رولز 2017 تحت آفيسرن جون تقريرون ۽ بدليون آءِ. جي سنڌ ڪندو
آءِ. جي سنڌ اي. ڊي خواجه سنڌ ۾ بدلين ۽ مقررين ۽ سندن مقررين جي مدي بابت “سنڌ پوليس ٽرانسفر، پوسٽنگ رولز 2017” جو مسودو تيار ڪري سنڌ سرڪار حوالي ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ تحت ڪابينا آڏو پيش ڪيو ويندو. رولز 2017 تحت آءِ. جي سمورن پي ايس پي آفيسرن سميت ٻين سڀني پوليس آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪري سگهندو سواءِ انهن جي جن جا اختيار هُن ماتحت آفيسرن کي ڏنا هوندا. رولز 2017 تحت ڪمانڊ پوسٽ تي ڪنهن به آفيسر کي مدو پورو ٿيڻ کان اڳ بنا ڪنهن قانوني سبب جي هٽائي نٿو سگهجي.

