بلاگنئون

ناول قسط چوٿين: اميتاڀ بچن جي آتم ڪٿا

9-اي بي سي (ڪاروباري دنيا): اميتاڀ بچن ڪارپوريشن جي قيام جو مقصد، پروفيشنل ازم جي ذريعي ھندستاني فلم جي غير منظم ۽ افراتفري جي صورتحال ۾ بھتري آڻڻ ھو. آئون ان ڳالهه تي يقين رکان ٿو ته ماڻھو جيستائين پنھنجي پاڻ کي منظم نه ڪندو تيستائين ڪاروبار نه ڪري سگھندو. حڪومت فلم انڊسٽري جي صورتحال کي بھتر بنائڻ لاءِ اصلاحي قدم کنيا آهن، ڪوڪا ڪولا ۽ پيپسي کانسواءِ ڪيتريون ئي ملٽي نيشنل ڪمپنيون ھندستاني فلم انڊسٽري ۾ اچي رھيون آھن. اي بي سي جي ھڪ تاريخ آھي، ان جي پويان منھنجو فلم انڊسٽري ۾ سالن جي ڪم جو تجربو ھو. ھن جي قيام کان گھڻو عرصو اڳ اسان تحقيق ڪئي ۽ ان کانپوءِ ھن ڪم ۾ ھٿ وڌو. اسان جي 9.8 ڪروڙ رپين جي ماليت جي پراڻي ڪمپني سرسوتي آڊيو وزيوئل اي بي سي جو حصو ھئي ۽ اسان ان تي وڌيڪ ٽي ڪروڙ رپيا نقد لڳايا. اسان پنھنجي ڪارپوريشن لاءِ انڊسٽري جي بھترين ماڻھن کي تمام وڏي معاوضي تي رکيو. منھنجي ٻين ڪمن وانگر اي بي سي جي قيام کي به متنازع بڻايو ويو، ايتري قدر جو ماڻھن منھنجي ڏاڙھي کي به متنازع بڻائي ڇڏيو، پر مون اھو عھد ڪري ڇڏيو هو ته تنقيد ڪرڻ وارن کي ليکڻو ئي ناهي. اي بي سي جا سڀ معاملا بورڊ جي گڏجاڻين ۾ بحث ھيٺ ايندا هئا، اسان جون پنھنجيون پاليسيون ھيون. منھنجي لاءِ ڪارپوريشن جي سربراهي ھڪ نئون تجربو ھو، مون کي خبر پئي ته ڪاروبار ۾ جتي نفعا نقصان ٿيندا آهن اتي ڏک سک به ملندا آهن. اي بي سي جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون ويون، جنھن زماني ۾ اي بي سي بحران جو شڪار ٿي، انھيءَ زماني ۾ سڄي دنيا جو ڪاروبار پڻ بحران ۾ ھو. اسان ڪيترين ئي تڪليفن کانپوءِ به “ميجر صاب” وقت تي مڪمل ڪئي، انھيءَ جي تياري تي ڏھ ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا ھئا. مون ۽ منھنجي ڀاءُ ھمت نه ھاري، اسان مخالفن جو همت سان مقابلو ڪيو. اسان جو ايمان آھي ته جيڪي ڏيئا رت سان ٻاريا ويندا آهن، انھن کي وسائي نٿو سگھجي. زندگي ۾ ڪوبه اھڙو ڪم ناھي، جنھن ۾ تڪليفون نه اينديون ھجن. ڪابه شيءِ مستقل ناھي، سواءِ تبديلي جي، جدوجهد به مستقل آھي. ماڻھو جڏھن تڪليف ۾ ايندو آهي ته سڀ کان پھرين ان جو ڪو حل ڳولهيندو آهي. مون پنھنجي سڄي زندگي ۾ انھن ڳالھين تي عمل ڪيو آھي. اسان ڪيترائي سال اڳ ھڪ دوا جي ڪمپني خريد ڪئي ھئي، ان وقت اھا خساري ۾ ھئي، اسان محنت ڪئي اڄ ان جي ماليت ٽي ارب رپيا آھي. منھنجو خاندان ڪيتري ئي عرصي کان ڪاروبار ۾ آھي، پر آئون ڪاروباري ماڻھو ناھيان. آئون اداڪاري جي دنيا ۾ به ڪنھن فلم جي معاهدي تي صحيح ڪرڻ کان پھرين ڪھاڻي ۽ پنھنجي ڪردار کي ڏسندو آھيان، پر صحيح ڪرڻ کانپوءِ سڀ ڪجھه پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر تي ڇڏي ڏيندو آھيان. اي بي سي ۾ به منھنجو رويو اھڙو ئي ھو، ڪم ڪرڻ وارن تي گھڻو ڀروسو ڪندو ھئس، ان ڪري نقصان ٿيو. اي بي سي کي ڪارپوريٽائز ڪرڻ، پھرين ڪوشش ھئي. مون پنھنجي ڪارپوريشن جي ايگزيڪيوٽو کي ڪم ڪرڻ جي ڀرپور آزادي ڏني، ھن آزادي جو غلط استعمال ڪيو. جڏھن مون کي خبر پئي ته مون اھم ماڻھن کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو. اي بي سي منھنجو خواب ھو، ھن جي قيام جو آئيڊيو منفرد ھو، ڪيترائي ماڻھو ھن آئيڊيا مان گھڻا متاثر ٿيا ھئا، شروع ۾ تمام گھڻو نفعو ٿيو، پھرين سال اسان کي 16 ڪروڙ رپين جو فائدو پيو. اڄ ھندستان ۾ سوني، يونيورسل ۽ ڪولمبيا جھڙيون وڏيون ڪارپوريشنون ڪم ڪري رھيون آھن. جڏھن اسان ٽي وي ايشيا شروع ڪيو ته منھنجو اندازو ھو ته چئنل ڏسڻ وارن جو پنجاھ سٺ لک کن ھوندو، منھنجو اندازو درست نڪتو. اڄ مان ھڪ ٻي اڳڪٿي ڪري رھيو آھيان، اھا ھي ته ھندستاني تفريح صنعت مستقبل ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ٽن وڏين صنعتن مان ھڪ ھوندي. اسان جي خاندان اي بي سي جي تجربي مان گھڻو ڪجھه سکيو، ھتي آئون حڪومت کي چوندس ته فلم انڊسٽري کي به ٻين صنعتن جي اي بي سي جي حالتن کي بھتر بنائڻ لاءِ سافٽ ويئر ۽ موسيقي جي شعبن کي عارضي طور بند ڪيو وڃي، صرف فلم پروڊڪشن ۽ ڊسٽريبيوشن تي ڌيان ڏنو وڃي. مون تجربن مان سکيو آهي ته ماڻھو پنھنجي ڪمن جو پاڻ ذميوار ھوندو آھي. منھنجي ملازمن غلط ڪم ڪيا، ڪوڙ ڳالھايو، پنھنجي من ماني ڪئي، ان ڪري ڪمپني کي تمام گهڻو نقصان ٿيو. مون ڪمپني جون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ پنھنجي تخليقي سرگرمين ۽ دفتري ڪمن ۾ ڪو به فرق محسوس نه ڪندو ھئس. صبح سوير تيار ٿي، آفيس پھچي ويندو ھئس. اشتھارن ۾ ماڊل طور ڪم ڪرڻ جي حوالي سان منھنجو تصور گھڻو مختلف ھو، مون محسوس ڪيو ته آئون سٺو ماڊل نٿو ٿي سگھان. مون پنھنجون سڀ توانايون ۽ صلاحيتون پنھنجي ڪارپوريشن ۾ لڳائڻ ٿي چاھيون. اسان اسٽار ٽريڪ نالي سان اداڪار ٿيڻ جي خواھش رکندڙ نوجوانن لاءِ ھڪ ادارو ٺاھيو، جڏھن آئون فلم انڊسٽري ۾ آيو ھئس ته مون کي تمام گھڻين ڏکائين کي منهن ڏيڻو پيو ھو. مون کي خبر آهي ته فلم انڊسٽري ۾ نون ايندڙن لاءِ تمام گھڻيون ڏکيائيون ھونديون آهن. اسٽار ٽريڪ ذريعي مون نون اداڪارن جي مدد ڪئي، منھنجي نقادن منھنجي ھن ڪم تي به سخت تنقيد ڪئي. جڏھن مون کي اداڪاري تي موڊي لفٽ ايوارڊ Modiluft Award  ڏنو ويو ته مون ايوارڊ سان گڏ ملندڙ رقم Cine Artists Association  کي ڏيئي ڇڏيو. ان ڪري، ڇاڪاڻ ته مون کي لڳو ته ھڪ ميمبر جي حيثيت ۾ مون تي فرض آهي. انسان  جو ارادو ڪيترو به نيڪ ڇو نه ھجي، پر تنقيد ڪندڙ ھميشه تنقيد ڪندا رھندا آھن. الزام ھڻندڙن وٽ ڪو به منطق نه ھوندو آھي. ڪجھه ڏينهن پھريان مون کي ھڪ صحافي چيو تہ، توھان سنيل دت، راج ڪپور ۽ ڌرمينڌر وانگر فلم انڊسٽري ۾  سرمائيڪاري نه ڪئي آھي ۽ انھن وانگر اسٽوڊيو ۽ ڊبنگ ٿيٽر نه ٺاھيا آھن، بلڪه توھان پنھنجو پئسو ٻين ڪمن ۾ لڳايو آهي. ھاڻي توھان ئي ٻڌايو ھنن الزامن ۾ ڪو منطق آھي؟ جيڪڏهن مون ايئن ڪيو آهي، ته ان ۾ غلط ڇا آھي. پھرين ڳالهه ته جيڪي ماڻھو اسٽوڊيو ۽ ٿيٽر ھلائي رھيا آھن، ڇا اھي خيراتي ڪم ڪري رهيا آهن، معاوضو نٿا وٺن. جيڪڏهن ايئن آھي ته پوءِ ڪنھن کي اعتراض نه ڪرڻ گھرجي. جيڪڏهن ماڻھو ڪو به ڪم ڪرڻ چاھيندو آھي ته شروعات ۾ کيس ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. اداڪار جي حيثيت ۾ مون تي اھو فرض ھو ته سٺو پرفارم ڪيان. (اھا ذميواري پروڊيوسر تي به لاڳو ٿئي ٿي جيڪي پئسا ڪمائيندا آھن). اي بي سي جي قيام کانپوءِ مون احساس ھو ته مون تي رقم لڳائيندڙ شيئر هولڊر جي ذميواري آھي ته آئون ڪاروبار جي معيار کي بھتر بڻايان. ميڊيا ۾ منھنجي اينگري ينگ ايڪٽر کان ڪارپوريٽ چيئرمين تائين جي سفر تي گھڻو ڪجھه لکيو ويو آھي. آئون اھڙين درجا بندين ۾ يقين نٿو رکان، عام طور تي ماڻھو 50 سالن کانپوءِ ٿڪي پوندا آهن، جڏھن ته مون 57 سالن جي ڄمار ۾ اي بي سي قائم ڪيو ھو. مون ھميشه محنت کي ترجيح ڏني آھي. مون ته 80ع جي ڏھاڪي ۾ اي بي سي قائم ڪرڻ جو سوچو ھو، پر ان وقت ملڪ جو ماحول موزون نه ھو. 1990ع کانپوءِ اسان محسوس ڪيو ته عالمي تبديلين سبب ملڪ جي صورتحال ۽ فضا ۾ به تبديلي آئي آهي ۽ پوءِ اسان ھڪ وڏي ڪمپني قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. منھنجي زندگي ۾ ايستائين ڪڏھن به ٻه ڏينھن ھڪ جھڙا نه گذريا آهن، ھميشه مصروف رھيو آھيان. بمبئي اچڻ وقت مون وٽ صرف ڊرائيونگ لائسنس ھو، مون ڪجھه ڪرڻ ٿي چاھيو، پوءِ اھو ٽيڪسي ڊرائيور ئي ڇو نه ھجان. بمبئي اھڙو شھر آھي، جيڪو توھان کي ڪجھه نه ڪجهه ڪرڻ لاءِ آماده ڪندو آهي. مون کي پنھنجي جدوجھد جا اھي ڏينهن اڄ به ياد آھن، جڏھن آئون مئرين ڊرائيو تي ھڪ بئنچ تي سمھندو ھئس. اڄ جڏهن آئون پنھنجي ٻارن سان اتان گذرندو آھيان ته ٻارن کي پنھنجو اھو پھريون گھر ضرور ڏيکاريندو آھيان. ھن پھرين گھر کانپوءِ آئون ھن علائقي ۾ پنھنجي ھڪ دوست جي گھر ۾ رھيو ھئس، ان کانپوءِ انڌيري ۾ محمود جي ڀاءُ سان گڏ رھيس، ان جو نالو انور علي ھو، انور علي مون سان فلم ‘سات ھندستاني’ ۾ گڏ ڪم به ڪيو آھي. منھنجو ڀاءُ سنيتا اپارٽمينٽ ۾ رھندو ھو، ھي عمارت ڪولابه ۾ پوسٽ آفيس جي سامھون ھئي. ھو اٺين منزل تي پنھنجي دوستن سان گڏ رھندو ھو. اپارٽمنٽ ٻن ڪمرن تي مشتمل ھو ۽ ان ۾ اسين اٺ ڄڻا رھندا ھئاسين. گھڻي وقت کانپوءِ مون جوھو پارلي اسڪيم ۾ ھڪ گھر ڪرائي تي ورتو، شادي کانپوءِ مون ھڪ گھر خريد ڪيو، جنھن جو نالو ‘پري تيڪشا’ ھو، پري تيڪشا کانپوءِ مون موجوده گھر ورتو، ھن بنگلي جو نالو ‘مانسا’ آھي. گھرن جي مسلسل تبديلي باوجود اسان پنھنجي پاڙيسرين سان سٺا تعلقات رکندا ھئاسين. آئون جڏھن به پنھنجي باغيچي ۾ چھل قدمي ڪندو آھيان ته اڪثر ماڻھن کي پنھنجي گھرن جي بالڪونين ۾ ڏسندو آھيان. آئون کين سلام ڪندو آھيان، پاڙي ۾ ڪا به شادي يا تقريب ٿيندي آهي ته اسان کي دعوت ملندي آهي، ڪوشش ڪري وقت ڪڍي پاڙي ۾ پير ڀريندو آهيان. ميڊيا ۾ 1980ع جي ڏھاڪي ۾ منھنجي زوال جون خبرون ھلنديون رھيون. 1985ع ۾ منھنجي فلم ‘مرد’ ريليز ٿي ته فلمي نقادن چيو ته منھنجو ھاڻي زوال اچي چڪو آهي. 1988ع ۾ ‘شھنشاھ’  ‘گنگا جمنا’ ۽ ‘سرسوتي’ ريليز ٿيون ته منفي تبصرا ڪيا ويا. آئون نقادن جي تنقيد باوجود پنھنجو ڪم ڪندو رھيس ۽ ھڪٻئي پٺيان مگل آنند جي ٽن فلمن ۾ ھيرو طور آيس، اھي ٽي فلمون اگني پٿ (1990ع)، ھم (1991ع) ۽ خدا گواهه (1992ع) ھيون. ھي ٽئي فلمون گھڻيون پسند ڪيون ويون. مرتيو داتا فلم تي گھڻي تنقيد ڪئي وئي، اھا به حقيقت آهي ته ھي ناڪام فلم ھئي ۽ مون جائز تنقيد کي ھميشه قبول ڪيو آھي. ھر ماڻھو پنھنجي پنھنجي حصي جو ڪم ڪندو آهي، منھنجو ڪم فلمون ٺاھڻ آھي ۽ نقادن جو ڪم تنقيد ڪرڻ آھي. مون ھميشه ناڪامي مان سکيو آهي، منھنجا مداح ھميشه مون ۾ توقعات رکندا آهن ۽ منھنجي ڪوشش ھوندي آھي ته انھن جي اميدن تي پورو لھان. ميڊيا جي ماڻھن جي بقول ته ماڻھو مون ۾ تمام گھڻيون اميدون رکندا آهن ۽ مون کي ديومالائي اداڪار طور ڏسندا آهن، جڏھن سندن اميدون پوريون ناھن ٿينديون ته ھو تنقيد ڪندا آهن. مان پنھنجي مداحن جو ٿورائتو آهيان جو ھو مون کي ايڏو مھان سمجھن ٿا، حالانڪه آئون پنھنجي پاڻ کي ان لائق نٿو سمجھان. مشھور اداڪار جا ڪيترائي فائدا آهن، پر نقصان پڻ آھن، سئنيما ۾ لاھا چاڙھا ايندا رھندا آھن. پروفيشنل اداڪاري ھڪ مصنوعي دنيا کي حقيقي دنيا ظاھر ڪرڻ جو نالو آهي. اڪثر ايئن ٿيندو آهي ته اسان جنھن شخص جو ڪردار ادا ڪري رھيا ھوندا آھيون، ماڻھو اسان کي به ان جھڙو ئي سمجھندا آھن. ان ڪري ئي غلط فھميون جنم وٺنديون آهن. اڪثر ايئن به ٿيندو آهي ته اسان جيڪو ڪردار ادا ڪري رھيا ھوندا آھيون ان جي معمولي جھلڪ به اسان ۾ ناھي ھوندي. منھنجي لاءِ اھا ڳالھه گھڻي فائديمند رھي آھي، ڇو ته مون ھميشه پنھنجي نجي زندگي پوشيده رکي آھي. آئون اڪثر سوچيندو آهيان ته دنيا ۾ اھڙو ڪھڙو پيشو آهي، جنھن ۾ توھان کي متبادل حقيقت ۾ جيئڻو پوندو آهي. اھو سولو ناھي، ان جا خطرناڪ نتيجا به نڪري سگھن ٿا. آئون ڪوشش ڪري پنھنجي ڪم سان ڪم رکندو آھيان ۽ اسٽوڊيو کان ٻاھر عام ماڻھن وانگر نارمل زندگي گذاريندو آھيان. جڏھن مون کي موجوده دور جي نوجوان اداڪارن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي ته آئون ڏاڍو خوش ٿيندو آھيان، منھنجي طويل ڪيريئر ۾ اھڙا ڪيترائي موقعا آيا، جنھن دوران مون تي شديد تنقيد ڪئي وئي. منھنجي ڪيترن ئي ھمعصر اداڪارن جو فني ڪيريئر ختم ٿي چڪو آهي، جڏھن ته آئون اڃان ڪم ڪري رھيو آھيان، ھن وقت آئون ھندي فلمن جو ھيرو طور مڃيو وڃان ٿو. اھو به سچ آهي ته مون کان سواءِ ڪيترائي عظيم اداڪار اھڙا ٿي گذريا آهن، جيڪي وڏي عمر ھجڻ باوجود به مرڪزي ڪردار ادا ڪندا رھندا آھن، انھن اداڪارن ۾ ديو صاحب، دادا موني ۽ دليپ ڪمار شامل آهن. آئون جواني ۾ پنھنجي ڊائريڪٽرن سان سر چئي مخاطب ٿيندو ھئس، ھن وقت به جڏهن پوڙھو ٿي چڪو آھيان، تڏھن به سر چئي مخاطب ٿيندو آھيان. منھنجا ساٿي مونسان بي حجاب ٿي ڳالھائيندا آھن، مون کي ان ڳالهه تي خوشي ٿيندي آهي. آئون انساني تعلقات ۾ برابري جو قائل آھيان، انڪساري منھنجي فطرت ۾ شامل آھي. منھنجي فني ڪيريئر جي شروعات ۾ گھڻا ماڻھو مون کي صرف اميٿاب چوندا ھئا، پوءِ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انھن نالي سان گڏ ‘جي’ جو اصافو ڪيو ۽ ھاڻي مون کي سر چيو ويندو آهي. آئون ماڻھن جي روين ۾ پنھنجي لاءِ تمام گھڻي عزت ۽ احترام محسوس ڪندو آھيان، گھڻا ماڻھو ته منھنجي پيرن تي ھٿ رکندا آهن. آئون چاھيان ٿو ته منھنجا ساٿي فنڪار مون کي پنھنجي برابر سمجھن، پر مسئلو اھو آھي ته اسان جو ڪلچر وڏن جو احترام سيکاري ٿو. ٻين ملڪن ۾ ايئن ناھي. نوجوانن سان ڪم ڪرڻ ۽ انھن سان گڏ ھلڻ ۾ مون کي ڪابه ڏکيائي نه ٿيندي آهي، ڇو ته منھنجي گھر ۾ ھڪ نوجوان منھنجو پٽ اڀيشيڪ موجود آهي. مون کي خبر آهي ته نوجوانن سان ڪيئن ورتاءُ ڪجي، انھن سان ڪيئن ھلجي. ھتي منھنجو پٽ جو ذڪر اچي ويو، ٻڌائيندو ھلان ته اڀيشيڪ جو تعليم اڌ ۾ ڇڏي اداڪاري ۾ اچڻ تي مون ۽ منھنجي زال جيا مخالفت ڪئي ھئي. صحافين اڀيشيڪ جا ڪيترائي سچا ڪوڙا اسڪينڊل ڇا پيا، مان اھي ڏسي کلي پوندا آھيان. اڀيشيڪ نوجوان آھي، سندس تعلق ھڪ مشھور خاندان سان آھي، آئون سندس متعلق فڪرمند رھندو ھئس، آھيان ۽ رھندس. جھڙي طرح اسان جو والد صاحب اسان لاءِ فڪرمند رھندو ھو. اڀيشيڪ به اسان جو گھڻو خيال رکندو آهي. ھو فلمن ۾ مصروف ھجڻ باوجود اڄ به منھنجو ۽ پنھنجي ماءُ جو گھڻو خيال رکندو آهي. اڪبر بادشاهه 14 سالن جي ڄمار ۾ پنھنجي سلطنت جا ڪم ڪار سنڀاليا ھئا، اڀيشيڪ ته ٻاويهن سالن ۾ عملي زندگي جو آغاز ڪيو آھي. اسان ڪاميابي لاءِ کيس جدوجهد ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ چاھيون ٿا، وقت سان گڏ ضرور مضبوط ۽ تجربيڪار ٿيندو. منھنجي خواھش آھي ته ڪنھن ڪاسٽيوم ڊرامي ۾ ڪم ڪيان، آئون اھڙي پيشڪش لاءِ ھر وقت حاضر آھيان. ڪيترائي اھڙا ڪردار آھن، جن کي ادا ڪرڻ لاءِ خواهشمند آھيان، مثال طور: مغل بادشاهه، عاشق، فوجي، ڪنھن يورپي شخصيت جو ڪردار وغيره. جڏھن اداڪار پنھنجي پاڻ کي مڃائي وٺندا آهن، ته پوءِ ھو تاريخي شخصيتن جا ڪردار ادا ڪندا آهن. منھنجي خيال ۾ انھيءَ جو سبب اھو ھوندو آھي ته شخصيت گھڻي مشھور ھوندي آھي. جڏھن آئون پنھنجي مصروف زندگي جو جائزو وٺان ٿو ته ان نتيجي تي پھچان ٿو ته مون پنھنجي پاڻ کي حالتن جي رحم ڪرم تي ڇڏي سٺو ڪيو ھو. آئون ھميشه وقت ۽ حالتن سان گڏ ھليو آھيان. مون کي خبر آهي ته ڪيترائي عظيم ماڻھو تاريخ ۾ گمنام ان ڪري رھجي ويا، ڇاڪاڻ ته انھن حالتن سان سمجھوتو نه ڪيو ھو. اسان جو مذھب، اسان جي تھذيب ۽ روايتون اسان کي اھو ئي سيکارين ٿيون ته وقت سان گڏ ھلڻ گھرجي. منھنجي زندگي ۾ جيڪو ڪجھه ٿيو آهي، اھو مون کي قبول آھي، اصل شيءِ ماڻھو جو پنھنجو اطمينان آھي. ماڻھو ڇا به چون، انھي تي ڌيان نه ڌرڻ گھرجي. ان معاملي ۾ آئون ھميشه پنھنجي پالڻھار جو شڪرگذار رھندو آھيان. آئون پھريون اداڪار ھئس، جيڪو سڀ کان پھرين سياست ۾ آيو، ٻين اداڪارن ۽ مون ۾ اھو فرق آهي ته ٻين سياست جي ڪري اداڪاري ڇڏي ۽ مون اداڪاري جي ڪري سياست کي ترڪ ڪيو. منھنجا گانڌي خاندان سان ويجھا تعلقات رھيا آھن، سياست ڇڏڻ کانپوءِ به انھن سان تعلقات قائم آھن. سونيا گانڌي عملي سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ھتي آئون ھڪ تاريخي مغالطي جي وضاحت ڪرڻ چاھيان ٿو ته منھنجي نقادن مون تي اھو الزام ھنيو ته شروعات ۾ مون سونيا گانڌي کي سياسي مشورا ڏنا ھئا. ايئن ناھي، مون ڪڏھن به سونيا گانڌي کي يا ٻي ڪنھن کي اڄ تائين ڪوبه سياسي مشورو نه ڏنو آھي. سياست جي ميدان ۾ مون تي جيڪي به الزام لڳا آهن، مون انھن جو ڀرپور جواب ڏنو آھي. 1986ع ۾ فلم اسٽرائيڪ دوران ھڪ رسالي جي مالڪ مون تي الزام ھنيا ته مون ڀرپور جواب ڏنو. ان مشڪل دور ۾ منھنجي جواب تي شديد تنقيد ڪئي وئي، پر آئون پنھنجي ڳالھه تي ثابت قدم رھيس. بوفورس معاملي ۾ جڏهن مون تي ڪرپشن جو الزام ھنيو ويو ته مون ڀرپور مقابلو ڪيو. گھڻو عرصو اڳ ھڪ مشھور فلمي رسالي اداڪارہ ريکا جي حوالي سان مون تي اھو الزام ھنيو ويو ته آئون ريکا کي پنھنجي گھر پري تيڪشا وٺي ويو ھئس. شاطر ۽ چالاڪ صحافي قانوني اصطلاحن کي ڍال طور استعمال ڪندا آهن. مثال طور: صحافي خبر ۾ مبينا طور استعمال ڪندا آهن. جنھن جي ڪري اھي جوابي ڪارروائي کان بچي ويندا آهن. ريکا واري معاملي ۾ منھنجي خاموشي ۽ ريکا جي ڪجھه بيانن ماڻھن ۾ تجسس پيدا ڪيو ھو. مون کي خبر آهي ته ڪجھه ڊائريڪٽر منھنجي حوالي سان شڪايت ڪندا آهن ته ڪنھن فلم ۾ ڪم ڪرڻ يا نه ڪرڻ واري فيصلي ۾ گھڻو وقت وٺندو آھيان. آئون فطرتي طور تي ايئن ئي آھيان، ڪوبه فيصلو جلدي نه ڪندو آھيان. منھنجو فلمن ۾ اچڻ به ان ڳالهه جو ھڪ مثال آهي. فلمن ۾ اچڻ وارو فيصلو به مون جلدي نه ڪيو ھو، آئون فطرتي طور تي شرميلو آھيان، منھنجي ان رويي کي مغرور نه سمجھيو وڃي، آئون چاھڻ باوجود به پنھنجي پاڻ کي تبديل نٿو ڪري سگھان. شرميلي طبيعت جي ڪري مون ڪيترائي نقصان به کاڌا آهن. ڪنھن فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار منھنجي لاءِ وڏي تڪليف ھوندي آھي، ان جو اھو سبب آهي ته منھنجي جواب ڏيڻ تي پروڊيوسر جي چھري تي ايندڙ تاثرات ڏسڻ کانپوءِ مون کي سٺو نه لڳندو آهي. فلم يا زندگي جي ڪنھن به معاملي ۾ انڪار ڪرڻ منھنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو ھوندو آھي. مون کي اھا به خبر ناھي آئون اھو صحيح ڪندو آھيان يا غلط. اھڙي طرح ڊپريشن وارو معاملو به ساڳيو آهي، مون تي ڊپريشن ھميشه حاوي رھندو آھي، ھن ڪيفيت ۾ آئون پنھنجي پاڻ کي بيوس محسوس ڪندو آھيان، ان جا ڪيترائي سبب به آھن. مثال طور: منھنجي ڌيءَ جي شادي ٿي وئي آھي ۽ ھو ماءُ به ٿي وئي آهي، پر ٻين ماڻھن وانگر مون کي اھا ڳالھه سمجھه ۾ نٿي اچي ته ھاڻي اھا منھنجي ذميواري ناھي، پر آئون اڄ به پنھنجي ڌيءَ جي صحت ۽ سلامتي لاءِ فڪرمند رھندو آھيان. منھنجو اھو ايمان آھي ته زندگي ۾ ورچي ويھڻو ناھي، ھر وقت ڪو نه ڪو ڪم ڪرڻو ئي آھي. زندگي ھلڻ جو نانءُ آھي، بيھڻ موت آھي. حقيقي معني ۾ اھي ئي ماڻھو ھميشه زنده رھندا آھن جيڪي وقتي ناڪامين تي مايوس ناھن ٿيندا ۽ زندگي جي اعليٰ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد ڪندا رھندا آھن. ھاڻي جڏھن آئون زندگي جون ڪيتريون ئي بھارون ڏسي چڪو آھيان، انھيءَ نتيجي تي پهتو آھيان ته انسان ھڪ مرحلي تي پھچي زندگي جي سڀني ڏکيائين کي منھن ڏيڻ سکي وٺندو آهي، اھو غلط آھي. اھو ھڪ خواب، ھڪ يوٽوپيائي مغالطو آھي، ڪنھن ماڻھو کي ان غلط فھمي جو شڪار نه ٿيڻ گھرجي ته ھن سڀني مسئلن جو حل ڳولهي ڇڏيو آهي يا ھو سڀني معاملن کي منھن ڏئي سگھي ٿو. زندگي وسيع آهي، ان ۾ ڪيتريون ئي پيچيدگيون آھن ۽ ھزارين معاملا آھن. انسان مرڻ تائين مسئلن ۾ گھيريل ھوندو آھي.

10- بي بي سي ملينيئم اسٽار:

1999ع ۾ بي بي سي ھڪ آن لائين سروي ڪرايو ۽ عوام کان ملينيئم اسٽار متعلق پڇيو ويو. جڏھن نتيجو آيو ته آئون پاڻ حيران ٿي ويس، ڇو ته ماڻھن مون کي ملينيئم اسٽار قرار ڏنو ھو. مون پنھنجي پاڻ کي لارنس اوليور، چارلي چيپلن ۽ ٻين عظيم فنڪارن جي قطار ۾ ڏٺو ته خوشي ٿي. مون جھڙي شرميلي طبيعت رکندڙ اداڪار لاءِ ايڏي پذيرائي ۽ عزت سچ پچ منھنجي لاءِ وڏي فخر جي ڳالهه ھئي. جڏھن مون کي اھو اطلاع ڏنو ويو ته مون چيو، اھا ڪمپوٽر جي غلطي ھوندي، اھا ڪسرنفسي منھنجي طبيعت جو حصو آهي. آئون پنھنجي مداحن ۽ خير خواھن جي جذبن جو احترام ڪيان ٿو، ھو مون کي عزت ڏين ٿا ته مون تي اھو فرض آهي ته آئون به سندن احترام ڪيان.  پنھنجي ڪنھن پسنديده اداڪار جي فلم ڏسڻ وقت آئون گھرائي سان سوچيندو آهيان، اسان جو فلم ڏسڻ عام فلم ڏسندڙن کان مختلف ھوندو آھي، اسان ھڪ ئي وقت ڪيترن ئي شين کي غور سان ڏسندا آھيون. اسان فلم ڏسڻ مھل اداڪار جي ڪيل محنت، ڪئميرامين ۽ ٻين جي محنت تي به غور ڪندا آھيون. اھڙي طرح اداڪار جي نفسياتي ڪيفيت جو معاملو به آھي ته اداڪاري ڪرڻ وقت ھن جي ذھني ۽ نفسياتي ڪيفيت ڪيئن ھوندي آھي، فلم ڏسڻ وقت انھي ڳالھه تي به غور ڪندو آھيان ته آيا منھنجي فلم ڏسڻ وقت به ماڻھو ايئن غور ڪندا ھوندا؟ اسان مان ھر ماڻھو ۾ وقت سان گڏ تبديلي ايندي رھندي آھي، عمر وڌڻ سان گڏ تبديلي به ايندي رھندي آھي، اھو ھڪ فطري عمل آهي. جيڪڏهن ڪو اداڪار انھي حقيقت کي تسليم نه ڪندو ته اھو ان لاءِ نقصانڪار ھوندو. اولھه جا ڪيترائي اداڪار پنھنجي وڌندڙ عمر کي لڪائڻ لاءِ ڪاسميٽڪ سرجري جو سھارو وٺندا آهن. آئون انھي عمل جي سخت خلاف آھيان، پيرسني جي به پنھنجي ھڪ خوبصورتي ھوندي آھي. جڏھن ‘سوريا ونشم’ ريليز ٿي ته ڪيترن ئي نقادن چيو ته مون کي ان ۾ جواني وارو ڪردار ادا نه ڪرڻ گھرجي ھا. حقيقت اها آهي ته مون ان حوالي سان فلم جي پروڊيوسر سان ڪاسٽنگ وقت صلاح ڪئي ھئي، پر ھن متفقه طور تي ٻنھي ڪردارن لاءِ منھنجي چونڊ ڪئي ھئي. ان جو سبب ڪھاڻي جو مخصوص پھلو ھو، ھڪ مرحلي تي ٻنھي ڪردارن ۾ ھڪ جھڙائي ڏيکاري وئي ھئي. آئون ڀڳوت گيتا جو باقاعدگي سان مطالعو ڪندو آھيان ۽ ان جي تعليمات مان عملي زندگي ۾ پڻ فائدو وٺندو آھيان. گيتا ۾ لکيل ھڪ جملو مون کي ڏاڍو وڻندو آهي:

“توھان وقت کان اڳ ڪا به شيءِ حاصل نٿا ڪري سگھو، توھان جي قسمت ۾ جيڪو ڪجھه لکيل آهي، اھو توھان کي ضرور ملندو.”

…(هلندڙ)…

***