ايڊيٽوريلنئون

سنڌ جو نوجوان بي يارو مددگار ۽ ڏوهن جو شڪار ۽ حڪومت وٽ ڪابه پلاننگ ناهي

سنڌ ۾ هن وقت نوجوان حڪومتي بيحسي جي ور چڙهيل آهي. جواني قدرت جو انعام آهي ۽ حڪمران پنهنجن نوجوانن کي تربيت ڏئي انهن جي توانائين مان ملڪ ۽ قوم کي ترقي وٺرائڻ جي رٿابندي ڪندا آهن، پر هن وقت اسان جي معاشري ۾ ان جي ابتڙ نوجوانن جو اهو قيمتي وقت تباهي ۽ بربادي جي ور چڙهيل آهي ۽ نوجوان ڏوهن جو شڪار آهي. ڪڏهن اهي نشي جو شڪار ٿي وڃن ٿا ته ڪڏهن ڪنهن ڏوهاري گروهه جو حصو بڻجي وڃن ٿا. اسان اسي سالن ۾ پنهنجن ٻارن کي بنيادي تعليم ڏيارڻ لاءِ تعليمي نظام نه جوڙي سگهيا آهيون، جيڪا هڪ دردناڪ حقيقت آهي. اسان جا وسيلا هڪ خاص طبقي وٽ گروي رکيل آهن ۽ اسان جو عام شهري، ٻار، نوجوان هڪ اهڙي زندگي گذارڻ تي مجبور آهي جيڪا کين پسمانده مستقبل ڏئي سگهي ٿي. جنهن سماج ۾ ٻارن جي لاءِ ۽ نوجوانن جي لاءِ ڪابه منصوبابندي نه ڪئي وئي هجي ان سماج جي سڌرڻ جا خواب ڪنهن ديواني جي خواب جهڙا ٿي سگهن ٿا.

اسان کي سماج جي جوڙجڪ لاءِ پنهنجي گهر جي ننڍڙي يونٽ جو مثال کڻي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته جڏهن اسان بغير رٿابندي جي گهر نٿا هلائي سگهون ته بنا رٿابندي جي اسان ملڪ يا صوبو ڪيئن هلائي سگهنداسين. اسان جي اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين تعليم جو معيار بين الاقوامي معيار سان اڃان تائين مطابقت پيدا نه ڪري سگهيو آهي، جيڪي نوجوان پنهنجي تعليم حاصل ڪري فارغ ٿين ٿا، انهن وٽ روزگار جا ذريعا ملڪ ۾ نه هجڻ ڪري نااميديءَ جو شڪار ٿي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور آهن. وقت جي تبديلي سان گڏ هاڻي سڄي دنيا ۾ نوڪرين جا موقعا ۽ ضرورتون به تبديل ٿي رهيون آهن. هن وقت دنيا ۾ ٽيڪنالاجي ۽ ٻيون هنري مهارتون گهربل آهن جن سان هڪ عام نوجوان ٻين ملڪن ۾ روزگار حاصل ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن ٿا. بدقسمتي سان اسان وٽ ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل اقتصاديات تي ڪوبه ڌيان نٿو ڏنو وڃي. وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي تعليمي ادارن خاص طور تي اسڪول جي نصاب کي تبديل ڪري ۽ ان جي مقصد کي متعين ڪري نصاب جوڙيون. اسان کي گهرجي ته اسين نصاب جي جوڙجڪ جي لاءِ بين الاقوامي ماهرن کان مدد حاصل ڪريون ۽ ڪنهن ملڪ جي ماڊل کي اختيار ڪريون جتي اسڪولن کان وٺي ٻارن کي هنر سيکاريو وڃي ٿو. تعليم جو مقصد صرف لکڻ پڙهڻ نه، پر زندگيءَ ۾ عملي طور تي پنهنجي معاشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مهارتن جو هجڻ گهرجي ۽ اها ذميداري رياستي ادارن جي آهي ته هو پنهنجي شهرين کي مستقبل جي لاءِ تيار ڪن.

اسان جي پاليسي سازن نوجوانن جي زندگين کي تبديل ڪرڻ ۽ انهن جي اندر مثبت سوچ پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪڏهن به سنجيدگيءَ سان ناهي سوچيو ۽ ڪڏهن به انهن جي ذهني ۽ جسماني صحت جي باري ۾ بحث مباحثا نٿا ڪيا وڃن. اسان وٽ تعليم صرف ڪتاب جي حد تائين تصور ڪئي وڃي ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ هو نفسياتي بيمارين، جسماني ڪمزورين ۽ ٽيم سان گڏ ڪم ڪرڻ جي اهليت نٿا رکن ۽ بي اعتمادي جو شڪار هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اسان جو نوجوان پنهنجو پاڻ کي هر جاءِ تي انفٽ محسوس ڪري ٿو. ضروري آهي ته اسان سرڪاري سطح تي هر ننڍي وڏي شهر ۾ اهڙيون سهولتون مهيا ڪيون جتي اهي ٻار ۽ نوجوان آرٽ، ميوزڪ ۽ پنهنجي تخليقي صلاحيتن مطابق ڪم ڪرڻ جو موقعو حاصل ڪري سگهن. گڏوگڏ ٻارن کي ننڍي هوندي کان وٺي ڪميونٽي سروس جي باري ۾ آگاهي ڏني وڃي ته اهي ڪيئن غريبن جي مدد ڪري سگهن ٿا، پنهنجي ماحول کي ڪيئن صاف رکي سگهن ٿا. ان کان علاوه وڻ ۽ ٻوٽا لڳائي ڪيئن پنهنجي ماحول کي وڌيڪ  خوبصورت بڻائي سگهن ٿا. نوجوان ٻارن کي پنهنجي نوجوانيءَ واري دور ۾ واندو رکڻ سندن ذهنن کي ڪرپٽ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي. هن وقت اسان جا نوجوان ڪرپٽ ذهنن سان وڏا ٿي سماج ۾ ڏوهاري بنجڻ لاءِ تيار ٿي رهيا آهن جيڪا هڪ خطرناڪ صورتحال آهي، جنهن جا نتيجا اسان روز پنهنجي اخبار جي فرنٽ پيج تي ڏسي سگهون ٿا. ان لاءِ اسان سڀني کي گڏجي سوچڻ جي ضرورت آهي. اسان کي اهڙن مستقل ادارن جي ضرورت آهي جيڪي نوجوانن جي ضرورتن کي مدنظر رکندي پروگرام تيار ڪري انهن جي تربيت ڪري سگهن.

صرف اهڙا ايونٽ ڪافي ناهن جتي نوجوان اچي ليڪچر ٻڌي سگهن. اسڪولن ۾ هن وقت ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته ٻارن جا پرائمري سطح تي مضمون گهٽ ڪري صرف ضروري مضمون پڙهايا وڃن ۽ کين عملي طور تي هنري مهارت سيکاري اڳتي وڌڻ لاءِ خود اعتمادي ڏني وڃي. جنهن ۾ ٻارن کي ڪاٺ جو ڪم، اليڪٽرڪ، ڪوڊنگ، کاڌو پچائڻ، زراعت ۽ جانورن جي پالنا جي باري ۾ عملي تربيت ۽ معلومات ڏئي تيار ڪيو وڃي. نوجوانن ۽ ٻارن لاءِ انفرااسٽرڪچر ۾ تبديليون آڻي انهن لاءِ پارڪ ۽ راند جا ميدان ٺاهيا وڃن ته جيئن اهي ننڍي هوندي کان ئي جسماني طور تي مضبوط ٿي سگهن ۽ پنهنجي صحت کي بهتر بڻائي سگهن. هڪ صحتمند انفرااسٽرڪچر هر ٻار جو بنيادي حق آهي ۽ اها ذميداري حڪومت جي آهي ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي اسڪولن تائين وٺي اچي ۽ اهڙو انفرااسٽرڪچر مهيا ڪري جنهن سان اهي صحتمند شهري بڻجي سگهن ۽ مستقبل لاءِ ڪارآمد هيومن ريسورس بڻجي سڄي دنيا ۾ روزگار حاصل ڪري سگهن.