نوجوان نسل ملڪ ۽ قوم جو قيمتي اثاثو آهي ۽ سماج دشمن عنصر انهن کي منشيات، سگريٽ، چرس، ڀنگ، شراب، آفيم، هيروئن خاص طور تي آئيس جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي انهن جو مستقبل داءُ تي لڳائڻ چاهي ٿو. منشيات جي استعمال سبب ڏينهون ڏينهن قيمتي انساني جانين جو نقصان ٿي رهيو آهي. سنڌ حڪومت هميشه منشيات خلاف پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، پر اڃان به وڌيڪ ڪارائتا ۽ منظم اپاءُ وٺڻ جي بيحد ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ منشيات خلاف عوامي آگاهي جو آغاز ٿيڻ گهرجي خاص طور تي والدين ۽ استادن کي نوجوان نسل جي ڪامياب مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو قومي فرض پورو ڪرڻ گهرجي. منشيات جو زهر اسان جي سماج جي مستقبل کي اڏوهيءَ وانگر کائي ختم ڪري رهيو آهي. اسان جي سماج ۾ 13 کان 25 سالن جي عمر جا نوجوان مرد ۽ عورتون منشيات واپرائين ٿا. جڏهن ته هر سال، منشيات جي عادي ماڻهن جو انگ وڌي رهيو آهي ۽ نئين دوائن جي تعارف جون افسوسناڪ رپورٽون اينديون رهيون آهن. پاڪستان ۾ هيروئن جي عادي ماڻهن جو تعداد وڌي رهيو آهي. جاپان، ڪئناڊا ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ 18 سالن کان گهٽ عمر وارن نوجوانن لاءِ سگريٽ وڪڻڻ، خريد ڪرڻ ۽ پيئڻ تي پابندي آهي. سماج جي هر فرد جو فرض آهي ته هو منشيات جي روڪٿام ۾ حصو وٺي پنهنجو ڪردار ادا ڪري. خاص طور تي شاگردن کي منشيات کان پاسو ڪري پنهنجي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، سماج ۾ مهذب شهري بڻجڻ، ملڪ ۽ قوم جي خدمت کي پنهنجو شعار بڻائڻ گهرجي. پاڪستان ۾ هر سال هڪ لک ماڻهو سگريٽ نوشي جي ڪري پنهنجون زندگيون وڃائي ڇڏيندا آهن. شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت حڪومت جي بنيادي ذميواريءَ ۾ شامل هئڻ گهرجي ۽ اهڙن عنصرن کي پڪڙ ۾ آڻڻ گهرجي، جيڪي نوجوان نسل جي مستقبل سان کيڏن ٿا. انهن خلاف سرچ آپريشن ٿيڻ گهرجي اهو آپريشن سڄي سنڌ مان منشيات جي خاتمي تائين جاري رکڻ گهرجي. ان لاءِ سماجي بيٺڪون ۽ تعليمي ادارن ۾ منشيات خلاف آگاهي پروگرام شروع ڪيا وڃن. نصاب ۾ منشيات جي روڪٿام بابت مضمون شامل ڪرڻ گهرجن ته جيئن نوجوان نسل کي ان جي نقصانن کان پنهنجي ننڍي عمر ۾ ئي آگاهي حاصل ٿي سگهي. اسان وٽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ موجود آهي، پر عملي طور ڪم نه پيو ڪري. جڏهن سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. تڏهن به چند منشيات وڪرو ڪندڙ گرفتار ڪري کين آزاد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته انهن خلاف باضابطا آپريشن شروع ٿيڻ گهرجي ها ۽ انهن کي سزائون ڏياريون وڃن ها ته ٻيا ڏوهاري پاسو ڪن ها. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن، نارڪو ٽڪس ڪنٽرول، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ اھم اجلاس ڪراچي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن ۾ ٿيو هو. اجلاس ۾ منشيات فروشي ۾ ملوث سرڪاري ملازمن خلاف ڪارروائي لاءِ چيف سيڪريٽري سان لکپڙھ جو به فيصلو ڪيو ويو هو ۽ چيو هو ته منشيات خلاف ڪاررواين کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا، نئين نسل کي منشيات فروشن جي رحم ۽ ڪرم تي نٿو ڇڏي سگھجي. منشيات فروشن خلاف سخت کان سخت ڪارروايون ڪيون وينديون. ان سلسلي ۾ منشيات فروشن خلاف ڪيسن جي مضبوط پيروي کي يقيني بڻايو ويندو ته جيئن منشيات فروشن کي منطقي انجام تائين پھچائي سگھجي، پر افسوس وزير صاحب جي اها ڳالهه رڳو ڳالهه ئي رهجي وئي، هن وقت نوجوانن کي ان زهر جي خطرن کان آگاهه ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. خاص طور تي سوشل ميڊيا، عالمن ۽ صحافين کي ان سلسلي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. منشيات جي لعنت کي ختم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. منشيات جي واپار ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي، منشيات جي نقصانڪار اثرن بابت اثرائتي عوامي آگاهي ۽ منشيات جي عادين لاءِ بحالي مرڪز قائم ڪرڻ پڻ ضروري آهي. جيستائين انهن ٽنهي قدمن کي جامع طريقي سان لاڳو نه ڪيو ويندو، تيستائين نوجوان نسل کي منشيات جي چنبي کان بچائڻ آسان نه هوندو. دوائن جي نشي جي عادين لاءِ بحالي مرڪزن جي نظام کي بهتر بڻائڻ تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صرف هڪ صحتمند سماج ئي ملڪ ۽ قوم جي حقيقي ترقي آڻي سگهي ٿو. منشيات جي حوالي سان “زيرو ٽالرنس” پاليسي به ٺاهڻ گهرجي. سنڌ سرڪار جي ذميواري آهي ته اينٽي نارڪو ٽڪس ونگ کي مضبوط ۽ مثالي بڻائي ته جيئن منشيات جهڙي لعنت جو خاتمو آڻي سگهجي ۽ پنهنجو مستقبل محفوظ بڻائي سگهجي.