجود مان پاڻي اُڀامي ٻاهر نڪري ايندو آھي!!” “بلڪل ايئن ئي پنهنجن جي ڪيل بيوفائي پنهنجي پاڻ جي بيوسي ۽ روين جي بي رحمي اندر جي حسين خوابن جو قتل روز روز جا جھيڙا رنج رساما… زندگيءَ جون حسرتون… ماضي جون پيڙائون… حال جون ضرورتون، خواهشون ٻارن جو آئيندو… ملڪي سطح تي وڌندڙ ناانصافيون بي انتها مهانگائيءَ… جي پيداوار بي حيائيون ۽ غلاظتون… بُرايون… اڻَ برابريون… پنهنجي گھر ۾ غير محفوظ ھجڻ جو ڊپ خواهشن جو قتل… مستقبل جو فڪر… اذيتن جا ڊگھا پنڌ… سوچن جا اڻ کُٽ سلسلا بي سبب نفرتون… ذھني آنڌ مانڌ بي چيني راتين جا اوجاڳا ذھني سڪون جو طويل ڏڪار ۽ آرام جون مسلسل گوريون… انسان کي انهن سائين ڪاٺين جيان پڄرائي ۽ پچائي ڇڏينديون آھن…” خودڪشيون بي سبب ته ناهن ٿينديون؟؟ خودڪشيون ايئن به ناهن ٿينديون هڪ ڊگھو نيساڪو پنهنجو پاڻ ۾ مري وڃڻ… ڊگھي آھ… خودڪشيون ايئن ناهن ٿينديون خودڪشيون هڪ ڀيانڪ انت آھن خودڪشيون جيت جهڙيون شڪستون آھن پر خودڪشيون ايئن ناهن ته ٿينديون… پر الائي ڇو مونکي محسوس ٿو ٿئي هي سڄو سماج مون جيئان سوچي پيو پچي پيو پڄري پيو ڇا هي سڄو سماج خودڪشين جي هڪ ڀيانڪ تاريخ ڏانهن ڊوڙي رهيو آھي…!!؟ ڇو ته خودڪشيون ايئن ته ناهن ٿينديون….!! (اردو جي شاعره ساڪشي صدف جي خودڪشي تي لکيل) *** چوسٽو ڊاڪٽر ذڪيه ڏاهري محبت به ماءُ آھي، دلين جو ويساھه آھي، وک وک تي آس، رشتن جو اتساھه آھي. *** غزل مرتضيٰ جمالي جوهي جان درد مان ڇڏاءِ رب يا ته پاڻ ڏي گهراءِ رب مان ۽ هو ملون کلون وري وقت سو وري وراءِ رب غم منجهان نه خدڪشي ڪيان ان گناھ کان بچاءِ رب منهنجي تر ۾ ساوڪون هجن کوٽ پاڻي جي کٽاءِ رب *** Post Views: 188