بلاگنئون

ناول: (ٽيون نوٽ بُڪ-حصو پهريون): وحـشي

ڪيچيءَ جي هڪ واهيات  قسم جي اڳڪٿي ته عورتون مون تي فدا ٿينديون، سا بلڪل سچ ثابت ٿي. جڏهن ته ٻي من موھيندڙ اڳڪٿي ته مان ضرور هڪ وڏو فنڪار بڻجي ويندس، سا پوري نه ٿي سگهي.

مان ڪڏهن به مشهور فنڪار نه ٿي سگهيس. مان ته گهٽ درجي وارو ڪارٽون ٺاھيندڙ بڻجي پئي سگهيس، جنهن کي ڪو سستو رسالو ئي نوڪري تي رکي پئي سگهيو.

ڪماڪورا واري واقعي جي سبب مون کي ڪاليج مان ڪڍيو ويو ۽ مان فليٽ فش جي گهر جي ٻي منزل تي هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ رهڻ لڳس. مان سمجهيو پئي ته منهنجي سهڪار لاءِ هر مهيني گهران ٿوري گهڻي رقم موڪلي ويندي هئي، پر اھا رقم سڌو منهنجي بدران، ڳجهيءَ طرح، فليٽ فش ڏانهن ايندي ھئي. (منهنجا ڀائر اھا رقم بابا کان لڪائي موڪليندا هئا.) بس ان کانسواءِ گهر سان ڪو تعلق نه رھيو ھو. فليٽ فش ھميشه خراب موڊ ۾ رھندو هو. جيتوڻيڪ مان پاڻ کي خوش رکڻ لاءِ ھن ڏانهن مسڪرائي ڏسندو ھئس، پر هو ڪڏهن به موٽ ۾ مسڪرائيندو نه ھو. هن ۾ اھا تبديلي، ايتري ته غير معمولي هئي، جو مون کي انسانن بابت اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو ته اهي ڪيترا نه نفرت لائق… يا کڻي ائين چئجي ته ڪيترا ته مزاحيه قسم جا انسان ھوندا آهن، جيڪي پاڻ کي ايتري وڏي آسانيءَ سان بدلائي سگهن ٿا،  جيئن سندن لاءِ پنهنجا هٿ ڦيرائڻ آسان هجي.

فليٽ فش مون تي ائين نظر رکندو ھو، ڄڻ ته مان خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھجان. هن کي ڪنهن خطري جو خيال آيو ھوندو ته متان مان ان عورت جي مري وڃڻ سبب،  وري سمنڊ ۾ ٽپو نه ڏئي ڇڏيان. ان ڪري هن مون کي گهر ڇڏڻ کان سختيءَ سان منع ڪيو. شراب پيئڻ يا سگريٽ ڇڪڻ بلڪل ممڪن نه ھو، مان صبح جو  ننڊ مان اٿڻ کان وٺي ٻيهر سمهڻ تائين، هڪ ڪوٺڙيءَ نما ڪمري تائين محدود ھئس، جنهن ۾ پڙهڻ لاءِ پراڻن رسالن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. مان اڌ چرين واري زندگي گذاري رهيو هئس ۽ مان خودڪشي جي باري ۾ سوچڻ جي ھمت به وڃائي چڪو هئس.

فليٽ فش جو گهر اوڪوبو ميڊيڪل اسڪول جي ويجهو هو. سندس دڪان جو صرف سائن بورڊ ئي ڪافي متاثر ڪندڙ ھو، جنهن تي وڏن اکرن ۾ لکيل هو “گارڊن آف دي گرين ڊريگن، آرٽ اينڊ اينٽيڪس.” دڪان خودئي وڏو مسئلو ھو، جنهن جي اندر دَز ۽ بيڪار شين جي المارين کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. چوڻ جي ضرورت ناهي ته فليٽ فش جو گذران صرف ان گندي وڪري تي ھو. ٽيڪس کان بچڻ لاءِ، هن ڳجهه ڳوھہ ۾ ھڪ گراھڪ جي ڳجهي ملڪيت، ٻئي جي نالي ڪرڻ جهڙن ڪمن ڪرڻ ذريعي پئسو ڪمايو ھو. فليٽ فش ڪڏهن به دڪان ۾ نه ويهندو  ھو. عام طور تي، هو صبح جو سوير تڪڙو نڪرندو هو، سندس چهرو ڪاوڙ ۾ڳاڙهو لڳو پيو ھوندو ھو. پنهنجي غير موجودگيءَ ۾ ھڪ سترنهن سالن جي ڇوڪري کي دڪان سنڀالڻ لاءِ ڇڏي ويندو هو. هُن ڇوڪري کي جڏهن ڪو خاص ڪم نه هوندو هو ته هو گهٽيءَ ۾ پاڙي وارن ٻارن سان پڪڙ راند ڪندو هو. هو ٻئي منزل تي رهندڙ  مفت خور شخص کي، جيڪڏھن صفا بيوقوف نه ته کيس اڌ مغزي ضرور سمجهندو ھو. هو مون سان اھڙي ڍنگ ۾ ڳالهيون ڪندو ھو، ڄڻ ته وڏي عقل ۽ فهم وارو شخص ھجي. مان ڪڏهن به ڪنهن سان بحث نه ڪري سگهندو ھئس، ان ڪري مان سندس ڳالهين کي تعبيداريءَ سان ٻڌندو ھئس. منهنجي منهن تي بي دليو ئي صحيح، پر تعريف وار تاثر ھوندو ھو. مون کي ياد ٿو اچي ته گهڻو اڳ گهر جي ئي ماڻهن کان اهو ٻڌو هو ته هي ڪلارڪ (ڇوڪرو) فليٽ فش جو ناجائز  پٽ آھي. جيتوڻيڪ انهن ٻنهي ڪڏهن به هڪ ٻئي کي پيءُ ۽ پٽ ڪري ڪونه سڏيو ھو. ان ڳالهہ ۽ فليٽ فش جي ڪنواري رهڻ جو ضرور ڪو سبب هوندو، پر مان شروع کان ئي ٻين ماڻهن جي معاملن ۾ گهڻي دلچسپي وٺڻ کان پاسو ڪندو آهيان ۽ جيڪو مان ٻڌايو آھي، ان کان وڌيڪ مون کي ڪابه خبر ناهي. تنهن هوندي به ڇوڪري جي مڇيءَ جهڙين اکين جي باري ۾ ڪا ته عجيب ڳالهہ هئي، جنهن مون کي سوچڻ تي مجبور ڪيو ته ھن بابت ھُلايل ڳالهہ صحيح نه آهي، پر جيڪڏهن ائين هجي ها ته هي پيءُ ۽ پٽ ھڪ خوشگوار زندگي بسر نه ڪن ها. ڪڏهن ڪڏهن، رات جو دير سان، هو پاڙي واري دڪان تان نوڊلز جو آرڊر ڏيندا هئا. ھو صرف پنهنجي لاءِ ئي نوڊلز گهرائيندا ھئا، ۽ اهي خاموشيءَ سان پيا کائيندا هئا.

اھو ڇوڪرو اڪثر فليٽ فش جي گهر ۾ کاڌو تيار ڪندو هو ۽ ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا ٻي ماڙ تي رهندڙ مفت خور لاءِ الڳ ٿالهہ ۾ماني کڻي ويندو هو. فليٽ فِش ۽ ڇوڪرو ڏاڪڻين جي هيٺان ان ننڍڙي گهميل ڪمري ۾ پنهنجو کاڌو ايترو تڪڙ ۾ کائيندا هئا، جو مون کي پليٽن جي ٽڪرائجڻ جو آواز ايندو هو.

مارچ جي آخر ۾ هڪ شام جو، فليٽ فش  مون کي دعوت ڏني ته مان هيٺ اچي ھن سان رات جي ماني کان، مانيءَ سان گڏ ساڪي (شراب) جو ناياب مشروب پڻ رکيل ھو. ڇا کيس اوچتو ڪا مالي ڪاميابي ملي هئي؟ يا ڪا ٻي چال هئي، جنهن سبب ھن ائين ڪيو؟ (جڏھن ته اهي ٻئي اندازا صحيح هئا، مان سمجهان ٿو ته ان کانسواءِ ٻيا به ٻيا ڪيئي اندازا ٿي پئي سگهيا، پر اھي ايترا ڳجها ۽ مبهم هئا، جو منهنجو اندازو به انهن تائين پهچي نه پئي سگهيو. ميزبان پاڻ به ڳترا ٿيل ٽُونا مڇيءَ جي غير معمولي ذائقي مان مزو ورتو ۽ هن پاڻ سان گڏ بي دليو ويهندڙ ساٿي کي به وڏيءَ دل سان ٿورو ساڪي پيش ڪيو.

هن پڇيو، “ھاڻي، تنهنجو ڇا ڪرڻ جو ارادو آهي، منهنجو مطلب آهي ته مستقبل ۾ ؟”

مان ڪو جواب نه ڏنو، پر ميز تي رکيل پليٽ مان کاڌي کائڻ وارين ڏنڊين سان ڪجهہ خشڪ سارڊين (تارلي) مڇي کنيم ۽ جڏهن مان انهن ننڍڙين مڇين جي چمڪندڙ اکين کي غور سان ڏٺو، تڏهن محسوس ڪيم ته نشي جو هلڪو اثر منهنجي مٿان ڇانئجي رهيو آھي. مون کي اوچتو انهن ڏينهن جي ياد اچي وئي، جڏهن مان شراب پيئڻ ۽ ھوريڪي لاءِ ھڪ شراب خاني کان ٻئي شراب خاني ڏانهن  ويندو هئس. مان آزاديءَ لاءِ ايتري بيقراري ۽ شدت سان تڙپيس، جو مان ڪمزور ٿي پيس ۽ اکيون لُڙڪن سان آليون ٿي ويون.

جڏهن کان مان هن گهر ۾ آيو آهيان، مون ۾ مسخري ڪرڻ جو حوصلو ئي نه رھيو آھي.. مان فليٽ فش ۽ ان ڇوڪري جي نفرت انگيز نظرن اڳيان جهڪيل رھيو آھيان. فليٽ فش پاڻ ئي دل جي ڳالهين ونڊڻ ۾ گهڻي دلچسپي نه رکندو هو ۽ مان پنهنجي طرفان ڪا اهڙي خواهش ظاھر نه ڪئي هئي ته مان به سندس پويان شڪايتون کڻي پيو ڊوڙان.

فليٽ فش پنهنجي گفتگو جاري رکي، “جهڙيون حالتون نظر اچي رھيون آھن، لڳي ٿو ته توھان تان جيڪا سزا ختم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو هو، سو نه ته ڪنهن ڏوهاري رڪارڊ ۾ شامل ٿيندو ۽ نه ئي ان جو شمار اهڙي ڪنهن ٻي شيءِ ۾ ڪيو ويندو. تنهنڪري توهان جو سڌرڻ توھان جي ئي ھٿ ۾ آهي. جيڪڏھن تو پنهنجن روين ۽ طور طريقن کي سڌاريو ۽ واقعي ۾ به مون کي پنهنجا مسئلا ٻڌايا… منهنجو مطلب آھي… پوءِ مان غور ڪندس ته مان تنهنجي مدد لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان.”

نه صرف فليٽ فِش جي ڳالهائڻ جو انداز، پر سڄي دنيا جي ماڻهن جي ڳالهائڻ جو انداز عجيب ۽ سمجهه کان ٻاھر مونجهارن سان ڀريل ھوندو آھي، ھو اھي ڳالهيون مبھم انداز ۾ بنا چوڻ جي بيان ڪندا آھن. مان ھميشه اھڙي قسم جي احتياطن ۽ ان سال لاڳاپيل ننڍڙن ڪمن کان پريشان ٿي ويندو آهيان، جيڪي ايترا سخت هوندا آھن، جو بيڪار ۽ اجايا لڳندا آھن. آخرڪار مون کي انهن جي ڪا پرواهه ئي نه رهي ۽ مان انهن کي مسخرين وسيلي نظر انداز ڪري ڇڏيو آھي  يا وري ڪنهن ھارايل شخص وانگر خاموشيءَ سان ڪنڌ جهڪائي ھار مڃي ويٺو آهيان.

گذريل ڪجهه سالن ۾ مون کي اهو احساس ٿيو ته جيڪڏهن ان وقت فليٽ فش مون سان، اھي حقيقتون سادي نموني بيان ڪري ها ته ڪي به اڻ وڻندڙ نتيجا نه نڪرن ها، پر غير ضروري احتياطن جي نتيجي ۾ يا کڻي ائين چئجي ته دنيا جي ماڻهن جي ناقابل فهم وڏائي ۽ ماڻهن جي ڏيکاءُ واري محبت سبب، مون کي بيحد ڏکوئيندڙ تجربي مان گذرڻو پيو.

سڀ ڪجهه ڪيترو نه بهتر ٿئي ها، جيڪڏهن صرف فليٽ فش هيئن چئي ها،  “مان چاهيان ٿو ته تون اپريل کان شروع ٿيندڙ اسڪول ۾ داخلا وٺ. تنهنجي گهر وارن فيصلو ڪيو آهي ته جيئن ئي تنهنجي اسڪول ۾ داخل ٿي وئي ته تنهنجي خرچيءَ ۾ مناسب اضافو ڪيو ويندو.”

بعد ۾ مون کي خبر پئي ته اصل ۾ صورتحال اها ئي هئي. جيڪڏهن مون کي اها ڳالهه اڳ ۾ ٻڌائي وڃي ها ته شايد مان فليٽ فِش جي ڳالهہ مڃي وٺان ها، پر سندس ناقابلِ برداشت حد تائين احتياط پسندي ۽ ڳالهيون گول مول ڪري پيش ڪرڻ جي انداز سبب، مون کي رڳو چڙ پئي آئي ۽ انهيءَ ئي سبب منهنجي سڄي حياتيءَ جو رخ ئي بدلجي ويو.

“جيڪڏهن تون پنهنجا مسئلا ٻڌائڻ ئي نٿو چاھين ته پوءِ مون کي افسوس آھي ته مان تو لاءِ ڪجهہ به نٿو ڪري سگهان.”

“ڪهڙا مسئلا؟” مون کي واقعي ۾ ڪابه خبر نه هئي ته هو ڇا پيو چاهي.

“تنهنجي دل تي ڪو بار ته نه آهي؟”

“مثال طور؟”

“مثال طور! تون پاڻ کان ڪهڙو ڪم وٺڻ پيو چاھين؟”

“ڇا توهان سمجهو ٿا ته مون کي ڪا نوڪري ڪرڻ گهرجي؟”

“نه، مون کان نه پڇ. بس مون کي اھو ٻڌائي ته تون ڇا ٿو چاھين.”

“مان سڀ سمجهندي  چيو ته مان اسڪول واپس وڃڻ چاهيان ٿو.”

“ها، مون کي خبر آهي، ان سان پئسو خرچ ٿيندو آھي، پر سوال پئسي جو ناهي. اصل ڳالهہ اھا آھي ته تون ڇا ٿو سوچين.”

مون کي تعجب لڳو ته ھن اھو سچ ڇو نه ٻڌايو ته خرچو گهران اچڻ وارو  آھي. شايد اها واحد حقيقت ھئي، جنهن سان مون کي دلي سڪون ملي پوي ھا، پر مون کي انڌيري ۾ رکيو ويو.

“ان باري ۾ ڇا سوچيو اٿئي؟ ۽ ڇا تو وٽ ڪا اھڙي شيءِ آھي، جنهن کي مستقبل جي رٿائن طور بيان ڪري سگهجي ٿو؟ مان سمجهان ٿو ته ڪو شخص ماڻهن کان اها اميد نٿو رکي سگهي ته ڪو سندس  اِھو سمجهڻ ۾ مدد ڪري ته ڪنهن ٻئي شخص جي مدد ڪرڻ ڪيترو نه ڏکيو ڪم ھوندو آهي.”

“مون کي توھان جي ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه آئي.”

“مان تنهنجي باري ۾ ڪافي پريشان آهيان ۽ ھاڻي تنهنجي ھر ڳالهه جي ذميواري مون تي آھي ۽ مون کي اھو پسند ناھي ته تون ائين مايوس ۽ نا اميد رھين… مون کي اميد آهي ته مون کي اھو ثابت ڪري ڏيکاريندين ته تون زندگيءَ کي نئين طريقي سان شروع ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندين. مثال طور: جيڪڏهن تون پنهنجي مستقبل جي منصوبن تي سنجيدگيءَ سان بحث ڪرڻ لاءِ مون وٽ آئين ته مان پنهنجي وس آھر سڀ ڪجهه ڪندس، پر تون ھن ڪراڙي فيلٽ فش جي سهاري پنهنجي پهريان جهڙي، عيش واري زندگي گذارڻ جي اميد نٿو ڪري سگهين. پاڻ کي ان گمان ۾ نه رکجانءِ، پر جيڪڏھن تو نئين سر شروعات ڪرڻ جو پڪو عزم ڪيو آھي ۽ پنهنجي مستقبل جي تعمير لاءِ ڪي پڪا منصوبا ٺاھيا آھن ۽ پوءِ جيڪڏھن مون وٽ مدد لاءِ آئين ته منهنجي خيال ۾ مان پاڻ ئي تنهنجي سار سنڀال ۾ مدد ڪرڻ لاءِ تيار ھوندس، جڏھن ته خدا ڄاڻي ٿو ته مون وٽ خرچ ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ناهي. تون منهنجي جذبات کي سمجهين ٿو نه؟… ھاڻي ٻڌائي ته تو اڳيان لاءِ ڇا سوچيو آھي؟”

“جيڪڏهن توھان مون کي پنهنجي گهر ۾ رهڻ نه ڏيندؤ ته مان ڪم ڪندس…”

“تون سنجيده آهين؟ ڇا توکي خبر آهي ته اڄڪلهه ٽوڪيو امپيريل يونيورسٽي جا گريجوئيٽ بہ…”

“نه، مان ڪنهن ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ جو نه پيو سوچيان.”

“ته پوءِ؟”

“مان مصور ٿيڻ چاهيان ٿو.” مان پوري يقين سان چيو.

“ڇا…؟”

جڏهن فليٽ فش پنهنجي ڳچي اڳتي ڪري، مون تي کليو ھو ته سندس چهري تي ڇانيل شديد چالاڪيءَ وارو پاڇو مون کان ڪڏهن به نه وسري سگهندو. ان ۾ حقارت جي جهلڪ ھئي، پر ان ھوندي به اها ڪجهه مختلف هئي. جيڪڏهن دنيا کي سمنڊ وانگر ھزارين فوٽن جي اونهائي ھجي ھا ته ھي عجيب قسم جو پاڇو ھر ھنڌ لامارا ڏيندي نظر اچي ھا. سندس ان مرڪ سان مان بالغ پڻي جي زندگيءَ جي گهرائيءَ جي جهلڪ ڏسي پئي سگهيس.

هن چيو، “اهڙي ڳالهه تي بحث ڪرڻ جو ڪوبه فائدو ناهي. ٿورو غور ڪر ته تون اڃان تائين خيالن ۽ خوابن جي دنيا ۾ آھين. مهرباني ڪري اڄ شام ان ڳالهه تي سنجيدگيءَ سان ويهي ويچار ڪر.”

مان ڊوڙي ٻئي منزل تائين پهتس، پر جڏهن مان بستري تي ستس ته ڪا خاص تعميري نوعيت جي ڳالهه منهنجي ذھن ۾ نه آئي. ٻئي ڏينهن صبح جو سوير مان فليٽ فش جي گهر مان ڀڄي ويس.

مان ھڪ ڪاپيءَ تي پينسل سان وڏن اکرن ۾ ھڪ نوٽ لکي ڇڏي آيس. “مان اڄ رات بنا ڪنهن دير جي جلد واپس موٽي ايندس. مان هيٺ ڏنل ايڊريس تي رهندڙ هڪ دوست سان مستقبل جي منصوبن تي بحث ڪرڻ وارو آهيان. مهرباني ڪري منهنجي باري ۾ پريشان نه ٿِجو. مان سچ ٿو چوان.” مان هوريڪيءَ جو نالو ۽ پتو لکيو ۽ فليٽ فش جي گهر مان چپ چاپ نڪري آيس.

مان فيلٽ فش جي گهران ڀڄي ڪونه ويو ھئس، ڇاڪاڻ ته فليٽ فش جي ليڪچر ڏيڻ تي مون کي شرم ٿيو هو. مان، بلڪل ائين ئي ھئس، جيئن فليٽ فش بيان ڪيو ھو ته مان اھڙو شخص آھيان جنهن جي احساسن جو ڪو اتو پتو ئي ناھي ھوندو ۽ مون کي مستقبل جي منصوبن يا ڪنهن ٻي شيءِ بابت ڪا ڄاڻ ناھي. ان کانسواءِ، مون کي فليٽ فش لاءِ ٿورو ڏک به ٿيو ته مان هن تي بار بڻجي ويو ھئس ۽ مون لاءِ اها ڳالهه بلڪل برداشت کان ٻاهر ۽ تڪليف ڏيندڙ هئي ته جيڪڏهن ڪنهن لائق مقصد حاصل ڪرڻ جي ٿورڙي به همت پيدا ٿي وڃي ها، ته به مون کي ان غريب پوڙهي فليٽ فش تي ئي ڀاڙڻو پوي ها، جيڪو هر  مهيني پنهنجا پئسا منهنجي سڌاري لاءِ خرچ پيو ڪري.

جڏهن مان فليٽ فش جو گهر ڇڏيو هو ته يقينن مان هوريڪي جهڙي ماڻهن سان پنهنجي مستقبل جي منصوبن بابت صلاح مشورو ڪرڻ جو سوچيو به نه ھو. مان ان اميد سان نوٽ به  لکي ڇڏي آيس ته جيئن، ڀلي ھڪ پل لاءِ ئي سهي، فليٽ فش کي سڪون ملي. (مان اهو نوٽ ڪنهن جاسوسي ڪهاڻي واري حڪمت عملي سان ڪونه لکيو ھو، جو ان ذريعي مون کي فرار ٿيڻ لاءِ ٿورو وڌيڪ وقت ملي وڃي ته جيئن فيلٽ فش کي اوچتو صدمو نه رسي، جنهن سان ھو ڪنهن شديد پريشانيءَ ۾ مبتلا نه ٿي وڃي، پر ھا مون کي اهو مڃڻو پوندو ته اهڙي ٿوري گهڻي خواهش ضرور ھئي. مان سمجهان ٿو ته پنهنجي مقصدن کي ظاھر ڪرڻ جو اهوئي صحيح طريقو ٿي پئي سگهيو. مون کي خبر هئي ته سچ ھر حال ۾ سامهون اچي ويندو، پر مان سچ ٻڌائڻ کان ڊِنس پئي، پر منهنجي وڏي ۾ وڏي خرابي اھا آھي ته مان ھر ڳالهه کي مرچ مصالحه لڳائي پيش ڪندو آھيان. منهنجي ان خوبيءَ سبب ڪڏھن ڪڏھن ماڻهو مون کي ڪوڙو سڏيندا آھن، پر مان پاڻ کي فائدي پهچائڻ لاءِ ائين ھرگز ناھي ڪيو، بلڪه مون کي ماحول ۾ ان تباهيءَ واري تبديليءَ جو شديد ڊپ هو، جنهن سان گفتگوءَ جو سلسلو هڪدم گهٽجي ويندو. جتوڻيڪ جو مون کي خبر پئي ته ان سان بعد ۾ مون کي نقصان پهچندو، مان پنهنجي اداس سوچن ۽ خواھشن کي راحت ڏيڻ لاءِ  اڻ ڄاڻائي مان ئي سهي، ڳالهين کي وڌائي پيش ڪندو ھئس. ھي شايد منهنجي  ڪمزوري يا بيوقوفيءَ جو ھڪ سمجهه ۾ نه ايندڙ نمونو ھو، پر اها عادت جيڪا مون ۾ پيدا ٿي آهي، ان جو پورو پورو فائدو دنيا جي نام نهاد ايماندار شهرين ورتو آهي.) ائين ٿيو، جو منهنجي يادن جي ڪنهن ڪنڊ مان اڀري ايندڙ ھوراڪيءَ جو نالو ۽ ائڊريس لکي ورتو.

فليٽ فش جي گهران روانو ٿيڻ کانپوءِ مان شنجوڪو ڏانهن ھليو ويس، جتي مان پنهنجي ٿيلهي ۾ رکيل ڪتاب وڪرو ڪيا. پوءِ مان پريشانيءَ ۾ اتي بيٺو رھيس، سمجهه ۾ ڪونه پئي آيو ته ڇا ڪريان. جيتوڻيڪ مان ھميشه پنهنجي عادت بڻائي آھي ته مان هر ڪنهن سان سٺي نموني پيش اچان، پر مان ڪڏهن به دوستيءَ جي تجربي مان نه گذريو آھيان. مون وٽ ته رڳو پنهنجي مختلف واقفڪارن جون تڪليف ڏيندڙ يادون آهن، سواءِ انهن چند دوستن جي، جيڪي خوشيون ونڊڻ ۾ مون سان گڏ هئا، جهڙوڪ هوريڪي. انهن تڪليف ڏيندڙ لاڳاپن مان پنهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ مان پريشانيءَ مان مسخرو بڻجي رھڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جي نتيجي ۾ مان پاڻ کي پوريءَ طرح ٿڪائي ڇڏيو. اڄ به جيڪڏهن رستي ويندي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جو منهن ڏسندو آھيان، جيڪو ٿورو گهڻو ڪنهن سڃاڻپ ڪار جهڙو لڳندو آھي ته مون کان ڇرڪ نڪري ويندو آھي. پوري جسم ۾ اهڙي ڏڪڻي ۾ اچي ويندو آهي، جو مٿي ۾ چڪر اچڻ لڳندا آهن. مان ڄاڻان ٿو ته ماڻهو مون سان پيار ڪندا آھن، پر مون ۾ ٻين سان پيار ڪرڻ جي صلاحيت گهٽ آھي. (سچي ڳالهه اھا آھي ته مون کي تمام گهڻو شڪ آهي ته ڇا انسانن ۾ اھڙي قسم جي صلاحيت آھي به يا نه.) مون کي اھا اميد ئي نه ھئي ته مون جهڙو ڪو شخص ڪڏهن اھڙا گهاٽا سنگتي ڪري سگهي ٿو. ان کان علاوه مون ۾ ملاقاتن ڪرڻ جي پڻ صلاحيت نه هئي. ڪنهن ٻئي شخص جي گهر جي سامهون واري دروازي مون کيDivine Comedy  ۾Inferno  جي دروازي کان وڌيڪ ڊيڄاريندو ھو ۽ ان  ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، جيڪڏھن مان ائين چوان ته مان ان دروازي جي پويان موجود، ڪنهن ڏائڻ کي عجيب اشارا ڪندي ڏسي سگهان ٿو، جنهن مان ڪچي بوءِ پئي اچي.

منهنجو ڪو دوست نه هو ۽ نه ڪيڏانهن وڃڻو ھو.

هوريڪي.

هتي ان سچي ڳالهه جو حقيقي معاملو هو، جيڪا مان مذاق ۾ چئي هئي. جيئن ته مان فليٽ فش کي الوداعي نوٽ ۾ چيو ھو، ان ڪري مان هوريڪي ڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪيو. مان ان کان اڳ ڪڏهن به هوريڪيءَ جي گهر به ويو هئس. جڏھن به مان ھن سان ملڻ چاھيندو ھئس ته اڪثر ڪري ھن کي ٽيليگرام ڪري گهرائي وٺندو ھئس. بهرحال ھاڻي مان سوچيو پئي ته ڇا مان ٽيليگراف جي فيس ڀري به سگهان ٿو. مان اهو به سوچيو ته هڪ زھريلي سوچ رکندڙ خوار شخص جي ٽيليگراف ڪرڻ سان ھوريڪي اچڻ کان انڪار ته نه ڪندو. مان پاڻ وڃي ملڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو منهنجي لاءِ دنيا جو سڀ کان مشڪل ڪم ھو. دل جو بار ھلڪو ڪرڻ لاءِ، مان ٽرام۾ چڙهي ويٺس، اھو سوچي ته هاڻي هن دنيا ۾ منهنجي لاءِ صرف ھوريڪي ئي آخري اميد بچيوآھي ۽ ان ڳالهه جي ڊپ جي سبب منهنجي پوري جسم ۾ ڏڪڻي پيدا ٿي وئي.

هوريڪي گهر ۾ ئي هو. هو هڪ گنديءَ گهٽي جي ھڪ ڇيڙي تي، ٻه ماڙ گهر ۾ رهندو هو. هوريڪي کي ٻئي منزل تي هڪ وچولو ڪمرو مليل ھو. هيٺ، سندس ماءُ پيءُ ۽ هڪ نوجوان مزدور سينڊلن جون پٽيون ٺاھڻ جي ڪم ۾ مصروف هئا.

هوريڪيءَ مون کي ان ڏينهن پنهنجي شهري شخصيت جو هڪ نئون رخ ڏيکاريو. سندس طبيعت کان ھرڪو واقف ھو، پر ھو شديد انا پرست  ۽ ايترو ته چالاڪ ھو، جو مون جهڙي ٻهراڙيءَ جي ڇوڪري جون حيرت مان اکيون ڦاٽي ويون، پر هُو مون جهڙو سادو نه هو، ھو ته بلڪل سست قسم جو شخص نه ھو.

“اڙي واھہ! تون آيون آھين. تنهنجي پيءُ توکي معاف ڪيو آھي، يا اڃان نه؟”

“مان اھو باسيو ئي نه ته مان ڀڄي ويو ھئس.

…(هلندڙ)…

***