بلاگنئون

آخري ناچ

مون شبير نظاماڻيءَ کي پهريون ڀيرو “سنڌ ايڪسپريس” اخبار ۾ پڙهيو هو، توڻي جو سندس سياسي معاملن تي لکيل ڪالم وڻندا هئا ۽ شوق سان پڙهندو هئس، پر مون ڪڏهن به اهو نه سوچيو هو ته هُو ڪهاڻيڪار به آهي. سنڌ ايڪسپريس جو اهو دور ڪمال جو هو، پر پوءِ خبر ناهي الائي ڪنهن جي نظر لڳي جو سنڌ ايڪسپريس پنهنجو اوج آهستي آهستي وڃائيندي رهي.
مون شبير سائينءَ کي فيسبڪ تي ايڊ ڪيو جتي هن جون ڪهاڻيون پڙھڻ جو موقعو مليو توڻي جو مان اسڪرين تي گهٽ پڙهندو آهيان، پر پوءِ به سندس ڪهاڻيون مون فيسبڪ تي جام پڙهيون. اڳيان هلي فيسبڪ جي ذريعي ئي خبر پئي ته “آخري ناچ” نالي سندس ڪهاڻين جو مجموعو ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي، سو وٺڻ تي دل ته ڏاڍو چاهيو، پر کيسي اجازت نه ڏني سو ڪتاب وٺڻ کان رهجي ويس ۽ ڪتاب جو خيال به ذهن تان لهي ويو.
22 آڪٽوبر تي قاسم آباد حيدرآباد ۾ “بزم روح رهاڻ” طرفان “جشن روح رهاڻ” جو ميلو سجايو ويو، جنهن ۾ پيارو دوست ڪبير ڀيل بطور اسپيڪر جي مدعو ٿيل هو سندس خواهش تي اسان به پروگرام ۾ پهتاسين پروگرام ٻڌي ٻاهر سجايل ڪتابن جي اسٽال تي ڪتاب ڏسندي “آخري ناچ” تي نظر پئي مون جلديءَ ۾ اهو ڪتاب کڻي ورتو ان خوف ۾ ته متان ڪوئي ٻيو نه کڻي وٺي ڇو ته اتي هن ڪتاب جي صرف هڪ ئي ڪاپي مونکي نظر آئي. هي ڪتاب وٺي ته آيس، پر گهر ۾ ڪجھه ٻيا ڪتاب به هئا جن کي پڙھڻ جو شيڊيول ٺهيل هو، اهي ڪتاب پڙهي پوءِ هي ڪتاب پڙھڻ شروع ڪيم، پر اصلي ٺڪاوَ ڪڍي ڇڏيا هن آخري ناچ.
هن ڪتاب ۾ ڪُل پندرنهن ڪهاڻيون آهن، پر سَچَ پندرنهن کان وڌيڪ آهن. ڪهاڻي پڙهي ايئن نٿو لڳي ته هي ڪوئي فڪشن آهي ڪهاڻيون زندگيءَ جي ايترو ته ويجهو آهن جنهن تي شبير سائينءَ جي فن ۽ مشاهدي کي داد ڏيڻ بغير رهي نٿو سگهجي.
هي ڪهاڻيون فني ۽ ٽيڪنيڪلي ڪيتريون سگهاريون آهن ان تي عالم ۽ نقاد راءِ ڏئي سگهن ٿا، پاڻ نه عالم نه ئي نقاد. اسان حسن ۽ سچ جا ڳولائو سو پاڻ هنن ڪهاڻين مان حسن ۽ انهن ۾ موجود سچ ئي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن مجموعي ۾ شامل سڀئي ڪهاڻيون لاجواب آهن اسان ڪوشش ڪنداسين ته ڪجھه ڪهاڻين تي پنهنجي ڳالھه ٻولھه رکون.
هڪڙي ڪهاڻي آهي “مئل ٻلي” هيءَ ڪهاڻي رحم، احساس ۽ ڪنهن جي تڪليف محسوس ڪرڻ جي موضوع تي لکيل آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ خاندان کي مري ويل ٻليءَ ۽ ان جي معصوم ٻچڙن جي ڏک ۽ تڪليف ۾ پريشان ڏيکاريو ويو آهي. هن ڪهاڻيءَ جو ماحول ۽ ڪردارَ حقيقت ۽ زندگيءَ جي ايترو ته ويجهو آهن جو ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ اها اسان جي پنهنجي گهر جي ڳالھه ٿيل هجي، ايڏي تجربي، مشاهدي ۽ باريڪ بينيءَ سان لکڻ تي شبير سائينءَ کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي رهي نٿو سگهجي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ٻيو به گهڻو ڪجھه آهي. مثال طور ڪهاڻيءَ ۾ شهر جو جيڪو منظر چٽيل آهي ان مان انتظاميا ۽ حڪومت جي نااهلي چڱي طرح ڏسي سگهجي ٿي يا مرڪزي ڪردار جيڪو ڪنهن سرڪاري محڪمي ۾ ڪلرڪ هوندو آهي، سندس ايمانداريءَ ڪري هن کي سرڪاري ڪوارٽر نه ملي سگهندو آهي، هو هڪ مسواڙ جي گهر ۾ رهندو آهي، جتي هن کي پوريون سهولتون نه هونديون آهن. هيءَ ڪهاڻي هر حوالي سان ڀرپور آهي.
“ڏاڏا بڙ بڙ” ڪهاڻي پڙهي ته ايئن لڳو ڄڻ لکانو جي ڪردار ۾ منهنجي ڏاڏي (بابا جي چاچا) جي ڳالھه ٿيل هجي جيڪو ويچارو سدائين وڏيرن جي ناجائز قرض ۾ وڪوڙيل هوندو آهي. هن ڪهاڻيءَ جي منظرنگاري ڏاڍي موهيندڙ آهي هن ڪهاڻيءَ جي ته ڪيترن ئي جملن ۽ واقعن تي شاندار پينٽنگس ٺاهي سگهجن ٿيون. هيءَ ڪهاڻي مڪمل طور تي ڳوٺاڻي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ سائيءَ (ڀنگ) پيئڻ وارو منظر ڏسي مونکي منهنجي ڳوٺ جي درگاھه “مراد شاھه” ۽ پاڻ وارو مئيخانو ياد اچي ويو، جتي هر وقت ڀنگ پيئندڙن جا ڪٽڪ لٿل هوندا آهن. هن ڪهاڻيءَ ۾ وڏيرڪي ڏاڍ سان گڏ فطرت جي ستم ظريفي ڏيکاريل آهي جنهن ويچاري لکانوءَ کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو. هيءَ ڪهاڻي ليکڪ الائي ڪهڙي پسمنظر ۾ لکي آهي، پر جڏھن مون هيءَ ڪهاڻي پڙهي ته منهنجي ذهن جي اسڪرين تي گذريل سال واري برسات جا منظر هلڻ لڳا.
“پارسا” نالي ڪهاڻيءَ ۾ وچين طبقي جي منافقت ڏيکاريل آهي جيڪو پنهنجي خصيص مفادن خاطر هر اخلاقي ۽ قانوني حد اورانگهي وڃي ٿو. ليکڪ هتي به مشاهدي جي اونچائيءَ تي بيٺل آهي، آفيسن جو ماحول اتي جي ٿيندڙ ڳالھه ٻولھه جو مخصوص انداز جنهن انداز سان ڪهاڻيءَ ۾ پيش ڪيو ويو آهي اهو تمام وڏي مشاهدي جو گهرجائو آهي جنهن ۾ ڪهاڻيڪار ڪامياب ويو آهي. مان بحيثيت نقاد جي نه، پر هڪ پڙهندڙ طور اها راءِ رکندس ته هن ڪهاڻيءَ کي وڌائي اڃان مزيدار بڻائي سگهجي پيو، پر جيڪا ليکڪ لکي آهي سا اکين تي.
سنڌي سماج ۾ هٿ وٺي مذهبي انتهاپسنديءَ جو جيڪو زهر پکيڙيو ويو آهي ان سنڌ جي مذهبي طور روادار معاشري کي تمام گهڻو نقصان ڏنو آهي جنهن جا ڪيئي مثال اسان جي اکين جي آڏو آهن. هن موضوع تي به شبير سائينءَ انتهائي شاندار ڪهاڻي لکي آهي جنهن جو عنوان آهي “آخري ناچ” جيڪو هن ڪتاب جو عنوان پڻ آهي. صوفياڻي رنگ ۾ رنگيل هيءَ ڪهاڻي روحاني طور هڪ ٻي دنيا ۾ وٺي هلي ٿي جتي ساز، رقص ۽ تون ئي تون جي صدا آهي. جيئن هر بلاسفيميءَ جي ڪيس ۾ اصل معاملو ڪجهھ ٻيو هوندو آهي، پر ان کي مذهبي رنگ ڏئي ماڻهن کي مڇرائي انهن جي جذبات جو ناجائز استعمال ڪيو ويندو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ به ڪجهھ اهڙو ئي ڏيکاريل آهي وڌيڪ اوهان پاڻ ڪهاڻي پڙهو ايئن نه ته تجسس نه رهندو. البته هن ڪهاڻيءَ مان هڪ جملو ڏجي ٿو جيڪو تمام شاندار آهي.“ماني پاڻي اهو ڌڻي بند نٿو ڪري جنهن پيدا ڪيو آهي، پر اهي ويڇا ماڻهن جا پنهنجا پيدا ڪيل آهن”.
هن مجموعي ۾ شامل ٻيو ڪهاڻيون به انتهائي شاندار آهن جيئن “ڪوئو” جيڪا مسنگ پرسنز تي لکيل ڪهاڻي آهي. ٻي ڪهاڻي آهي “اٺ جي ڳولا” هيءَ نفسياتي ڪهاڻي آهي جيڪا ڳوٺان شهر لڏي آيل ڪردار تي لکيل آهي، “لابارو” ته اصلي صفا رنگين ڪهاڻي آهي. “زخمي هرڻيون” به وڏيرڪي ڏاڍ تي لکيل هڪ شاهڪار ڪهاڻي آهي. انهن تي تفصيل سان لکبو ته ڪم گهڻو ٿي ويندو. بس آخر ۾ ايترو چوندس ته شبير سائين اوهان جي مهرباني جو اوهان اسان کي پڙھڻ لاءِ ايڏيون شاندار ڪهاڻيون ڏنيون.