نئون

 اتر ڪوريا جي ايئرپورٽ تي روبوٽ مقرر

اڄڪلهه سڄي دنيا ۾ روبوٽن جو استعمال عام ٿيندو پيو وڃي. روبوٽن جتي انسانن جا ٻيا ڪم پنهنجي سر تي کنيا آهن ساڳئي وقت هاڻي اهي اتر ڪوريا جي ايئرپورٽ تي به مقرر ڪيا ويا آهن. اتر ڪوريا جي شهر انچيان جي ايئرپورٽ تي ٻه روبوٽ مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪي اچڻ وارن مسافرن کي ڀليڪار ڪندا رهن ٿا ۽ انهن کي ايئرپورٽ جي باري ۾ ضروري معلومات به ڏيندا رهن ٿا. ۽ سندن رهنمائي ڪري کين رستو به ٻڌائيندا رهن ٿا. ان کان علاوه هي روبوٽ ايئرپورٽ جي صفائي جو ڪم به سنڀالين ٿا. ايئرپورٽ تي موجود ڳالهائيندڙ گهمندڙ ۽ خدمتون انجام ڏيندڙ روبوٽ عوام ۾ به مقبوليت ماڻي رهيا آهن.