خاصنئون

بلاول جي اڄ نيب ۾ پيشي، آصف علي زرداري جي معذرت

پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ نيب ۾ پيش ٿي رهيو آهي. جڏهن ته آصف علي زرداري پيشي کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. نيب پاران بلاول ڀٽو زرداري کي پارڪ لين ڪمپني جي انڪوائري ۾ طلب ڪيو ويو آهي. جڏهن ته آصف علي زرداري کي سولر پراجيڪٽ جي غير قانوني ٺيڪن واري ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته بلاول ڀٽو زرداري نيب جي گڏيل ٽيمن آڏو پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندو. ٻئي طرف آصف علي زرداري پنهنجي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ذريعي حاضري کان استثنيٰ جي درخواست ڏني آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته هو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي رکڻ سبب پيش نٿو ٿي سگهي. عيد بعد ڪابه تاريخ ڏني وڃي ته هو پيش ٿي ويندو.