تاريخ ۾ جنگ جا نظريا بدلبا رهيا آهن، بدلجندڙ نظرين سان گڏ ئي فوجين ۾ وڙهڻ لاءِ جذبن جي نئين صورت به اڀرندي رهي آهي. شروعات ۾ جڏهن قبيلن جي وچ ۾ جنگيون ٿينديون هيون ته انهن جو مقصد شڪست کاڌل قبيلن جي زمينن تي قبضو ڪرڻ، انهن جي گڏ ٿيل مال ۽ دولت کي ڦرڻ ۽ انهن کي غلام بڻائي کانئن محنت ۽ مشقت ڪرائڻ هو. جڏهن قبيلن جي وچ ۾ جنگ ٿيندي هئي ته ٻنهي پاسن کان فوجون پنهنجي ديوي ديوتائن کي جنگ جي ميدان ۾ آڻينديون هيون ته جيئن اهي انهن کي فتحياب ڪري سگهن. شڪست کائڻ وارو قبيلو انهيءَ کي ديوتائن جي ناراضگي سمجهندو هو ۽ فتحياب انهيءَ کي ديوتائن جو راضپو، مقصد ته ٻنهي پاسن کان ديوتائن جي شرڪت ٿيندي هئي. جنگ جو نظريو ان وقت وڌيڪ بدليو، جڏهن وڏيون سلطنتون قائم ٿيون، جيئن ايران ۽ روم جون سلطنتون، هاڻي فوجين جو انگ به وڌي ويو، خطرناڪ هٿيار به ايجاد ٿيڻ لڳا، فوج ۾ نظم و ضبط جي تربيت ڪئي ٿي وئي، جنگ جا نوان اخلاقي قدر مقبول ٿيا، جنهن ۾ بهادري سان وڙهڻ ۽ عزت جي خاطر جان ڏيڻ شامل هو. جڏهن ته جنگ کان ڀاڄ کي بزدلي قرار ڏنو ويو. هڪ جنگ ۾ جڏهن ايراني وڙهي رهيا هئا ته اهي حملي جي شدت کان فرار ٿي پنهنجي ڪيمپ ڏانهن آيا، جتي عورتون ترسيل هيون، عورتن انهن تي ٺٺول ڪندي چيو ته “ڇا توهان اوڏانهن وڃڻ چاهيو ٿا، جتان کان اسان اوهان کي جنم ڏنو؟ ان تي فوجي شرمسار ٿيا ۽ ٻيهر وڙهي فتحياب ٿيا.