بلاگنئون

خلق جو حقيقي خدمتگار محمد حنيف جانو

عوام جي ڀلائي بهترين عبادت آهي. ڀلو ماڻهو اهو آهي، جنهن مان ٻين کي فائدو پهچي. ڇو ته سماج جو سڌارو ۽ ڀلائي انهيءَ راز ۾ لڪل آهي ته انسان هڪٻئي جي ڀلائي ۽ همراهي جو پاڻ ۾ جذبو پيدا ڪري. هيءُ گڻ انسان جي عزت ۽ عظمت جو ضامن آهي. حقيقت اها آهي ته پنهنجن ۽ پراون جي دلين ۾ هي وصف انسان جو مان وڌائيندي آهي. جن انسانن پنهنجي حياتي ٻين لاءِ وقف ڪئي، غريبن ۽ بيواهن جي خدمت ڪئي، ساڻيهه جي مسڪين ماروئڙن لاءِ زندگي قربان ڪئي، تن جو نالو ساڻيهه جي تاريخ ۾ قائم ۽ دائم رهندو۔ ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته جيڪي ماڻهو ڪنهن قوم جي خدمت لاءِ عمريون وقف ڪندا آهن تن کي لکڻ لاءِ ڏينهن نه پر صديون گهربل هونديون آهن۔ اڄ جنهن شخصيت تي هيءَ ننڍڙي تحرير قلمبند ڪري رهيو آهيان سو پاڻ لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نٿو سمجهان۔ هيءَ اها عظيم شخصيت آهي جنهن کي مون اکين سان غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي پنهنجي هٿن مبارڪن سان خدمت ڪندي ڏٺو آهي۔ اهڙي سماج سڌارڪ ۽ انساني خدمتگار کي چند لفظن جو نذرانو پيش ڪرڻ پيو چاهيان۔ ڇو ته دنيا ۾ ڪي انساني خدمتگار اهڙا به آهن جيڪي پنهنجي نالي ظاهر ڪرڻ بنا ڪم ڪن ٿا ۽ تاريخ انهن کي سونهري اکرن ۾ بيان ڪندي آهي۔ ڇو ته خلق جي خدمت ڪرڻ وارا عظيم انسان ھوندا آھن جيڪي صدين کانپوءِ پيدا ٿيندا آھن انھن جي ياد انھن جو ڪم انھن جي ڪيل خدمت ھميشه ياد رھندي آھي. محترم محمد حنيف جانو صاحب جنھن جتن ڪري پوري ساهتي پرڳڻي جي ستايل ۽ ڏکويل انسانن کي سھائو ڏنو۔ پاڻ يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت پاڪستان جون ذميواريون کڻي صحت جهڙي حساس شعبي ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. ڇو ته غربت سبب ماڻهو پنهنجو علاج ڪرڻ کان به محروم هئا 90 واري ڏهاڪي ۾ سڀ کان اڳ هن هڪ سروي ڪرائي ته هن ساهتي پرڳڻي ۾ ڪهڙيون بيماريون عام آهن جن جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪم ڪجي۔ سروي رپورٽ ۾ علائقي جا 50 سيڪڙو ماڻهو ٽي۔ بي جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا نظر آيا جنهنڪري ٽيم سان صلاح مشوري بعد ڳوٺ کاهي ممن ۾ ٽي۔ بي پراجيڪٽ شروع ڪيائين جنهن ۾ هر مهيني ڪراچي کان ڊاڪٽرن جون ٽيمون گهرائي مهيني مهيني جون دوائون مفت ڏيئي ٻارڙن، مردن، عورتن توڙي بزرگن جو علاج ڪرائيندا رهيا ايتري تائين جو ٻن ڪمرن تي مشتمل جڳهه پڻ اسپتال لاءِ مختص ڪيائين هي اهو دور هو جو سرڪار وٽ ٽي۔ بي پراجيڪٽ جو ڪو پلان ئي نه هو ۽ مسلسل 9 مهينا مريض کي دوائون ڏيڻ ۽ هر مهيني باقاعده چيڪ اپ ڪرائڻ تمام ڏکيو عمل هو، پر جانو صاحب هر علائقي ۾ پنهنجا والنٽيئر مقرر ڪيا ۽ انهن کي مريضن جي نگراني ڪرڻ جو ڪم سونپيو۔ ڪجهه سالن اندر علائقي مان ٽي۔ بي جهڙي موذي مرض جو گهڻي قدر خاتمو ٿي ويو۔ ٻئي پاسي سنڌ سرڪار جاڳي پئي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ ٽي بي پراجيڪٽ شروع ڪيو تنهنڪري پاڻ هيلٿ ڪاميٽيءَ جي راءِ تي ڪو ٻيو پراجيڪٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو۔ وقت گذرندي سندس سرپرستيءَ هيٺ هيپاٽائيٽس جي سروي ڪيائين اهو پروگرام به سرڪار جي نظرن کان وانجهيل هو تنهنڪري سڀ کان اڳ صرف ڳوٺ کاهي ممن ۾ پنهنجي خرچ تي اسڪريننگ ڪرايائين ته 10 سيڪڙو ماڻهو هيپاٽائٽس بي ۽ 5 سيڪڙو هيپاٽائٽس سي ۾ مبتلا نڪتا تنهنڪري پوري علائقي اندر اسڪريننگ کان وٺي ويڪسين توڙي ميڊيسن ڏيڻ لاءِ ميڊيڪل عملو مقرر ڪيائين۔ ائين يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت پاڪستان جي پليٽ فارم تان سڄو سال غريب مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن خاص طور بيواهه عورتن جي مالي سهائتا ۽ اسڪولي شاگردن توڙي شاگردياڻين جي امداد ڪرڻ سان گڏ اکين جي نور کان محروم ماڻهن لاءِ سالانه مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي ويندي آهي جنهن ۾ ٽن ڏينهن جي او۔ پي۔ ڊي دوران چيڪ اپ، دوائون لينس ۽ کاڌو پيتو پڻ مفت فراهم ڪيو ويندو آهي اهي سمورا خرچ محمد حنيف جانو جي سهڪار سان ٿيندا آهن۔ پاڻ هن وقت بزرگيءَ واري وقت ۾ آهي ڇو ته سندس عمر لڳ ڀڳ 80 سال آهي پر پاڻ دنيا جي آرام آسائشن لذتن ۽ راحتن کي ٺڪرائي انسان ذات جي خدمت ڪرڻ کي اهميت ڏئي ٿو۔ پاڻ محبوب مرسل حضرت محمد مصطفيٰ صلي اللہ عليه وآله وسلم جي مٺڙي مرڪ ۽ ديدار جي ھڪڙي جھلڪ تان پنھنجي سڄي زندگي گھوري ڇڏي آهي۔ ھن عظيم انسان حقوق الله سان گڏ حقوق العباد جي وسيلي درد مندن کي دردن جو درمان ڏنو، ڀليلن کي سڌي راھه ڏيکاري، ذات پات، اوچ نيچ، فقيري اميري، پيري مريدي جا سڀئي ڳٽ ٽوڙي پيار محبت ڪردار عمل ۽ انسانيت جي پرچار ڪئي۔ شال محمد حنيف جانو جهڙا املهه انسان سدا سلامت هجن ۽ سندن انسانيت خاطر ڪيل ڪوششون تاقيامت جاري رهن۔