خاصنئون

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن رتوديرو ۾ ايڊز بابت تحقيقات ڪندي

لاڙڪاڻي جي تعلقي رتيديري ۾ ايڊز پکڙجڻ واري معاملي تي تحقيق ڪرڻ لاءِ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پنهنجو وفد موڪلي ڇڏيو آهي. WHO جي هن وفد ۾ ايمرجنسي ريسپانس مئنيجمينٽ، ايڇ آءِ وي ڪلينيڪل ڪيئر، انفيڪشن ڪنٽرول جي ماهرن سميت يو اين ايڊز، يونيسيف ۽ گلوبل آئوٽ بريڪ ريسپانس نيٽ ورڪ جا ماهر شامل آهن. ماهرن تي ٻڌل هي وفد رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي تي تحقيقات ڪرڻ ايڇ آءِ وي سبب متاثر ٿيل ٻارن جو علاج به ڪندو ۽ ساڳئي وقت والدين ۾ آگاهي جي مهم به هلائي ويندي. ياد رهي ته سنڌ هيلٿ منسٽري تحت 24227 ماڻهن جي اسڪريننگ بعد معلوم ٿيو آهي ته رتيديري اندر 707 ڄڻا ايڊز جا متاثر آهن.