سنڌ صوفين، درويشن، فلسفين ۽ علمي ماڻهن جي ڌرتي رهي آهي، جتي هميشه امن، محبت، ڀائيچاري ۽ هيڪڙائيءَ جو پيغام ڏيندڙ شخصيتون پيدا ٿينديون رهيون آهن. انهن شخصيتن پنهنجي اردگرد جي عالم اندر انسانيت جو سبق ڏنو، ماڻهن ۾ ڀائيچاري جو پرچار ڪيو، محبت جا سبق ڏئي ماڻهن منجھه معاشرتي ميٺاڄ پيدا ڪيو. ان ڪري اهي سدائين انسانن جي مڙئي ڀلائي ۽ چڱائي لاءِ پئي سرگردان رهيا. انهن وٽ پنهنجي ڪميونٽي جي وڏي ڳالھه هوندي هئي، اهي مذهبن، ذات پات، لسانيت ۽ انائن کان مٿانهان ٿي محبتن ۽ ميل جول جا سبق ورجائيندا ۽ پچاريندا رهيا. انهن جي فلسفن ۾ انسان هجڻ وڏي ڳالھه هوندي هئي. انهن ولين، اوليائن، صوفي بزرگن، فلسفين جي هوندي هن ڌرتي ڪڏهن انتهاپسندي نه ڏٺي. اهي ڌڻي پرتا شخص ڪڏهن بنياد پرستي ۾ ڪاهي نه پيا، پر انهن هن ڌرتي ۽ ڌرتي ڄاون کي انسانيت سيکاري، جنهن جي لاءِ اهي جس لهڻن، انهن شخصيتن ۾ فقير غلام حيدر گجر به شامل آهي. فقير غلام حيدر گجر انهن عظيم ماڻهن مان هڪ آهي، جن نه رڳو پنهنجي علائقي ۾ عزت حاصل ڪئي ۽ مانُ ماڻيو، پر تصوف، محبت ۽ انسانيت جو پيغام عام ڪيو.
اها ڳالھه من و عن مڃجي ٿي ته ڪجھه شخصيتن جو تعارف ۽ تعريف لفظن سان بيان نٿي ڪري سگهجي. شرط يا ڳالھه اها به آهي ته انهن شخصيتن جي تعريف ۽ نانءُ ٻڌڻ جي لاءِ ان علائقي کي گهمي ڏسجي، انهن جي همعصرن سان ملي ڏسجي، انهن ولين ۽ فلسفين جي لکيل ڪتابن کي پڙهي ڏسجي، انهن جي ڏنل پيغام جي گهرائي کي سمجهي سگهجي، انهن جي ڪيل گفتن جي فلسفي ۽ سبق کي ويهي ويچارجي ۽ گهري سوچ Meditation ۾ پئجي وڃجي ته جيئن ڳالھه جي گهرائي ۽ فلسفي کي سمجهي سگهجي، ڇو جو ان وقت جا ولي ۽ فلسفي وڏي ڳالھه هوندا هئا، اهي پاڻ پنهنجي سِرِ وڏي فلسفي ۽ ماڻهپي جي پرچار ڪري ويا. اها ڳالھه مڃون ٿا ته لکڻيون، تاثر ۽ تمهيدون مورڳو لفظن ۾ قيد رهجي ٿيون وڃن، يا شايد اها پيغام رسائي ممڪن نه ٿي هجي، جيڪا اصل معنائون ۽ مفهوم کڻي لهي. مان پاڻ کي خوش قسمت ٿو سمجهان جو هن شخصيت (فقير غلام حيدر گجر) تي ڪجھه لکڻ ساريان ٿو، پر مون لاءِ انتها جي حيرت اها به هئي ته ڪجھه شخصيتون واقعي ئي املھه ۽ لازوال هجن ٿيون، جو جڏهن انهن کي پڙهجي ٿو ۽ ٻين جي واتان ٻڌجي ٿو ته مورڳو اچرج ٿي وٺي. اسان وٽ فقير منش، اوليائن، فلسفين ۽ درگاھ نشينن جي کوٽ ناهي، پر حيرت اها به آهي ته اسان وٽ موٽ به ناهي ۽ وقت سر مڃتا به نٿي ملي، ان ڪري ان لکڻ جي عشق منجھه مون به ڪجھه لفظ ڪَٺا ڪيا ته جيئن مان به پنهنجي ڳالهھ ڪري سگهان.
فقير غلام حيدر گجر سنڌ جي شڪارپور ضلعي جي نوشهرو ابڙو نالي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. هو وڏيري رحمت علي گجر جو فرزند هو، جنهن جي خاندان کي پنهنجي اٿ ويھه، اخلاق، بهترين انساني روين، انساني ڀلائي ۽ ڀائيچاري جي پرچارڪ جي ڪري انتهائي مان مرتبو، عزت، مانُ ۽ شان حاصل ٿيو. باوجود ان جي ته فقير غلام حيدر گجر هڪ زميندار ۽ وڏيرو هو، پر هو هميشه سادگي، انساني فڪر ۽ علم کي ترجيح ڏيندو هو، هو انتهائي سادو، سادگي واري زندگي گذارڻ وارو انسان، هڏڏوکي، غريبن جي مدد ڪرڻ وارو، هيڻن جو همراھ، اڙيلن جو آڌار، غريب ۽ اٻوجھه ماڻهن جو ٻانھن ٻيلي. سندس گفتن ۾ تصوف جي تاثير هوندي هئي، جنهن سبب ماڻهو هن کي وڏي عزت ۽ احترام سان ڏسندا هئا، هو ملنسار هوندو هو، ان ڪري سندس شخصيت ڪيترن ئي خاصيتن سان مالا مال هوندي هئي جن ۾ ڪجھه خاصيتون هيئن بيان ڪجن ٿيون:
سادگي ۽ روحانيت: باوجود زميندار هجڻ جي، هو هميشه سادگي ۽ درويشي واري زندگي گذاريندو هو، غريبن سان ملي جُلي رهڻ وارو، انهن جي هر غم ۽ درد ۾ انهن سان شامل حال رهڻ وارو، انهن جي هر مشڪل ۾ انهن سان گڏ بيٺل نظر ايندو هو.
انسانيت ۽ محبت جو درس: هو ذات پات جي فرق کان مٿانهون هو ۽ هميشه ماڻهن کي هڪ جهڙائي ۽ محبت جي تلقين ڪندو هو، هن وٽ ذات پات ۽ ڪڙم قبيلي جي ڪا ڳالھه نه هوندي هئي ۽ نه ئي وڏائي پسند هوندو هو ۽ نه ئي ڪنهن فرق جي بنياد تي ڪنهن سان نفرت جي ڪا ڳالھه ڪيائين، سڀني سان محبت ۽ ميٺاڄ واري واٽ هلندو هو.
سخت مزاجي: هو پنهنجي اصولن ۾ سخت هو، پر اها سختي رڳو حقيقت تي بيهڻ جي ڪري هوندي هئس، سدائين اصول ۽ ضابطي تي رهڻ وارو شخص، ارادي جو انتهائي پختو، اصولن جي سختي ان ڪري به هوندي هئس جو هو ڪنهن جي آڏو نه جهڪي نه جهڪائي، پر انسانيت جي اعليٰ اصولن جي پاسداري ڪندو هو، ان ڪري هو سمجهندو هو ته انسان جو مان مرتبو، شان ۽ شوڪت مذهبن کان مٿانهون آهي، ان ڪري سندس ترجيح انسان هجڻ هو.
علم ۽ فڪر: سندس ڪچهرين ۾ تصوف، انسانيت ۽ اخلاقيات جا درس ملندا هئا، هن سدائين ماڻهن ۾ عقل، علم، تدبر ۽ ڏاهپ جون ڳالهيون ورڇيون ۽ ورچيون، ان ڪري ته ڪچهرين ۾ ماڻهن کي انسانيت جي سبق طرف مائل ڪرڻ هن جو شيوو هوندو هو ته ماڻهن ۾ محبت ۽ ميٺاڄ پيدا ڪجي ۽ ماڻهن جي من مان ڪَجي ڪڍي، انهن جي من مان مير ڪڍي، انهن جي من کي صاف سٿرو ڪجي، ان ڪري جو نيتن جو پارک الله آهي، پر ماڻهن جي روين ۾ ايمانداري ۽ شفافيت پيدا ڪجي ته جيئن روين مان ماڻهن ۾ محبت ۽ انسيت وڌائي سگهجي.
ديسي روايتن سان محبت: هو سنڌي ثقافت جو علمبردار هو، هميشه هالائي اجرڪ پائيندو ۽ نيٽ جي لٺ ساڻ رکندو هو، سائين فقير غلام حيدر جي نظر ۾ ثقافت جا اهڃاڻ ۽ انهن جي پاسداري وڏي اهميت جا حامل هوندا هئا، ان ڪري عملن پاڻ ان تي قائم رهيا.
نامور ليکڪ عبدالغني ڀٽي پنهنجي ڪتاب “ديس ۽ ويس” ۾ فقير غلام حيدر جي شخصيت کي بيان ڪندي لکي ٿو ته: “هو پنهنجي علائقي ۾ عزت ماڻي چڪو هو، سندس گفتن ۾ روحانيت ۽ حقيقت پسندي هوندي هئي ۽ هو ڪنهن به قسم جي بناوٽ يا ڏيکاءُ کان پري هوندو هو.” فقير غلام حيدر جو پيغام محبت، سچائي ۽ انسانيت تي ٻڌل هو. ان ڪري سندس شاعري ۽ گفتا صوفي روايتن جا عڪس آهن. فقير غلام حيدر جو بنيادي پيغام اهو هو ته انسانيت ئي اصل عبادت آهي. هو ذاتي مفادن کان مٿانهون هوندو هو ۽ چاهيندو هو ته ماڻهو پاڻ ۾محبت سان رهن. سندس شاعري مان هڪ بيت کڻجي ۽ سمجهجي ته:
”گُجر سندي گام ۾، آهي ڪٽارو ڪات،
ڪون پڇي ٿو ذات، جي منھنجا پياسي ماريا“
هي شعر واضح ڪري ٿو ته هو ذات پات، تعصب ۽ فرقيواريت کان مٿانهون هوندو هو. سندس نظر ۾ محبت ئي سڀ کان وڏي طاقت هئي. فقير غلام حيدر جو هڪ اهم اصول اهو به هوندو هو ته زندگيءَ ۾ ڪنهن جي به شڪايت نه ڪئي وڃي، ڇو ته شڪايتن سان رڳو وقت ۽ عزت وڃائبي آهي. عبدالغني ڀٽي لکي ٿو ته:
”گِلا ڳھ جنين جو، ٻوڙ نه ٻيو چاڙهين،
اٽو بند آ تن جو، ٿا تڪيو تو رائين“
هن جي تعليمات مطابق، ماڻهوءَ کي ٻين جي باري ۾ شڪايتون نه ڪرڻ گهرجن، بلڪه پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. فقير غلام حيدر گجر جو نظريو مذهبي رواداري تي ٻڌل هو، ان ڪري سندس خيال ۾ اصل مذهبيت محبت، برداشت ۽ امن ۾ آهي. هو ڪنهن به قسم جي انتهاپسندي، نفرت يا تشدد جو حامي نه هوندو هو، سندس فلسفو لطيف سرڪار جي وحدت الوجود واري فلسفي سان ملي ٿو. فقير غلام حيدر جو انتقال 24 اپريل 1982ع تي ٿيو ۽ 54 سالن جي ڄمار ۾ ڌڻي پرتو. سندس آخري آرامگاهه نوشهرو ابڙو ۾ آهي. مرڻ کان اڳ هن پنهنجي مريدن کي چيو هو ته کيس ان ئي جڳھه تي دفنايو وڃي، جنهن جاءِ جي هن نشاندهي ڪئي آهي، پر جڏهن سندس لاش کي ڳوٺ آندو ويو ۽ غسل ڏيڻ بعد سندس وصيت کي وساري، کيس ڳوٺ جي اباڻي قبرستان ۾ دفنائڻ جو فيصلو ڪيو تڏهن فقير غلام حيدر گجر جي مريدن کي اها ڳالھه قبول نه هئي ته هن جي وصيت جي خلاف ورزي ڪئي وڃي، انهن پنهنجي احتجاج جو اظهار ڪيو، پر آخرڪار ڳوٺ جي ناموس لاءِ فقيرن اهو فيصلو قبول ڪيو. فقير غلام حيدر گجر نه رڳو هڪ صوفي درويش هو، پر هڪ اهڙي شخصيت پڻ هو، جنهن محبت، هيڪڙائي ۽ انسانيت جو درس ڏنو. سندس زندگي، گفتا ۽ نظريا اڄ به اسان کي راھ ڏيکارين ٿا. هو چوندو هو ته:
“ڪهي ڪهي سڀ ڪهن، ڪي راڻي منجھه رهن،
سناسيءَ سي ڪئين پسجن، جنين مقصد ناه مِلڻ جو“
هي شعر سندس فلسفي جو عڪس آهي، جنهن ۾ هو اجتماعيت، محبت ۽ وحدانيت جو درس ڏئي ٿو. فقير غلام حيدر گجر اڄ به سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي ۽ سندس فڪر اڄ جي سماج لاءِ روشنيءَ جو ڏيئو آهي، ان ڪري هاڻي ميڊم شائسته گجر ۽ سندس ڀاءُ ناصر خان گجر جس لهن جيڪي گڏجي هن فلسفياڻي پيغام کي اڳتي رسائي رهيا آهن، اميد آهي ته هو پنهنجي مشن ۾ ڪامياب ويندا. اها آس آهي ته اهو پيغام عام ماڻهن تائين پڄي ته جيئن اهي به ان محبت، ڀائيچاري ۽ امن جي پيغام کي بخوبي سمجهي سگهن.