پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

حڪومت نئين بجيٽ ۾ 40 ارب جا نوان ٽيڪس لڳائڻ سان گڏ 70 ارب جي ڇوٽ ختم ڪندي

حڪومت مهانگائي جي ور چڙهيل عوام مٿان 40 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ سميت 70 ارب رپين جي ڇوٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. تفصيلن موجب کنڊ تي 7، کاڄري تيل تي 5 ۽ ٽريڪٽرن تي 5 سيڪڙو سيلز ٽيڪس کي وڌائي 18 سيڪڙو ڪندي. ان کان علاوه ايندڙ بجيٽ ۾ سيلز ٽيڪس ۾ به سخت فيصلا  ڪندي. جنرل سيلز ٽيڪس 17 مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪيو ويندو ان هڪ سيڪڙي جي وڌڻ سان 40 ارب رپين جو بار عوام تي پئجي ويندو. ان کان علاوه ايندڙ بجيٽ ۾ ٽيڪس ڇوٽ جي رقم 6 لک رپيا رکي ويندي. ايف بي آر مطابق موجوده مالي سال جي بجيٽ ۾ ڪپهه جي درآمدي ڊيوٽي زيرو ڪئي وئي هئي، جيڪا نئين بجيٽ ۾ 3 سيڪڙو ڪرڻ سان گڏ 2 سيڪڙو ايڊيشنل ڊيوٽي لڳائي ويندي.