بلاگنئون

جنگين جا بدلجندڙ تصور

تاريخ ۾ جنگ جا نظريا بدلبا رهيا آهن، بدلجندڙ نظرين سان گڏ ئي فوجين ۾ وڙهڻ لاءِ جذبن جي نئين صورت به اڀرندي رهي آهي. شروعات ۾ جڏهن قبيلن جي وچ ۾ جنگيون ٿينديون هيون ته انهن جو مقصد شڪست کاڌل قبيلن جي زمينن تي قبضو ڪرڻ، انهن جي گڏ ٿيل مال ۽ دولت کي ڦرڻ ۽ انهن کي غلام بڻائي کانئن محنت ۽ مشقت ڪرائڻ هو. جڏهن قبيلن جي وچ ۾ جنگ ٿيندي هئي ته ٻنهي پاسن کان فوجون پنهنجي ديوي ديوتائن کي جنگ جي ميدان ۾ آڻينديون هيون ته جيئن اهي انهن کي فتحياب ڪري سگهن. شڪست کائڻ وارو قبيلو انهيءَ کي ديوتائن جي ناراضگي سمجهندو هو ۽ فتحياب انهيءَ کي ديوتائن جو راضپو، مقصد ته ٻنهي پاسن کان ديوتائن جي شرڪت ٿيندي هئي. جنگ جو نظريو ان وقت وڌيڪ بدليو، جڏهن وڏيون سلطنتون قائم ٿيون، جيئن ايران ۽ روم جون سلطنتون، هاڻي فوجين جو انگ به وڌي ويو، خطرناڪ هٿيار به ايجاد ٿيڻ لڳا، فوج ۾ نظم و ضبط جي تربيت ڪئي ٿي وئي، جنگ جا نوان اخلاقي قدر مقبول ٿيا، جنهن ۾ بهادري سان وڙهڻ ۽ عزت جي خاطر جان ڏيڻ شامل هو. جڏهن ته جنگ کان ڀاڄ کي بزدلي قرار ڏنو ويو. هڪ جنگ ۾ جڏهن ايراني وڙهي رهيا هئا ته اهي حملي جي شدت کان فرار ٿي پنهنجي ڪيمپ ڏانهن آيا، جتي عورتون ترسيل هيون، عورتن انهن تي ٺٺول ڪندي چيو ته “ڇا توهان اوڏانهن وڃڻ چاهيو ٿا، جتان کان اسان اوهان کي جنم ڏنو؟ ان تي فوجي شرمسار ٿيا ۽ ٻيهر وڙهي فتحياب ٿيا.

يرموڪ جنگ ۾ به جڏهن مسلمان بازنطينين سان وڙهي رهيا هئا ته ڪجھه فوجي فرار ٿي پنهنجي ڪيمپ ڏانهن آيا جتي عورتن کين ڏنڊا هڻي ٻيهر جنگ ۾ موڪلي ڇڏيو. ان مان چٽو ٿئي ٿو ته جنگ جي نظريي ۾ هاڻي عزت، وفاداري ۽ همت جا جذبا هئا، جيڪي فوجين کي جان ڏيڻ تي راضي ڪندا هئا. وڏين سلطنتن جي هڪ خاصيت اها هئي ته انهن جي فوج ۾ اهي قومون به شريڪ ٿي وينديون هيون، جن کي اهي شڪست ڏئي ويٺا هئا. ان ڪري انهن فوجين ۾ وڙهڻ جي لاءِ جيڪي جذبا هئا اهي سلطنت جي مفادن جي لاءِ هئا. انهن منجهان ۽ انهن کي به ڦرلٽ جو هڪ حصو ملي ويندو هو. رومي پنهنجي فوج ۾ نظم ۽ ضبط قائم ڪرڻ لاءِ فوجين کي سخت سزائون به ڏيندا هئا. يورپي وچئين دور ۾ رومي زوال کانپوءِ فيوڊلزم جو دور آيو. ان دور ۾ جيڪي جنگيون لڳنديو هيون انهن ۾ فوجيون فيوڊل لارڊز جون وفادار هونديون هيون، جيڪي انهن کي پنهنجن مقصدن جي لاءِ استعمال ڪندا هئا.

يارهين صدي عيسوي ۾ صليبي جنگين جي شروعات ٿي. هاڻي جنگ مذهبي لحاظ کان مقدس ٿي وئي. پوپ جي طرف کان اهو اعلان ڪيو ويو ته جيڪو ان جنگ ۾ ويندو ان جا گناهه معاف ٿي ويندا ۽ قتل ٿيڻ جي صورت ۾ هو جنت جو حقدار ٿيندو. اهي صليبي جنگيون اٽڪل 300 سال جاري رهيون، جن ۾ هزارين ماڻهو مارجي ويا. چرچ جي طرف کان انهن عيسائي فرقن جي خلاف به جنگ جاري رهي جن چرچ کان بغاوت ڪئي هئي.

فرانسيسي انقلاب کانپوءِ جنگيون نه صرف قومي ٿيون، پر سيڪيولر به ٿي ويون. جنگي جذبن تي هاڻي مذهبي يا چرچ جو اثر نه رهيو. پهرين جنگ عظيم جي نظريي کي وڌيڪ تبديل ڪيو ويو. ان جنگ جي فوجين جا جيڪي خط سينسر ٿي ويا هئا، هاڻي انهن کي مورخن جي لاءِ ميسر ڪيو ويو هو. انهن خطن کان ظاهر ٿئي ٿو ته کاهين ۾ وڙهڻ وارا اهي فوجي نه ته قوم جي خاطر وڙهي رهيا هئا نه وطن جي خاطر، بلڪه انهن کي پنهنجين زالن، ٻارڙن  ۽ خاندانن جو فڪر هو. اهائي صورتحال انهن هندستاني فوجين جي هئي، جن کي زبردستي فوج ۾ ڀرتي ڪري جنگي محاذن تي موڪليو ويو هو. انهن جو ان جنگ سان ڪو تعلق نه هو. ان ڪري جنگ کي قومي بنائڻ هڪ سياسي هٿيار هو ته جيئن فوجين کي اهو دوکو ڏنو وڃي ته اهي سامراج يا سرمائيداري جي مفادن جي لاءِ بلڪه پنهنجي قوم جي خاطر جانين جا نذرانا ڏئي رهيا آهن.

ساڳي صورتحال اٽڪل ايشيا، آفريقا ۽ لاطيني آمريڪا جي آهي. ماضي ۾ هتي جيڪي به جنگيون وڙهيون ويون اهي حڪمران طبقن، آمرن جي مفادن ۽ سرمائيدارن جي تحفظ جي لاءِ هيون، جڏهن ته عام شهرين کي سدائين قوم ۽ وطن جي نالي تي قومي گيتن، گانن ۽ تقريرن جي وسيلي ڀڙڪايو ويندو آهي ۽ انهن کان جان  ۽ مال جي قرباني گهري ويندي هئي. ان ڪري ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته جنگ جي نظرين جو مطالعو ڪندي ان جي وضاحت ڪئي وڃي ته ان کان ڪير فائدو وٺي ٿو. مقصد ته انهن کان فائدو وٺڻ واريون هٿيار ٺاهيندڙ صنعتون، فوج کي رسد پهچائڻ وارا ۽ ورديون ميسر ڪرڻ وارا ٺيڪيدار هوندا آهن، جن جي آمدني جي لاءِ فوج ۽ جنگ جو هئڻ ضروري ٿي پوي ٿو.