سـيمـا عـباسـي شاعري منهنجي مٿان الهام وانگي ٿي لهي، هجر ۾ ڳوڙهن ڀنل ڪنهن شام وانگي ٿي لهي. آن لائين مهمان وِٿ ارم Aug 2020
تبديلي: تبديلي زندگي جي علامت آهي ڪنهن به شيءِ جو جمود هڪ هنڌ بيهاري ڇڏڻ واري احساس کي جنم ڏيندو آهي. تبديلي قبول ڪندڙ ماڻهو جديد دور جي گهرجن جي حوالي سان پاڻ کي هر قسم جي ماحول، وقت ۽ نون نظرين مطابق ڍالڻ جي هنر کان واقف هوندو آهي… هر مثبت تبديلي کي هينئين سان هنڊائڻ ان ڪري به گهرجي ڇو ته تبديلي ترقيءَ جي پڻ ضامن هوندي آهي، پوءِ اها ترقي چاهي سوچ جي هجي يا وقت جي هجي، روشن خيالي ۽ ترقي پسند سوچ جا پيرا پڻ تبديلي واري شعور سان وڃي ملندا آهن، باقي مزاج ۾ آيل منفي تبديلي جو بلڪل به استقبال نه ڪرڻ گهرجي. ان حوالي سان پروين شاڪر پڻ اهڙي بدلاءُ کي پنهنجن لفظن ۾ ننديو آهي:
ڪون جاني ڪي نئي سال تو ڪس ڪو پڙهي، تيرا معيار بدلتا هي نصابون ڪي طرح.
خوف: هڪ اهڙو فطري احساس آهي جيڪو ذهن جي نفسياتي لاهن چاڙهن جي زير اثر رهندو آهي… مثال طور مون کي سدائين اهو خوف رهندو آهي ته منهنجي هٿان ڪو اهڙو ڪم نه ٿئي جو ڪنهن جو وڏو نقصان ٿي پوي… گنهگار بندي آهيان زندگيءَ کي ان طرح سان با مقصد انداز ۾ گذاري ڪونه سگهي آهيان جهڙي نموني الله جي طرفان هدايت مليل آهي سو اڪثر سزا ۽ جزا جي حوالي سان پڻ خوف محسوس ٿيندو آهي.
سوشل ميڊيا: هڪ نعمت به آهي ته زحمت به، ان مان فائدو وٺجي يا نقصان ان جو فيصلو استعمال ڪرڻ وارو انسان پاڻ ئي بهتر نموني سان ڪري سگهي ٿو. ڇو ته هر نئين شيءِ جي ايجاد ماڻهن جي فائدي کي ذهن ۾ رکي ڪئي ويندي آهي. با عمل ۽ با شعور ماڻهو ان مان لاڀ وٺي سگهي ٿو ۽ بي عقل ۽ بيڪار ماڻهو ان مان پنهنجي لاءِ ۽ ٻين جي لاءِ مصيبت جو سامان پيدا ڪري سگهي ٿو، باقي ننڍن ٻارن لاءِ اها نهايت هاڃيڪار ثابت ٿي آهي. ان جي گهڻي استعمال جي ڪري صحت جي حوالي سان ۽ اخلاقي قدرن جي حوالي سان ٻارن جي احساسن ۾ لا شعوري طور تي هڪ بي حسي داخل ٿي چڪي آهي ان ڏس ۾ والدين کي پنهنجي تعليم تربيت تي خصوصي توجهه ڏيڻ جي ضرورت پڻ محسوس ڪرڻ گهرجي.
بک: زندگيءَ جي هڪ وڏي ۾ وڏي حقيقت آهي جيڪا هر فلسفي ۽ هر نظريي کان آجي نظر ايندي آهي. بکايل پيٽ کي ڪوبه منطق ۽ دليل مطمئن نه ڪري سگهندو آهي ڇو ته هوءَ صرف ۽ صرف پيٽ ڀري ماني کائڻ جي خواهشمند هوندي آهي. بک جي حوالي سان پهريون تصور ٿر جو ايندو آهي جڏهن اخبار ۾ روز خودڪشين جا واقعا پڙهندا آهيون ته انتهائي تڪليف مان گذرندا آهيون. ساڳئي تسلسل ۾ مون کي پنهنجو هڪڙو شعر ياد اچي ويو ته:
ٿر جي بي وس ڪيڏي هيءَ بدحالي آ، بک تي ويٺل منهنجا مارو ڪير انهن جو.
خوشي: انسان جي اندر ۾ تشفي پيدا ڪندڙ ان ڪيفيت جو نالو آهي جنهن کي نعمت خدا وندي چئي سگهجي ٿو يقينن اهڙي نعمت جو حقدار ڀاڳ وارن کي سمجهيو ويندو آهي. اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجون خوشيون سڀني سان ونڊيون ۽ پنهنجا غم پاڻ تائين محدود رکون. ڇو ته دلي سڪون هميشه ٻين کي خوشي ڏيڻ ۾ لڪل هوندو آهي. ان حوالي سان سگمنڊ فرائڊ ڇا خوب چيو آهي ته: ”پنهنجي زندگيءَ جي خوشي وڏن ڪمن ۽ وڏين نيڪين ۾ تلاش نه ڪريو ڇو ته اهڙيون خوشيون اسان کي هميشه ننڍين ننڍين نيڪين ۽ بي لوث خدمتن مان ملنديون آهن.“
روشني: مان سمجهان ٿي ته روشني انسان جو اهو شعور آهي جيڪو اندر جي عزم مان ڦٽي نڪرندو آهي ۽ پوءِ عزم جي هر ارادي کي منور ڪري ويندو آهي ۽ رستو ڪيترو به کڻي اونداهو ڇو نه هجي پنهنجي تلاش جي سفر کي ترڪ نه ڪرڻ گهرجي. ڇو ته منهنجو ڪامل ايمان آهي ته سچي جذبي سان پنڌ ڪرڻ واري عزم کي ڪڏهن نه ڪڏهن روشني جي منزل ضرور نصيب ٿيڻي آهي ۽ سڀ کان وڏي روشني اندر جي خود شناسي ۽ آگاهي جي روشني آهي. ظاهري طور اسين ڪيترو به علم پرايون پر جيستائين ان علم سان اندر کي روشن نه ڪنداسين تيستائين ٻاهريون علم ۽ شعور بيڪار آهي. لطيف سرڪار ان سلسلي جي ڪيڏي نه سهڻي تفصيل بيان ڪئي آهي:
اکر پڙهه الف جو ٻيا ورق سڀ وسار، اندر تون اجار پنا پڙهندين ڪيترا.
شاعري: شاعري منهنجو شوق ضرور آ پر جنون ناهي، ڇو ته مان سمجهان ٿي ته شاعري پيڙاءُ جي پيٽ ڄائي آهي. هرڪو شخص پنهنجي پنهنجي درد کي محسوس ڪري سگهندو آهي، پر حساس ترين ماڻهو پنهنجي پيڙاءُ ۽ اذيت کي اظهار جي جمالياتي انداز سان بيان اسلوب ڏيڻ ۾ قادر ٿي پوندو آهي. مان سمجهان ٿي شاعري پيڙاءُ جي پُر فڪر منزل جي پانڌياڻي هوندي آهي ۽ اها وجدان جو الهام بڻجي اندر مان نڪري ايندي آهي:
شاعري منهنجي مٿان الهام وانگي ٿي لهي، هجر ۾ ڳوڙهن ڀنل ڪنهن شام وانگي ٿي لهي.
سنڌي ميڊيا: جيڪڏهن سنڌي ميڊيا سچائي ۽ فرض شناسي سان موثر انداز ۾ سنڌ سان ڪيل سڀني حق تلفين ۽ ناجائزين خلاف آواز اٿارڻ شروع ڪري ته هوند سنڌ سان ڪيل سڀني نا انصافين جو ازالو ممڪن ٿي سگهي، پر مان سمجهان ٿي ته اهو هڪ اهڙو خواب آهي جنهن جي تعبير ڏکي نظر اچي ٿي.
اسان جا نوجوان: ڏاڍا باصلاحيت آهن جيڪڏهن سندن تعليم ۽ تربيت اخلاقي قدرن کي مدنظر رکي ڪئي ويندي ته هو نه صرف عملي ميدان ۾ پنهنجو ڪردار بهتر انداز ۾ مڃرائي سگهن ٿا، بلڪه اخلاقي طور تي به هو هڪ نئون جهان جوڙي سگهن ٿا.
سنڌ: پنهنجي ديس سان ئي اسان جي شناخت آهي، سنڌ آهي ته اسان آهيون سنڌ کانسواءِ اسان جو وجود ڄڻ بي نشان آهي، پر سنڌ جي تنزلي تڪليف ڏيئي ويندي آهي. دعاڳو آهيان ته دنيا جي ترقي يافته خطن وانگر اسان جي سنڌ به سکي ستابي ۽ سائي رهي.

