بلاگ

پــراگ جــو قــلـعـو حصو چوٽيهون اعجاز منگي Aug 2020

پور وڇوٽ پٽڙيون هيون ۽ پٽڙيون جيڪي ڪڏهن به پاڻ ۾ ملن نه پيون ۽ اهي پٽڙيون مسلسل آهن ۽ ڪيترن سالن کان آهن هڪ نظم جو ٽڪرو مون کي تمام گهڻو وڻندو آهي ۽ سالن کان ياد آهي.

اسان انهن وهندڙ ڳوڙهن جيان هياسي

جيڪي هڪ ئي

چهري جي اکين مان وهندي

پاڻ ۾ ملي نه سگهيا

۽ مٽيءَ ۾ جذب ٿي ويا

اکيون پور وڇوٽ هڪ ئي چهري تي هجن ٿيون ۽ ڄمڻ کان مرڻ تائين گڏ هجن ٿيون، پر پاڻ ۾ ملي نٿيون سگهن انسان جون زندگيون به پور وڇوٽ ٿين ٿيون هڪ ئي گهر ۾ رهندي ڪڏهن ڪڏهن هڪ ئي ڪمري ۾ رهندي به پور وڇوٽ ۾ رهن ٿيون ۽ پاڻ ۾ ملي نٿيون سگهن.

پراگ جي قلعي ڏانهن ويندي پور وڇوٽ پٽڙين کي ڪراس ڪيو. پٽڙين جي ٻنهي پاسي ساوڪ هئي اکين کي وڻندڙ ساوڪ ۽ ساهه کي صاف ڪندڙ، پور وڇوٽ پٽڙين جي ٻنهي پاسي.

ايئن به هجي ته ڪيڏو نه ڀلو ٿيندو جو پٽڙين جي ٻنهي پاسي وڻڪار هجي ۽ وچ ۾ هلندڙ زندگيءَ جي ريل گاڏي کي ڪڏهن به اس نه لڳي، پئي ٿڌي ڇانو ۾ هلندي رهي.

پراگ جو قلعو تمام گهڻو وڏو هيو ۽ چون ٿا ته پراڻن قلعن مان دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو آهي. ڪيترن ئي بادشاهن جو تخت گاهه رهيو آهي ۽ اڄ ڪلهه هتي چيڪ ريپبلڪ جو صدر ويهندو آهي سندس  آفيس به هتي آهي.

مون کي ياد پوي ٿو ته منهنجا ڪجهه دوست لاڙڪاڻي کان اسلام آباد گهمڻ آيا هئا ۽ انهن خواهش ڏيکاري هئي ته هو پارليامينٽ جي عمارت کي ويجهو کان ڏسڻ چاهين ٿا اسان جيئن ئي ڊي چوڪ تي پهتاسين ته اتي موجود وردي وارن اسان کي روڪيو هو ۽ هڪ دوست کين چيو هو ته پري کان آيا آهيون ۽ انتهائي سخت لهجي ۾ وردي واري چيو ته ڪهڙي خبر ته ڪير آهيو، ڀڄو هتان نه ته ڪارِ حڪومت ۾ مداخلت سبب توهان کي اندر ڪنداسين.

پراگ ۾ صدر جي آفيس ۾ پوري دنيا کان ماڻهو اچن ٿا، گهمن ٿا، ڦرن ٿا، ڏسن ٿا.کين ڪائي روڪ ٽوڪ نه آهي هر سال لکن جي تعداد ۾ سياح اچن ٿا ۽ لکين يورو جي کيس ڪمائي ٿئي ٿي.

جهڙالي موسم هئي پٺيان دروازو ڪراس ڪري اندر پهتس ته دل خوش ٿي وئي انتهائي خوبصورت باغ هو ۽ باغ ۾ انتهائي وڻندڙ Tulip جا گل لڳل هئا هر رنگ جا. وچ ۾ کائڻ ۽ ويهڻ لاءِ هڪ وڏي جهوپڙي نما ريسٽورينٽ ٺهيل هئي ۽ ان چوڌاري ننڍا ننڍا ريسٽورينٽ ٺهيل هئا اسان وٽ جيئن حيدرآباد ۾ چوڙيون ٺهنديون آهن ۽ انهن کي بٺيءَ ۾ پچائيندا آهن. ايئن ئي اتي انهن ڪا شيءِ بٺيءَ ۾ پچائي پئي وڪي مون کي به تمام گهڻو تجسس ٿيو ته آخر ڇا شيءِ آهي؟

ويجهو وڃي ڏٺم ته ڪا بسڪيٽ جهڙي شيءِ هئي، دل چيو ته هورا کورا لاهجي ۽ اها شيءِ کائجي. قيمت هئي صرف ٻه يورو گرم گرم چوڙي کاڌي ته سندس ذائقو اهڙو هو جيئن اسان وٽ کنڊ وارا بسڪوٽ هوندا آهن، پر انتهائي وڻندڙ ۽ ڪرسپي. اتي جهوپڙي هيٺان بينچ تي ويهي بسڪيٽن جو مزو پئي ورتم ته اوچتو تيز برسات شروع ٿي وئي ۽ ڀر پاسي ۾ گهمندڙ جوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پاڻ بچائڻ لاءِ اچي جهوپڙي هيٺان لڪا.

سڄي جهوپڙي ڀرجي وئي ۽ موسم جو مزو وٺڻ لاءِ چپن جا جام پيئڻ لڳا نه ڪا لڪ نه ڇپ سر عام پيالا پيئن به پيارين به… بس ايئن ئي زندگي روان دوان هئي.

وري اوچتو برسات بند ٿي وئي ۽ ماڻهو ڪڻو ڪڻو ٿي ويا. زندگي به ايئن ئي آهي ماڻهن ملن ٿا وڇڙن ٿا ۽ زندگي روان دوان رهي ٿي. سوين سال پراڻي قلعي ۾ ٺهيل جديد دڪان به سوين سال پراڻا پيا لڳن هر شيءِ اهڙي طريقي سان ٺهيل هئي ڄڻ ان دور کي جمود اچي ويو هجي.

قلعي جو ميوزيم ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽن واري پاسي وياسين جتي ڪافي رش هئي پهچڻ سان خبر پئي ته ميوزيم پنجين وڳي بند ٿي ويندو آهي هاڻ ميوزيم بند آهي سڀاڻ اچجو.

بس ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته مسافتون ڪري پهچندا آهيو ۽ اها منزل ئي ناهي ملندي هتي به ايئن ئي ٿيو آهي… هڪ ارمان هيو ته ان خطي کي ڏسجي سندن تاريخ کان واقف ٿجي، پر پهچڻ سان خبر پئي ته ميوزم ئي بند ٿي ويو آهي وري خبر ناهي ته اهو ڏسڻ جو موقعو ملندو الائي نه… صرف ميوزيم ته نه ڏسي سگهياسين، پر سوچيوسين ته قلعو ئي گهمي ڏسجي. دنيا جو وڏي ۾ وڏو ۽ قديم ترين قلعو ڪنهن دور ۾ هتي ننڍيون ننڍيون بيرڪون هيون هاڻي هتي سويلين جا ننڍا ننڍا دڪان هيا، تمام گهڻي ڊگهي گهٽي هئي هتي کائڻ پيئڻ جي شين کانسواءِ به ٻيون شيون گهڻيون رکيل هيون.

هڪ ننڍڙي دڪان جي اڳيان تمام گهڻي رش هئي هڪ ڊگهي لائين هئي هڪ دروازي کان ماڻهو اندر داخل ٿين پيا ۽ ٻئي دروازي کان ٻاهر پيا نڪري اچن مان به لڳي ويس لائين ۾ ڪافي دير تائين بيٺو رهيس پوءِ اندر وڃڻ جو وارو آيو اندر هڪ گهٽي هئي جنهن جي ٻنهي طرفن کان زرهن ۾ بيٺل لوهه جي سپاهين جا مجسما هئا جن جي هٿن ۾ ان دور جا هٿيار هئا اها گهٽي ڪراس ڪري جيئن ئي اڳيان وڌي هڪ تمام وڏي هال ۾ داخل ٿياسين ته ڪمري ۾ ڀالا، نيزا، تير، تلوارون ۽ ٻيو جنگي سامان پيو هيو هتي هڪ عجيب سوچ ۾ پئجي ويس ته انسانن هزارين سالن کان هڪٻئي کي ماريو ۽ تباهه ڪيو آهي. هن ڌرتي جي گولي ڪيتريون ئي تباهيون ڏٺيون آهن ۽ ان جو حاصل ڪجهه به ناهي…

ضياءُ الحق به مري ويو  جنهن ذوالفقار علي ڀٽي کي شهيد ڪيو، ميان ڪلهوڙو به ختم ٿي ويو جنهن صوفي شاهه عنايت کي شهيد ڪيو. جن اقتدار لاءِ هزارين ماڻهو ماريا اهي به ختم ٿي ويا بس هڪ مسلسل حوس آهي جيڪا انسان کي هميشه بکيو ٿي رکي هال مان ڏاڪڻيون مٿئين پاسي ٿي ويون جتي هڪ ننڍڙ هال ۾ اچي پهتاسين هڪ عجيب حيرت جهڙي شيءِ ڏٺي سين، لوهه جون تمام وڏيون ميخون هيون جيڪي هڪ لوهي پٽ ۾ لڳل هيون ان لوهي پٽ جي اڳيان هڪ ٻي تمام وڏي لوهي ديوار هئي جنهن ۾ به ميخون لڳل هيون باغين کي انهن ديوارن جي وچ ۾ بيهاري دروازا ملائي ڇڏيندا هيا ۽ باغين جو خاتمو ٿي ويندو هيو هڪ لوهه جي ڪرسي هئي جنهن ۾ به اهڙيون قاتل ميخون لڳل هيون ٿيندو ايئن هيو ته مجرم کي ويهاري مٿس لوهي پڃرو ڪيرايو ويندو هو. هڪ عجيب خوف ۾ وجهندڙ منظر هيو.

ٻاهر نڪري آيس ته وري جهڙ ٿي ويو هيو ۽ هلڪي هلڪي بوندا باندي ٿي رهي هئي اصل ۾ مون کي ٻه ڪم ڪرڻا هيا هڪ پراگ جو مرڪز گهمڻو هيو جنهن کي ڊائون ٽائون چوندا آهن جتي ڪافي رونق هوندي آهي ان کان علاوه ايسترانا ميڪل ٽاور ڏسڻو هيو هڪ قلعي جو مکيه دروازو هيو ۽ ٻيو جيڪو شهر جي مرڪز ڏانهن وڃي پيو شهر ڏانهن ويندڙ رستو اهڙو ئي هيو جيئن ڪوٽڏيجي يا رني ڪوٽ ڏانهن ويندو آهي ٻنهي طرفن حملا آورن تي نظر رکڻ لاءِ چوڪيون ۽ برج ٺهيل هئا ۽ رستو اوچو هو.

سڀ سياح وڏي تعداد ۾ گڏ هلي رهيا هئا رستي جي لاهي ڪافي هئي ان لاءِ پير ڄمائي هلڻو پيو پوي. رستي جي پاسي کان ڪي ساز وڄائي روزي پيا ڪمائين ڪي مختلف ڪرتب ڏيکاري. اهڙا روزي ڪمائيندڙ يورپ ۾ عام جام ملندا. هڪڙي ويگنس وائلن پئي وڄائي سج جي ڪرڻن تي سندس وارن جو ناسي رنگ چمڪي پيو، چهري تي به تجلا هيس فراڪ ۾ ڪنڌ تي وائلن رکي وڄائي پئي ۽ هر ايندڙ ويندڙ جي نظر مٿس ضرور پئي پئي.

ڀرسان گذرندي سندس ڪٽوري ۾ ڪجهه يورو رکيم مرڪ جي موتين جو دان ڏيندي چيائين Dekuji (جڪوائي) “اوهان جي مهرباني” مرڪ جا موتي پاڻ سان کنيم ۽ سانڍي ڇڏيم.

هڪ برج تان پورو پراگ پيو نظر اچي ايسترانا ميڪل ٽاور، چارلس برج ۽ وولتاوا ندي ڇا ته خوبصورت شهر هيو ڳاڙهسريون ڇتيون ترتيب سان ٻنهي پاسي لهواريون ٺهيل ڏاڍيون وڻن پيون. شهر جي وچ ۾ وڙ وڪڙ ويندڙ وولتاوا ندي ۽ ڪليسائن جا ارڏا ڪنڌ.

زندگ شهر جي خوبصورتي جي سحر ۾ في الحال گم ٿي وئي ڪجهه لمحن لاءِ منجمند ٿي وئي. شهر جي حسن کي ڪئمرا جي اک ۽ پنهنجي اک ۾ مختلف رخن ۽ پاسن کان قيد ڪيم. هيٺ لهي آيس اهو ئي شهر اهي ئي رستا. ڪنهن کان پڇا ڪيم ته ڊائون ٽائون ڪيترو پري آهي جواب مليو “صرف ٽي ڪلو ميٽر.”

ٽن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي گهڻيون اهڙيون شيون هونديون جيڪي ٽرام تي چڙهڻ کانپوءِ ايئن گذري وڃن ٿيون جو ذهن جي پردي تي چٽيون عڪس نٿيون ٿين سو پيرين پنڌ هلي پيس.

…هلندڙ…