بلاگنئون

سَرها ڏِٺَم سي

سُڪار جي علامت “پورهيو” انساني همتن ۽ محنتن سان ممڪن آهي. محنتن جي ڦل سان ئي سرهائيون اچن ٿيون. پورهيو قلم سان ڪجي يا بيلچي سان، پورهيو هر حال ۾ امر ۽ سون ورنن هٿن جو مان ۽ شان آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي پورهئي جي عظمت هن ريت ڄاڻائي آهي.

سونَ ساريڪا هَٿَڙا، ڪُوه نه ڪتيين رڏ؟

ويهي ڪنڊ ڪاپوڪر، گتون گوهيون ڇڏ،

ته صرافاڻي سَڏ، مَـرَڪيو هُوند مَٽايئين. (1-12، ڪاپائتي)

لاکيڻي لطيف انساني هٿن کي اڻ ملهه ۽ قيمتي قرار ڏيندي، کين سون سان ڀيٽيو آهي. محنت سان  مشروط، حياتيءَ کي سستي ۽ غفلت کان بچائيندي چوي ٿو ته هي هٿ تنهنجو فخر ۽ عزت آهن. لطيف سرڪار جي سڄي ڪلام جي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته پاڻ انيڪ هنڌن تي پنهنجيءَ قوم کي محنت، ڪوشش ۽ جستجو جو شعور ڏيندي، سنڌ جي ئي ماحول مطابق، سنڌي عام طبقي جي ذڪر سان، پورهئي جي اهميت بيان ڪئي اٿن. لوهارن جي ڪرت کي هن ريت مٿانهون ڪري ٿو.

سَرها ڏِٺم سي، جَنين ساڃاءِ سراڻ سين،

تيغَ تنين جي کي، ڪَٽُ نه لڳي ڪڏهين. (3-30، يمن ڪلياڻ)

ڪَٽُ ڪَڙِهي، لوهُه ٻري، ڌوڌا جِت ڌڳن،

مُترڪنِ مُنهنَ ڪڍيا سانداڻيون سهڪن،

اڄُ پڻ آڳڙين، ميڙو آهي مَچَ تي. (3-29، يمن ڪلياڻ)

ڪَڙو منجهه ڪَڙي، جيئن لوهار لَپيٽِيو،

منهنجو جيءُ جڙي، سُپريان سوگهو ڪيو. (2-5، بردو سنڌي)

لوهارن جي ڪِرت کي امر ڄاڻائڻ سان گڏ، ڪورين کي هن ريت مڃتا ڏي ٿو:

هلو ته هلون ڪورئين، نازڪُ جن جو نينهن،

ڳَنڍن سارو ڏينهن، ڇِنَڻُ مُور نه سِکيا.

ڪنڀر جي ڪم جي عظمت نهائينءَ جي معرفت سمجهائي ٿو.

نيهن نهائين کان، سک منهنجا سپرين،

سڙي سارو ڏينهن، ٻَهرَ ٻاٰڦ نه نڪري. (2-17، رپ)

شاهه صاحب، عوامي جذبن جي ترجمان جي حيثيت سان سُڪار کي سنگهارن جو سُک ڄاڻايو انهيءَ ڪري سندن لاءِ سڪار جا دعاڳو ٿي، ڏڪارين ۽ موذين پورهيت دشمنن ۽ هنن عظيم هٿن جي بدخواهن کي بددُعا ڏني ته شل موذي سڀ مَرَنِ. پورهيتن کي دعائون ڏيندي چيو ته جتي لڙ، لهريون، لس ٻيٽ آهن اتي شل غريبن جا غوراب لپيٽ ۾ نه اچن، جيڪي محنت ۽ مان سان سڙهه سنواري، سفر هليا آهن الله شل انهن وڻجارن جون حاجتون پوريون ڪري. عملي جاکوڙ ڪندڙ کاهوڙين کي  مڃتا ٿو ڏي.

سُڪا مُنهن سَندِن، پيرين پراڻا کيترا،

ساجوءِ ڏوري آئيا، سُونهان جِت مُنجَهن،

ڳجها ڳجُهون ڪن، تنهان پرانهين  پَنڌَ جون. (1-26، کاهوڙي)

نوريءَ جي اوٽ ۾ محنت ڪش مهاڻن جو حال ته وٽس وڌيڪ وزنائتو آهي. فرمائي ٿو ته:

گندُ جَنِ جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،

اُنين جي اوطاق، راجا رِيجِهي آئيو. (1-13، ڪاموڏ)

پورهئي لاءِ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪيتريون ئي قرآن پاڪ ۾ آيتون آيل آهن. دنيا جي سڀني پيغمبرن، ولين ۽ نيڪ بزرگن نه رڳو پنهنجا ڪم پنهنجي هٿن سان ڪيا، پر حتي المقدور ڪڏهن به ڪنهن کي تڪليف نه ڏنائون. بلڪه ٻين جي به ڪم ايندا هئا ۽ هٿ جو پورهيو ڪري حلال رزق ڪمائيندا هئا. رسول اڪرم ﷺ جن هڪ عام مزور وانگر مسجد نبويءَ جي اڏاوت ۾ ٻين سان گڏجي ڪم ڪيو. حضرت آدم عليه السلام ٻني ٻارو ڪندو هو. حضرت دائود لوهارڪو ۽ حضرت ادريس درزڪو ڪم ڪندو هو. مطلب ته دنيا جي سڀني وڏن ماڻهن ۽ رهنمائن ڪڏهن به هٿ جي محنت کي عار نه سمجهيو.

رسول پاڪ ﷺ وٽ پورهيت جي تمام گهڻي عزت هوندي هئي. پاڻ سڳورن ﷺ جو ارشاد آهي ته “مزور کي سندس مزوري پگهر سڪڻ کان اڳ ۾ ادا ڪيو.”

عام طور اجوري تي ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان پنهنجا فرض بجا آڻڻ پورهيو آهي. اهي نوڪر يا غلام جيڪي پنهنجن مالڪن ۽ آقائن جي خدمت ڪن اهي هاري ناري، ڪڙمي ڪاسبي جيڪي زراعت ۾ هٿ ونڊائين، مزدور طبقو، جيئن ملن ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ ۽ گڏ ننڍي پيماني تي پنهنجو ڌنڌو پنهنجي هٿن سان ڪندڙ شخص جيئن، لوهار، رازو، واڍو، سونارو، ڪنڀار، ڌوٻي، درزي، دڪاندار ۽ ٻيا آهن. مطلب ته هر محنت ڪش پورهيت آهي. هو محنت، مشقت ۽ خودداري سان ڪم ڪري ٿو. سندن عزتِ نفس جو خيال  ڪرڻ هر هڪ شخص جو فرض آهي. اهي هٿ ئي آهن، جن دنيا کي هن اوج تي آندو. انهن جي حق تلفي انسانيت جو استحصال آهي. انهيءَ استحصال خلاف پهرين مئي جو ڏينهن محنت ڪشن ۽ پورهيتن جي حق جو آواز ٿي دنيا جي نقشي تي اڀريو. چوويهه ڪلاڪ جان کپائيندڙ مزدورن کي پورو اجورو نه ڏيندڙن خلاف، هڪ وڏي تحريڪ جو بنياد  پيو. هن عالمي تحريڪ پوري دنيا ۾ غريبن، بي پهچن ۽ مظلومن جي آواز کي پهچايو. پورهيتن پنهنجي رت جو ريج ڏيئي ٻڌيءَ ۽ ايڪي سان پاڻ کي مڃايو. ڳاڙهو جهنڊو سندن فخر ۽ عزت جي علامت ٿي ويو.

ظالم جي مٿان ظلم جي شامت پهتي،

پورهيت جي مٿس موت ٿي طاقت پهتي،

توبهه نه ڪئي تو به ڪڏهن قاروني!

آخر ته اچي توتي، قيامت پهتي.

خليل جبران موجب “پورهيو پريم جو اظهار آهي” هيلن ڪيلر چيو آهي ته “ڪنهن به اوچي ڪم کي ايمانداريءَ سان ڪرڻ کانپوءِ ئي سچو سک نصيب ٿئي ٿو.” ارسطو چوي ٿو ته، “انسان جي زندگي گڻن سان ڀريل آهي ۽ اها خبر هن جي ڪم مان پوي ٿي جيئن اسين ڪيون ٿا تيئن ئي اسين بڻجون ٿا.” هڪ انگريزي چوڻيءَ موجب:Just as you sow so shall you reap ماڻهو اهوئي حاصل ڪندو جيڪي هو پوکيندو. هتي “پوکڻ” ۽ “حاصل ڪرڻ” جي معنيٰ گهڻي وسيع آهي. ڏٺو وڃي ته ترقي يافته ملڪن جا ماڻهو پنهنجا ڪم ڪاريون تمام ايمانداريءَ سان ادا ڪن ٿا. هڪ خسيس ڀنگيءَ کان اعليٰ آفيسر تائين، عام مزدور کان مل مالڪ تائين، سڀ ماڻهو پنهنجا ڪم مقرر وقت ۾ ۽ سچائيءَ سان ڪن ٿا. انهيءَ ڪري اهي ملڪ ترقي يافته آهن ۽ اتي پورهيت ۽ هنرمند جو قدر آهي. هو سچائيءَ ۽ اخلاص سان ٽيڪس ادا ڪن ٿا ۽ انهن سڀني ڳالهين جو اجورو کين حڪومت وٽان ٻين سهولتن جي شڪل ۾ ملي ٿو جنهن ۾ پيريءَ جو آرام، صحت ۽ رهائش ۽ تعليم جون سهولتون شامل آهن. اها پاڻ ڀرائپ پيدا ٿيڻ جو اهم سبب سچائي ۽ ايمانداري آهي. انهيءَ جي ابتڙ ايشيائي ملڪن ۾ حالتون مختلف آهن. هتي پورهيت طبقي جي حقن کي اڃان تائين صحيح نمائندگي نه ملي آهي.

پورهيتن جي ڏاٽن، مترڪن، پانن، ڪاتن سان ئي هيءَ ڀونءَ، آباد آهي جيڪڏهن اهي نه هجن ته اڄ بنجر بيابان هن ڌرتيءَ جو وڏو حصو هجن. پورهيتن جي پگهر جي بانس عطر عنبير کان مٿي ۽ سندن سُڪاريل هٿن سان ئي رونقون ۽ بهاريون آهن.  اهي هٿ هاڻي پنهنجي وس ٿي ڦرمارن ۽ ڦورن جي اڳيان جرڪي جرڪي جيئڻ جا وس ڪري رهيا آهن ۽ کين هاڻي سچو سک سري رهيو آهي.

جنهن سماج ۾ پورهيت ۽ هنر مند جي ڪم جي عزت آهي ۽ کيس مان ڏنو وڃي ٿو، اهوئي سماج ترقي ڪري ٿو، جتي هاريءَ جي هر کيڙڻ ۽ شاعر جي شاعريءَ ۾ فرق ڪونهي جتي هڪ استاد “خسيس ماستر” ڪونهي بلڪه قوم جو رهبر ۽ اڳواڻ آهي. جتي حجم، لوهار، هاري ۽ ڪنڀار جي ڪرت وڪيلن، پڙهيلن ۽ اڳواڻن جي برابر آهي. اتي يقينن پورهيو اتم ۽ هن دنيا کي سرڳ بنائيندڙ عظيم طاقت آهي.