بلاگنئون

غزه نيتن ياهو جي دور ۾ انسانيت جو جهنم کان اڳ جهنم!

جيڪڏهن ايڪيهين صدي ۾ به انسانيت کي ماپڻ  جو معيار رت جي قيمت آهي ته پوءِ هن وقت غزه زمين جو سڀ کان سستو ٽڪرو بڻجي ويو آهي. بينامين نيتن ياهو هڪ جمهوري رياست جي اوٽ ۾ اصل ۾ هڪ وحشي فوجي ذهنيت جو مالڪ شخص آهي، جيڪو لاشن جي ڍير تي بيهي ڪري ووٽ ميڙي ٿو. آڪٽوبر 2023 کان مئي 2025 تائين جاري اسرائيلي جارحيت غزه کي کنڊر نه هڪ گڏيل قبر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اقوام متحده، يونيسيف ۽ عالمي ادارن جي رپورٽن مطابق پنجاهه هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارڙن جي آهي صاف پاڻي اڻلڀ، اسپتالون تباهه، خوراڪ جي کوٽ ان قدر شديد آهي جو بک هينئر سڀ کان وڌيڪ سفاڪ هٿيار بڻجي چڪي آهي.

دلچسپ ۽ دردناڪ ٽڪراءَ اهو آهي ته مغرب جيڪو يوڪرين ۾ هر گولي تي روڄ راڙو ڪري ٿو يا منهن مٿو پٽي ٿو. جڏهن ته غزه ۾ ٻارڙن جا سڙيل منهن مهانڊا ڏسي “ڳوڙهي ڳڻتي” جو اظهار ڪري ٿو. اهائي اهڙي منافقت آهي جيڪا نيتن ياهو جهڙن درندن کي وڌيڪ ڍر ڏئي باهمت بڻائي ٿي. اسرائيلي سياست ۾ اليڪشن کان اڳ رت جي بدبوءِ اچڻ معمول بڻجي چڪي آهي. نيتن ياهو ڄاڻي ٿو ته فلسطيني لاش هن جي لاءِ آڪسيجن آهن. اهو فقط اسرائيلي ظلم جو قصو ناهي بلڪه عالمي ضمير جي مردانگي جو داستان آهي. اهو اهڙو مقام آهي، جتي انساني حق صرف جاگرافيائي ۽ نسلي اوليت جو نالو بڻجي چڪا آهن. غزه جا ٻار جيڪڏهن يورپ ۾ جنم وٺن ها ته شايد انهن جي ڳوڙهن جي وڏي قيمت هجي ها. فلسطينين جي مزاحمت چاهي فوجي هجي يا علامتي، ڇا واقعي ايتري مذمت جي لائق آهي جيترو ان کي دنيا ڏيکاري پئي؟ جڏهن هڪ قوم کي گڏيل سزا ڏني وڃي، ان جي سڃاڻپ، زمين، تاريخ، ٻولي ۽ نسل پرستي تي سوال کنيو وڃي ته هو خاموش نه رهندو ته ڇا هو دهشتگرد سڏبو؟ نيتن ياهو هڪ فرد نه هڪ نظريو آهي، اهو نظريو جيڪو ظلم کي سلامتي، قبضي کي پنهنجو دفاع ۽ نسل ڪشي کي قومي مفاد جو ويس پارائي دنيا جي سامهون پيش ڪري ٿو. حقيقت ۾ اهڙو نظريو نه صرف اسرائيل بلڪه هر انهيءَ طاقتور قوم ۾ زنده آهي، جيڪا ڪمزور کي مٽائي ڪري پنهنجي عظمت جو جهنڊو بلند ڪرڻ چاهي ٿي. غزه اسان سڀني جي لاءِ هڪ آئينو آهي، اسان يا ته ان ۾ پنهنجو چهرو ڏسي شرمسار ٿي سگهون ٿا يا پوءِ نيتن ياهو جيان جلاد بڻجي  پاڻ کي فاتح سمجهي سگهون ٿا ۽ جيڪڏهن اسان اڄ خاموش رهياسين ته سڀاڻي جڏهن اسان جي ٻارڙن جون رڙيون “رد عمل” سڏبيون، تڏهن اسان  کي پڇتائڻ جو به حق نه هوندو.