آرٽيڪلٽيڪنالاجي

سوشل ميڊيا ۽ سائبر ڪرائيم عامر درازي Aug 2020

پاڪستان سميت پوري دنيا جي اندر سوشل  ميڊيا جو استعمال وڏي تيزي سان وڌي رهيو آهي.

ڪنهن به نئين شيءِ جي ايجاد ۽ ان جي استعمال سان ان مٿان مختلف وقتن تي مختلف قانون سازيون ڪيون وينديون آهن اهو ان لاءِ ته ان اداري يا ڪنهن به سسٽم کي صحيح سمت ۾ هلائي سگهجي.

اهڙيءَ ريت پاڪستان ۾ به هن وقت سوشل ميڊيا کي اخلاقي ضابطن هيٺ هلائڻ لاءِ ٻه ايڪٽ پاس ڪيا ويا آهن هڪ سائبر ڪرائيم ايڪٽ ٻيو اليڪٽرانس ايڪٽ.

توهان ڏٺو هوندو ته پاڪستان اندر سوشل ميڊيا جو استعمال تمام گهڻو ٿي رهيو آهي ڏينهون ڏينهن سوشل ميڊيا جي استعمال ڪرڻ وارن جو تعداد گهڻو تيزي سان وڌي رهيو آهي.

انتهائي افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته سوشل ميڊيا جي استعمال سان گڏوگڏ سائبر ڪرائيم ۾ به تمام گهڻو اضافو ٿي رهيو آهي. اسان وٽ عام طور تي ٿيندو ايئن آهي جو ماڻهو جذبات ۾ اچي سوشل ميڊيا جي استعمال جي اخلاقي ضابطن کي وساري ويهندا آهن ۽ ڪنهن کي به ڪمينٽس ۾ گهٽ وڌ ڳالهائي ڇڏيندا  يا ڌمڪيون ڏيندا آهن يا وري بليڪ ميل ڪندا آهن اهو سڀ قانون جي نظر ۾ ڪرائيم آهي جيڪو سائبر ڪرائيم جي ذمري ۾ اچي ٿو. هڪ قانون جو ادني ٰ شاگرد هئڻ جي حيثيت سان آئون اڪثر ڏسندو آهيان ته اڪثر ماڻهو اڻ ڄاڻائي ۾ سائبر ڪرائيم جو ارتڪاب ڪندا رهندا آهن، پر هنن کي اهو احساس ئي ناهي هوندو ته هنن کان ڪو ڏوهه سرزد ٿي رهيو آهي. ان جا ٻيا به ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا پر سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ سائبر ڪرائيم جي متعلق ماڻهن کي تمام گهٽ ڄاڻ آهي يا وري جن کي ڄاڻ آهي اهي به ان قانوني ڄاڻ کان لاتعلقي وارو رويو اختيار ڪن ٿا، پر ڪجهه به هجي هاڻي وقت اچي چڪو آهي جو سوشل ميڊيا استعمال ڪري واري هر فرد کي چاهي ان جي عمر ڪيتري به هجي ان کي انهن قانونن جي باري ۾ پنهنجو پاڻ کي آگاهه رکڻو پوندو ۽ انهن قانونن تي عمل ڪرڻو پوندو. نه ته ڪنهن به وقت توهان سائبر ڪرائيم ڪندي مجرم بڻجي سگهو ٿا.

هي دنيا تمام گهڻو تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي ڏينهون ڏينهن جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي پئي وڃي. هر روز جديد ايپليڪيشنز اچي رهيون آهن جتي رابطن جي دنيا ۾ آساني پيدا ٿي آهي اتي وري ڪاروبار به جديد ايپليڪيشن جي ذريعي ٿي رهيا آهن مطلب ته دنيا پراڻي طور طريقن کي ڇڏي نوان طور طريقا اختياري ڪري رهي آهي. ڇو ته  هر ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ آسانيون ٿو پيدا ڪرڻ چاهي ۽ ٽائيم به بچائڻ ٿو چاهي اهو سڀ آن لائين ايپ جي ذريعي ئي ممڪن آهي، پر ياد رهي ته  هنن نون طور طريقن کي اختيار ڪرڻ لاءِ ڪجهه قانون سازيون به ڪيون ويون آهن انهن قانونن جي حدن ۾ رهي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ ممڪن آهي، جيڪڏهن ڪو اننهن  قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندو ته هو پنهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪندو. انهن سڀني شين جو ڳانڍاپو اليڪٽرانڪس ايڪٽ سان جڙيل آهي.

ڪابه شيئرنگ يا موبائل ذريعي ڪجهه به ٿئي پيو جهڙوڪ: ميسيج، ڪال، ڊيٽا ٽرانسفر ڪرڻ وغيره. سائبر جي دنيا ايتري ته وسيع آهي جو اسان ان جو اندازو به نٿا لڳائي سگهون. سائبر جي دنيا جا ماڻهو تمام وڏا ذهين ۽ شاطر هوندا آهن ماضي ۾ دنيا جون وڏي ۾ وڏيون ويب سائيٽون جهڙوڪ: سي اين اين ۽ ايمزون هڪ ١٣ سالن جي ڇوڪري  هيڪ ڪري ورتيون ان کانپوءِ ئي سائبر ڪرائيم قانون سازي جي ضرورت پئي. سائبر ڪرائيم هڪ خلائي ڪرائيم هوندو آهي پاڪستان ۾ ان کي ايف آءِ  اي ڊيل ڪندو آهي.

سائبر ڪرائيم کي سمجهڻ لاءِ ان جرم ۾ ملوث ماڻهن جي سزا لاءِ پاڪستان جي هر صوبائي اسيمبلي اليڪٽرانڪس ايڪٽ  ٢٠١٦ متعارف ڪرايو آهي.

سائبر ڪرائيم جو قانوني جائزو:

  • سائبر ڪرائيم مختلف قسمن جو ٿئي ٿو جهڙوڪ سائبر بُلئنگ، سائبر ٿريٽنگ، سائبر هيڪنگ، سائبر اسپيمنگ وغيره.
  • ڪنهن به ماڻهو جو ليپ ٽاپ يا وري موبائل فون ان جي بغير اجازت جي استعمال ڪرڻ يا ان اندر محفوظ ڊيٽا تائين وڃڻ انتهائي وڏو جرم آهي جنهن جي سزا ٣ مهينا قيد يا ٥٠ هزار ڏنڊ يا ٻئي سزائون به اچي سگهن ٿيون.
  • ڪنهن به سوشل نيٽ ورڪ ذريعي نفرت انگيز مواد يا تقرير رکڻ يا ڪا اهڙي نفرت واري پوسٽ رکڻ سان ٧ سال سزا ۽ هڪ ڪروڙ ڏنڊ يا ٻئي سزائون به اچي سگهن ٿيون.
  • ڪنهن جي به خلاف ڪا بد اخلاقي يا نفرت ڀري ڪا تقرير يا وڊيو ٺاهي وڃي ٿي ۽ ان کي شيئر ڪري مختلف هنڌن تي ڦهلايو وڃي ٿو يا ڪنهن جي ڪردار ڪشي ڪئي وڃي ٿي ته ان جرم ۾ اهڙي شخص کي ٧ سال سزا يا ڀاري رقم جو ڏنڊ ٿي سگهي ٿو.
  • ڪنهن به ماڻهو جي شناخت چورائڻ يا وري ڪنهن جي پروفائل کڻي فيڪ اڪائونٽ ٺاهي ان جو غلط استعمال ڪرڻ انتهائي سنگين جرم آهي جنهن  جي سزا ٧ سال  قيد ۽ ڀاري ڏنڊ پڻ آهي يا ٻئي سزائون هڪ وقت اچي سگهن ٿيون.
  • ڪنهن به ماڻهو جي تصوير ان جي اجازت کان بغير ڪڍڻ يا ان کي ڪراپ ڪري يا وري ڪيپچر ڪيو ٿا ته اهو انتهائي سنگين جرم آهي جنهن جي سزا ٣ سال قيد ۽ ڏنڊ به ٿي سگهي ٿو.
  • ڪنهن به ماڻهو جي تصوير کڻي ان کي ايڊٽ ڪري ميمز ٺاهي يا وري جانورن سان جوڙي شيئر ڪرڻ انتهائي سنگين جرم آهي جنهن جي سزا ٣ سال قيد يا ڀاري رقم جي صورت ۾ ڏنڊ به ٿي سگهي ٿو يا ٻئي سزائون اچي سگهن ٿيون.
  • سوشل نيٽ ورڪ ذريعي ڪنهن کي به حراسان ڪرڻ يا اخلاق کان ڪريل ڪمينٽس ڪرڻ، ڌمڪيون ڏيڻ، بليڪ ميل ڪرڻ ڪنهن جي ڪردار ڪشي ڪرڻ وڏو جرم آهي جنهن جي سزا ٣ سال قيد يا ١٠ لک رپيا ڏنڊ يا ٻئي سزائون اچي سگهن ٿيون.
  • ڪنهن به شخص کي ڪنهن سوشل نيٽ ورڪ ذريعي ڏهن کان مٿي ميسيج ڪرڻ يا وري ١٠ کان ٥٠ جي لڳ ڀڳ ڪالز ڪرڻ ته اهو سائبر اسپيمنگ جرم آهي جنهن جي سزا ٣ ميهنا قيد ١٠ لک رپيا ڏنڊ يا ٻئي سزائون اچي سگهن ٿيون.

سائبر ڪرائيم کان ڪيئن ٿو بچي سگهجي ۽ ان خلاف ڪيئن ۽ ڪٿي درخواست ڏجي؟:

  • سائبر ڪرائيم کان بچڻ جو آسان طريقو اهو آهي ته سوشل نيٽ ورڪ جيڪي به پاليسيون جوڙيون آهن انهن تي عمل ڪرڻ گهرجي ٻيو وري جيڪي به ٽولز آهن انهن کي فالوو ڪرڻ گهرجي.
  • سڀ کان وڌيڪ پنهنجي اڪائونٽ جي سڪيورٽي سخت ڪري ڇڏجي.
  • سائبر ڪرائيم خلاف آن لائين هن اي ميل helpdesk@nr3c.gov.pk ذريعي به درخواست ڏيئي  سگهجي ٿي.
  • ان کان علاوه ايف آءِ اي جي ڪال هيلپ لائين ٩٩١١ تي به شڪايت درج ڪرائي سگهجي ٿي.
  • يا وري ايف آءِ اي جي آفيشل ويب سائٽwww.fia.gov.pk تي وڃي اتي به درخواست ڏيئي سگهجي ٿي. 
  • سڀ کان وڌيڪ آسان ۽ تڪڙو طريقو اهو آهي ته ضلعي آفيس ايف آءِ اي پاڻ وڃي درخواست ڏيئي سگهجي ٿي.