بلاگنئون

ناول قسط ٻئين: اميتاڀ بچن جي آتم ڪٿا

منھنجو بابا: آئون جڏھن به پنھنجي پيءُ کي ياد ڪيان ٿو ته ھو مون کي ميز تي لکندي ۽ پڙھندي نظر ايندو آهي، منھنجي حافظي ۾ سندس ھڪ يادگيري محفوظ ٿيل آھي، ھو نظم و ضبط جو سخت پابند ھوندو ھو ۽ باقاعدگي سان مطالعو ڪندو ھو ۽ لکندو ھو. ھو روزانو 12 کان 14 ڪلاڪ ڪم ڪندو ھو، سندس اھو معمول اسان جي دھلي منتقل ٿيڻ ۽ منھنجي ڪاليج داخل ٿيڻ کانپوءِ به جاري رھيو. ڪلڪتي ۾ منھنجو نوڪري ڪرڻ ۽ پوءِ ممبئي ۾ فلمي دنيا ۾ اچڻ کانپوءِ به والد صاحب جو 12 کان 14 ڪلاڪ تائين روزانو لکڻ پڙھڻ جو معمول جاري رھيو. ڪڏھن ڪڏھن ته اسان سڀني کان الڳ ٿي فقط لکڻ پڙھڻ ۾ وقت گذاريندو هو. ھو فقط مطالعي جي ميز تي ويٺل نظر ايندو ھو يا ڪم جي سلسلي ۾ ٻاھر ھوندو ھو. بابا جي مصروفيتن جي ڪري اسان ننڍپڻ ۾ سرٻاٽين ۾ ڳالھائيندا ھئاسين، اسان ڪڏھن سندس ڪم ۾ شعوري طور  به خلل نه وجھندا ھئاسين. بابا لکڻ لاءِ ھڪ شيڊيول ٺاھي ڇڏيندو ھو ۽ سختي سان ان تي عمل ڪندو هو. ھو صبح جو چئين وڳي اٿندو ھو، ڪجھه وقت  پسار ڪرڻ کانپوءِ واپس اچي لکندو هو. منھنجو والد صاحب شاعر جي حيثيت ۾ گھڻو مشھور ھو، سندس مداحن جو به وڏو انگ ھوندو ھو، ڪيترائي ماڻھو کانئس آٽوگراف وٺڻ ايندا ھئا. آئون ننڍپڻ ۽ نوجواني ۾ بابا سان ڪيترن ئي مشاعرن ۾ گڏ ويو آھيان، مون کي ماڻھو “بچن جو پٽ” چئي عزت ۽ احترام ڏيندا ھئا ۽ ايئن منھنجي زندگي جو ڳچ حصو پنھنجي والد صاحب جي شھرت جي ڇانون ۾ گذريو ۽ آئون ان ڳالھه تي فخر محسوس ڪيان ٿو. منھنجو والد صاحب اتر ھندستان، يوپي ۽ بھار ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ ويندو رھندو ھو، انھن مشاعرن جي وڏي مقبوليت ھوندي ھئي، مشاعرا اڪثر ڪري رات جو دير سان شروع ٿيندا ھئا، سردين ۾ سخت سيءُ جڏھن ته گرمين ۾ سخت گرمي لڳندي ھئي. لکن جي تعداد ۾ ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا، بابا مون کي ھميشه تنبيھه ڪندو هو ته خيال ڪجانءِ ڪٿي وڃائجي نه وڃين، پر ايئن ڪڏھن به نه ٿيو. ڇو ته بابا جا مداح منھنجو گھڻو خيال رکندا ھئا. اسان ڪڏھن ڪار ته ڪڏھن وري ريل تي سفر ڪندا ھئاسين. اسان جتي به ويندا ھئاسين ماڻھو بابا سان انتھائي عقيدت ۽ احترام مان ملندا ھئا. بابا کي جڏھن شعر پڙھڻ لاءِ سڏيو ويندو هو ته روسٽرم تي پھچڻ تائين ماڻھو تاڙيون وڄائيندا رھندا ھئا، انھن تاڙين مون تي ڏاڍو گھرو اثر وڌو. بابا جا ڪيترائي نظم مون کي اڄ به ياد آھن، مون کي سندس شاعري جي مجموعن “ايڪنت سنگيت” ۽ “نشانمنترن” جا ڪيترائي نظم ياد آھن، پر مون کي سندس مڌو شالا نظم تمام گهڻو پسند آھي. بابا جي شعر پڙھڻ جو انداز بيان ڏاڍو متاثر ڪندڙ ۽ وڻندڙ ھوندو ھو، ھو طبيعتن ھڪ انقلابي انسان ھو، ھو پنھنجي دور جي رواج مطابق پاجامو ۽ ڪڙتو پائڻ بدران ٽرائوزر پائي مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو هو. آئون جتي به ويس، ڪيترائي ماڻهو ملندا هئا، جن منھنجي والد صاحب جي شاعري ٻڌي ھئي ۽ مون سان منھنجي والد صاحب جي حوالي سان گفتگو ڪندا هئا. مون سان ملندڙ اڪثر ماڻھو ڪجھه ھيئن ڳالھائيندا آھن: “اسان توھان جي والد صاحب کي 1945ع  ۾ ٻڌو ھو”، کين تاريخ، وقت ۽ جاءِ به ياد ھوندي آھي. مون کي به اھي لمحا ياد آھن، جڏھن بابا الھه آباد ۾ پھريون دفعو پنھنجو نظم مڌو شالا ٻڌايو ھو. ھن نظم ۾ 200 بند آھن، پر ماڻھو پڙھڻ جي انداز مان ايترا متاثر ٿيا جو بابا پورو نظم پڙھيو ۽ گھڻي دير تائين نظم پڙھندو رھيو. مون کي جيڪا ڳالھه حيران ٿي ڪري اھا هيءَ ته بابا کي نظم مڪمل ياد ھو ۽ ھن ھڪ بند به ڪتاب مان ڏسي نه پڙھيو. بابا ڪڏھن ڪڏھن نظم ترنم ۾ به پڙھندو ھو. اڪثر مشاعرن ۾ سائونڊ جو بندوبست نه ھوندو ھو، پر بابا کي ان ڳالھه جو ڪوبه فڪر نه ھوندو ھو، ڇو ته سندس آواز وڏو ھوندو ھو، منھنجي آواز کان به ھزار دفعا بھتر. گھڻي مقبوليت ۽ شھرت ھجڻ کانپوءِ به بابا تي ڪوبه اثر نه ٿيو، ھو ھميشه عاجزي ۽ انڪساري کان ڪم وٺندو ھو. مون کي ياد ناھي ته ھن ڪڏھن ڪنھن موقعي تي وڏ ماڻهپي محسوس ڪرائي ھجي. منھنجي والده اڪثر منھنجي والد جي حوالي سان گفتگو ڪندي ھئي، يقينن امان کي پنھنجي مڙس تي فخر ھوندو، ھوءَ پنھنجي سھيلين سان مڙس جي تعريف ڪندي ھئي، امان جنھن انداز سان تعريف ڪندي ھئي، ان مان اسان کي فخر ۽ احترام ٿيندو ھو. بابا جي ھڪ نصيحت مون کي اڄ به ياد آھي، ھو چوندو هو، جڏھن توھان کي ڪنھن تقريب ۾ گھرايو وڃي ته ڪڏھن به ماڻھن کي ڌڪا ڏيندي اڳيان نه وڌجو، ماڻھن مان آھستي گذرجو ته جيئن ڪنھن کي تڪليف نه ٿئي. منھنجو والد صاحب آفيس جي ڪمن ڪارين سان گڏ مشاعرن ۾ به شرڪت ڪندو هو. ڪڏھن ايئن ٿيندو ھو جو آئون ساڻس گڏ نه ويندو ھئس ۽ رات جو دير سان گھر ايندو هو ته دروازو ھميشه آئون کوليندو ھئس، ھو تمام گھڻو ٿڪل ھوندو ھو ۽ چوندو هو، يار پئسو ڪمائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، جڏھن ايئن چوندو هو ته اسان ٻئي کلندا ھئاسين. ڪيتري عرصي کانپوءِ جڏھن مون اداڪاري شروع ڪئي ۽ ٽن چئن شفٽن ۾ ڪم ڪرڻ لڳس ته رات جو دير سان يا صبح جو گھر ايندو ھئس، تڏھن بابا منھنجي لاءِ دروازو کوليندو هو، آئون به بابا جو جملو دھرائيندو ھئس، يار پئسو ڪمائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ۽ ان تي اسان ڏاڍو کلندا ھئاسين. بابا جو مون کي ڏنل ھڪ سبق ياد آھي، اھو منھنجي شيروڊ اسڪول جو واقعو آھي. اسان جي اسڪول ۾ ھر سال والدين جو ھفتو وڏي شاندار طريقي سان ملھايو ويندو ھو، ان ھفتي ۾ راندين جا مقابلا، موسيقي جون محفلون ۽ ڊراما ٿيندا ھئا. اھو اسڪول ۾ منھنجو آخري سال ھو ۽ مون کي ڊرامي ۾ ھڪ اھم ڪردار ڏنو ويو هو، گذريل سال مون کي بھترين اداڪار جو انعام ڏنو ويو هو. اسڪول جي تاريخ ۾ ڪڏھن به ڪنھن ٻار مسلسل ٻه دفعا بھترين اداڪار جو انعام نه کٽيو هو. مون کي يقين ھو ته ھن سال به بھترين اداڪار جو انعام کٽي ھڪ نئون رڪارڊ قائم ڪندس. ڊرامو “اگاٿا ڪرسٽي” جو ھو، جنھن جو نالوThere were none and then  هو، ڊرامي پيش ڪرڻ واري شام جو مون کي ماتا جو اثر ٿي پيو، توھان منھنجي مايوسي ۽ دلشڪستگتي جو تصور ڪري سگھو ٿا. ڊريس ريھرسل جي فورن بعد جڏھن استادن کي منھنجي بيماري جي خبر پئي ته مون کي اسڪول جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، اھو منھنجي خوابن جي شيش محل ٽٽڻ جو لمحو هو. اسڪول جي اسپتال ھڪ جبل جي ٽڪري تي ھئي، مون ڪمري جي دري مان ھيٺ آڊيٽوريم کي ڏٺو ھو، پنھنجي ڪردار جا ڊائيلاگ ڪنھن ٻئي جي آواز ۾ ٻڌڻ، منھنجي بيماري جي تڪليف کان وڌيڪ اذيتناڪ ھئا. مون ڪيترائي ھفتا ان ڪردار جي تياري ڪئي ھئي، مون کي اڄ به اھا شام ياد آھي. والد صاحب شو شروع ٿيڻ کان ڪافي دير پوءِ آيو ھو، جڏھن کيس منھنجي بيماري جي خبر پئي ته ھو مون وٽ آيو. ملڻ جي اجازت ته نه ھئي، پر بابا ۽ منھنجي ملاقات تي ڪنھن اعتراض نه ڪيو ھو. بابا منھنجو ڌيان ھٽائڻ لاءِ مسلسل ڳالھائي رھيو ھو، ان شام بابا مون کي هڪ نصيحت ڪئي، جيڪا زندگي جي مشڪل گھڙين ۾ منھنجي رھنمائي ڪندي رھي. بابا مون کي نصيحت ڪندي چيو ھو، زندگي پنھنجي خواھشن مطابق گذري ته ڀلو آھي ۽ جيڪڏھن خواھشن مطابق نه ھجي ته وڌيڪ ڀلو آھي. آئون ان ڳالھه کي سمجھي نه سگھيو ھئس، بابا وضاحت سان سمجھائيندي چيو ھو، جيڪڏهن تنھنجون خواهشون پوريون نه ٿين، پڪ سمجھجان خدا تنھنجي لاءِ اڃان وڌيڪ رکيو آھي. اھو انوکو فلسفو ھو، جيڪڏھن توھان پنھنجي مالڪ ۾ ڪامل يقين رکندڙ آھيو ته يقينن توھان ڪامياب آھيو. والد صاحب انھيءَ ڳالهھ سمجھائڻ لاءِ ھڪ مثال به ڏنو، ھن اسان جي ھڪ مائٽ جي دوست جو واقعو ٻڌايو، ھو انگلينڊ ۾ ملازمت ڪرڻ چاھيندو ھو، ان لاءِ ھن ڪيتري ئي عرصي تائين پئسا گڏ ڪيا ۽ جڏھن انگلينڊ وڃڻ لاءِ جھاز تي سوار ٿيڻ وارو هو، کيس پٽ جي اچانڪ سخت بيمار ٿيڻ جو اطلاع مليو. ھو ڏاڍو پريشان ٿيو، جنھن جھاز ۾ ھو وڃڻو ھو، اھو حادثي ۾ تباھ ٿي ويو. ان واقعي مان اھو سبق ملي ٿو ته انگلينڊ نه وڃڻ ان لاءِ خدا جي ھڪ رحمت ھئي. اھو سچ آھي ته مون کي ان وقت اھا ڳالھه سمجهھ ۾ نه آئي، پر زندگي جي مشڪل مرحلن مان گذرندي مون کي سڀ ڪجھه سمجھه ۾ اچي ويو. جڏھن اسان ٻار ھوندا آھيون ته اسان جو ڪم صرف پنھنجن دوستن ۽ استادن کي متاثر ڪرڻ ھوندو آھي، جڏھن اسان وڏا ٿي ويندا آھيون ته ڪيترا ئي مسئلا اسان کي وڪوڙي ويندا آهن ۽ اسان انھن مسئلن کي منھن ڏيڻ سکي ويندا آھيون، مسئلن سان مقابلو ڪرڻ سان ئي اسان مضبوط ٿيندا آھيون ۽ جڏھن وقت ايندو آھي ته اھي ڳالھيون پنھنجي ٻارن ۾ منتقل ڪندا آھيون. اسان سڀ منھنجو ڀاءُ، آئون ۽ منھنجي والده وڏا مسئلا بابا سان سليندا ھئاسين، روزمره جا معاملا ته امان پاڻ سليندي ھئي، امان جي بھادري جو ھڪ واقعو مون کي ياد آهي. والد صاحب ڊاڪٽريٽ لاءِ ڪئمبرج يونيورسٽي انگلينڊ ويل ھو. امان اسان سان گڏ ھئي، ھڪ ڏينھن ڪنھن ڪم سان بازار وئي، اسان جي پاڙيسري ڪجھه غنڊن سان گڏجي اسان ٻنھي ڀائرن تي لٺين سان حملو ڪيو، اسان گھر جا در دريون بند ڪري پاڻ کي بچايو. امان واپس آئي ته اسان کيس سڄو قصو ٻڌايو، اسان جي ڳالھه ٻڌي کيس گھڻي ڪاوڙ آئي، لٺ کڻي اسان جي پاڙيسري جي گھر ۾ وئي، اھو واقعو تقريبن پنجاھ سال پراڻو آھي. ان وقت منھنجي عمر ڏھ سال ھئي، مون کي پنھنجي ماءُ جو رد عمل اڄ ڏينھن تائين ياد آھي. امان کي ڪاوڙ تمام گھٽ ايندي ھئي، پر جڏھن ايندي ھئي، الله معاف ڪري، ھو انتھائي بي ڊپي مائي ھئي. اسان جڏھن به مايوس يا ڪنھن خوف جو شڪار ٿيندا ھئاسين ته ھوءَ حوصلو ڏيندي ھئي. ھڪ دفعي مون کي استاد مار ڏني، جڏھن گھر آيس ته بابا لکي رھيو ھو، منھنجي ڳالھه ٻڌندئي بابا يڪدم اٿيو ۽ سائيڪل تي مون کي ويھاري پرنسپل جي گھر وٺي آيو. اتي پھچي مون کي سائيڪل جو خيال رکڻ جو چئي پاڻ گھر ۾ ھليو ويو، پرنسپل صاحب کي بابا تمام گهڻو ڳالھايو ھو، آئون ٻاھران ٻڌي رھيو ھئس، بابا چئي رھيو ھو توھان منھنجي ٻار کي مارڻ جي جرئت ڪيئن ڪئي. جيڪڏهن اسان کي ڪو جسماني نقصان پھچندو ھو ته اسان جا والدين جھيڙي لاءِ تيار ٿي ويندا هئا. مون ڪڏھن به بابا ۽ امان کي پاڻ ۾ وڙھندي نه ڏٺو. والد صاحب جو آئون تمام گھڻو احترام ۽ عزت ڪندو ھئس، پنھنجي والده جي ڏنل تربيت مطابق مون ڪڏھن به بابا سان سواءِ ھڪ ڳالھه جي اختلاف نه ڪيو. ان واقعي کي آئون ڪڏھن به وساري نه سگھندس، ٿيو ھيئن جو، آئون بيروزگار ھوندو ھئس، پنھنجي ھڪ دوست جي ڳالھين ۾ اچي ويس، گھر اچي والد صاحب کي ڪاوڙ ۾ چيم، سڄو ڏوھ توھان جو آھي، توھان مون کي پيدا ئي نه ڪيو ھا، اڄ ھي ذلتون نه ڏسان ھا. منھنجي انھيءَ بدڪلامي باوجود والد صاحب ھڪ اکر به نه ڪڇيو، ٻن ڏينھن کانپوءِ بابا جي لکڻ واري ميز تي ھڪ نظم نظر آيو، اھو نظم اصل ۾ منھنجي بدڪلامي جو جواب ھو، بابا لکيو ھو، ھڪ ڏينھن منھنجي پٽ معاشي مسئلن کان تنگ ٿي مايوسي مان مون کي چيو ھو، توھان مون کي پيدا ڇو ڪيو؟ آئون پنھنجي پٽ کي نصيحت ڪيان ٿو ته جڏھن وقت اچي، ھو پنھنجي پٽ کي جنم ڏيڻ کان پھرين ان کان اجازت وٺي پوءِ کيس دنيا ۾ آڻي. منھنجي بدڪلامي جي جواب ۾ اھا اھڙي چماٽ ھئي، جنھن جي تڪليف آئون اڄ به محسوس ڪري رھيو آھيان. جيئن آئون پھرين ٻڌائي آيو آهيان، اسان اڪثر ڪري پنھنجا مسئلا امان کي ٻڌائيندا ھئاسين، ان جو سبب اهو هو ته بابا کي پنھنجي تخليقي ڪم ۾ رنڊڪ نه ٿئي، امان به ڪوشش ڪندي ھئي ته بابا کي ڪنھن مسئلي ۾ پريشان نه ڪجي، امان کي خبر ھئي ته سندس شادي ھڪ اھڙي شخص سان ٿي آھي، جنھن کي پنھنجي تخليقي سرگرمين لاءِ موزون ماحول جي ضرورت آھي. بابا پنھنجي طبيعت ۾ سادگي پسند ھوندو ھو، جڏھن آئون سياست ۾ آيس، منھنجي مخالفن مون تي ڇتي تنقيد ڪئي ته والدين پريشان ٿي ويا، ان مشڪل وقت ۾ بابا مون کي ھڪڙو جملو چيو ھو، “پٽ ڪو غلط ڪم ته نه ڪيو اٿئي.” بابا جي انھيءَ جملي مون کي وڏو حوصلو ۽ ھمت ڏني. آئون پنھنجي والد صاحب کان گھڻو متاثر آھيان ۽ گھريلو زندگي ۾ ان جھڙو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان. جيڪڏهن منھنجي گھر جو ڪو ماڻھو بيمار ٿي پوي ته آئون ڏاڍو فڪرمند ٿي پوندو آھيان، پر پريشان ناھيان ٿيندو ۽ پنھنجون ذميواريون نڀائيندو آھيان. گھر وارا ٻڌائيندا آهن ته آئون ننڍي ھوندي به ايئن ئي ھوندو ھئس، منھنجي ننڍپڻ جو واقعو آھي، امان رات جو اچانڪ غسل خاني ۾ ڪري پئي، بابا انگلينڊ ۾ ھو، گھر ۾ صرف اسان ٻه ڀائر ھئاسين، ڀاءُ ننڍو ھو. مون امان کي سھارو ڏيئي ڪمري ۾ اچي سمھاريو، ان کانپوءِ ڊاڪٽر جي نالي ھڪ پرچي لکي ملازم کي ڏنم ته جلدي ڊاڪٽر کي وٺي اچي. انھن ڏينھن ۾ اسان جي گھر ۾ ٽيليفون نه ھوندو ھو ۽ امان ڪيترن ئي ڏينھن تائين ان واقعي جو ذڪر ڪندي رھي. آئون پنھنجن ٻارن سان اھڙو رويو اختيار ڪندو آھيان، جيئن منھنجو والد صاحب اسان سان ھلندو ھو. اھو سڀ ڪجھه شعوري ناھي، آئون لاشعوري طور به ائين ئي ڪندو آھيان. جڏھن ڪو مسئلو پيش ايندو آهي ته آئون پنھنجي والدين جي مسئلي سلجھائڻ جي طريقي کي ياد ڪندو آھيان. حالتون تبديل ٿي وينديون آھن، ماڻھو تبديل ٿي ويندا آهن، پر حقيقتون تبديل نه ٿينديون آهن ۽ اھائي ڳالھه اھم آھي. ڏکين حالتن ۾ بابا جي شاعري مون کي حوصلو ڏيندي آهي، منھنجا ٻار به منھنجي ڪم مان نه، پر منھنجي والد صاحب جي ڪم مان رھنمائي ۽ سڪون حاصل ڪندا آهن، منھنجو ڪم ته سال ٻن کانپوءِ وساريو ويندو آهي، البته والد صاحب جو ڪم صدين تائين زنده رھندو.

ڇوڪرين سان منھنجي دوستي ۽ منھنجي زال: ڇوڪرين سان دوستي رکڻ جو مون کي ڪوبه تجربو ناھي، اھا ڳالھه صحيح آهي ته ڪيتريون ئي ڇوڪريون منھنجون دوست ھيون، جنھن کي منھنجون گرل فرينڊس چئي سگهجي ٿو. اسان جي پرورش اھڙي ماحول ۾ ٿي ھئي، جنھن ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو گڏ گھمڻ ڦرڻ معيوب نه سمجھيو ويندو هو. ڪيترن ئي ڇوڪرين سان اسان به گڏ گھمندا ڦرندا ھئاسين، ان زماني ۾ گھمڻ ڦرڻ جو مطلب محض سير تفريح ڪرڻ ھوندو ھو، ڇوڪري جو ڇوڪريءَ سان گڏ گھمڻ ڦرڻ ۾ ڪا جنسي ڪشش نه ھوندي ھئي، بلڪه اھو ان دور جو ھڪ رواج ھوندو ھو. ان زماني ۾ اسڪول ۾ به گرل فرينڊ رکڻ جو ھڪ فيشن ھوندو ھو. انھن ڏينھن ۾ آچر جي شام خاص ھوندي ھئي، ڇوڪريون پھرين قطار ۾ ويھنديون ھيون ۽ اسان ڇوڪرا پوئين قطار ۾ سندس سامھون بيھڻ لاءِ ڊوڙندا ھئاسين ته جيئن سامھون بيھي کين متاثر ڪريون. سالياني پروگرامن ۾ مختلف مقابلن ۾ ڇوڪري کان کٽڻ لاءِ زور لڳائيندا ھئاسين ته جيئن کين متاثر ڪري سگھون. ان دور ۾ اسان ضابطي اخلاق ۾ ھوندا ھئاسين. جيڪڏهن ڪو ڇوڪري سان ڇيڙ خاني ڪندو ھو ته کيس سخت سزا ملندي ھئي. منھنجي ڪيترين ئي ڇوڪرين سان دوستي ھوندي ھئي، انھن مان ڪجھه اسان جي ڪاليج ۾ پڙھنديون ھيون ۽ ڪجھه ٻين ڪاليجن ۾. آئون ڪڏھن ڇوڪرين سان اڪيلو گھمڻ ويندو ھئس ته ڪڏھن وري ٽولين ۾ ويندا ھئاسين. ھي منھنجي زندگي جو حساس پھلو آھي، جنھن تي گھڻو ڳالھائڻ نٿو چاھيان. دراصل انھن ڇوڪرين جي احترام ۽ عزت جي ڪري گھڻو نٿو لکي سگھان. آئون کين ڪڏهن ڪڏهن ڊنر تي به وٺي ويندو ھئس ته ڪڏھن فلمون به گڏ ڏسندا ھئاسين. ڇوڪرين سان منھنجي دوستي فقط قرب ڪچھرين تائين ھوندي ھئي. ان دور ۾ آئون نه سگريٽ پيئندو ھئس ۽ نه ئي وري شراب، ان ڪري سگريٽ ۽ شراب پيئندڙ ڇوڪرين سان منھنجي نه لڳندي ھئي. جڏھن آئون ڪلڪتي ھوندو ھئس ته روزانو ٻه سئو سگريٽ پي ويندو ھئس، ممبئي آيس ته سگريٽ به ڇڏي ڏنم. بلڪه شراب به پيئندو ھئس، شراب ۾ به ڪو مخصوص برانڊ نه ھوندو ھو، جيڪو به ملندو ھو، ڏوگھي ويندو ھئس. آئون مڙس ڪيترو سٺو آھيان، ان جو فيصلو منھنجي زال جيا ڪري سگھي ٿي. مون پنھنجي زال کي مڪمل خود مختياري ڏني آھي. منھنجي عادت آھي ته ماني آئون پاڻ کڻي نه کائيندو آھيان، بلڪه مون کي پيش ڪئي ويندي آهي، اھو حق مون پنھنجي زال کي ڏنو آھي. ھن کي منھنجي بک ۽ ذوق بابت ڄاڻ آھي. مون کان اڪثر فلمي اداڪاره سان شادي ڪرڻ جو سبب پڇيو ويندو آھي، ان متعلق منھنجو خيال آھي ته شادي ٻن ماڻهن جو ميلاپ ھوندو آھي، ان ۾ فردن مرد يا عورت جي ڌنڌن جو تعلق نه ھوندو آھي. منھنجي اڳيان شادي ھڪ اھڙي رشتي جو نالو آهي، جيڪو مرڻ گھڙيءَ تائين قائم رھندو آھي. مون کي خبر ناهي ته منھنجي شادي ڪنھن اداڪارہ سان نه ٿئي ھا ته ڇا ٿئي ھا، جوڙا ته آسمانن تي ٺھندا آھن. جيا سان منھنجو ڪيترين ئي ڳالھين تي جھيڙو پڻ ٿيندو رھندو آھي، پر ڪوشش ڪندو آھيان ته ان جو اثر ٻارن تي نه پوي. جيا جو خيال آهي ته آئون پنھنجي ٻارن سان تمام گھڻو پيار ڪندو آهيان، ان جو سبب منھنجو سخت ترين شيڊيول آھي ۽ انھيءَ ڪري ٻارن سان تمام ٿورو وقت گڏ رھندو آھيان. ٻارن جي اھا عادت ھوندي آھي ته اھي پنھنجن مائٽن کان ڪجھه ڳالھيون لڪائيندا آھن، آئون جڏهن ٻار ھئس ته آئون به پنھنجن مائٽن کان ڪجھه ڳالھيون لڪائيندو ھئس، بلڪه انھن جي ھڪ حد ھوندي ھئي. اسان کي پنھنجن مائٽن ڪجھه اصول سيکاريا ھئا، اھي ئي اصول مون پنھنجي اولاد کي به ٻڌايا آهن. آئون پنھنجن ٻارن جون ڪيتريون ئي ڳالھيون نظرانداز ڪري ڇڏيندو آھيان، جيئن منھنجا مائٽ منھنجون غلطيون نظرانداز ڪندا ھئا. انھيءَ جي باوجود به ھڪ حد ھوندي آھي، ان کانپوءِ کين تنبيھه ڪرڻ لازمي ٿي پوندي آھي. جيستائين روين، عادتن، ڳالھائڻ ٻولهائڻ، کائڻ پيئڻ ۽ ھنڊائڻ وغيره جو تعلق آهي ته اھو آخرڪار والدين کي ئي فيصلو ڪرڻو پوندو آهي ته ھو پنھنجن ٻارن کي ڪيتري حد تائين آزادي ڏيئي سگھن ٿا. مون کي پنھنجن ٻارن کان ڪابه شڪايت نه آھي، سواءِ ان جي ته باٿ روم ۾ ويھي دوستن سان گڏ سگريٽ پيئڻ جي. مون ڪاليج تائين نه سگريٽ پيتا ھئا ۽ نه ئي شراب. بابا چوندو ھو ته توھان فقط پنھنجي ڪمايل پئسي مان سگريٽ يا شراب پي سگھو ٿا. جڏھن منھنجا ٻار ٽين ايج ۾ ھئا ته کين منھنجي باري ۾ ڪيتريون ئي خراب خبرون پڙھڻ لاءِ مليون، ھو سمجهدار ھئا، مون کان انھن، اخبارن ۾ ڇپيل خبرن متعلق ڪجھه به نه پڇيو. اسان جي خاندان مان مثلن جيا، امان، بابا يا منھنجي ڀاءُ ڪنھن به فضول پئسو نه وڃايو آهي. ايئن به ڪونھي ته ڪو پئسي کپائڻ تي ڪا سختي آھي، بلڪه سڀ ڪفايت شعاري ڪندا آھن. آئون ان معاملي ۾ پنھنجي زال جيا بچن جو به بيحد احسان مند آهيان، ھو به ڪفايت شعار آھي. اھڙي قسم جون عادتون فطري ھونديون آھن، منھنجي خاندان جي ڪنھن فرد ڪنھن مھانگي ۽ اوچي شيءِ جي تقاضا نه ڪئي آھي ۽ اسان پنھنجي ٻارن کي پڻ اھو ڪڏھن تاثر نه ڏنو آهي ته اسان وٽ تمام گھڻو پئسو آھي.

منھنجو ڀاءُ: مون کي فلمن ۾ وٺي اچڻ وارو منھنجو ڀاءُ ھو، اسان ٻنھي اداڪار ٿيڻ لاءِ ڪي خواب نه ڏٺا ھئا. اسان ھميشه گڏ رھندا ھئاسين، ان ڪري اجيتاڀ کي منھنجي باري ۾ اھو احساس ٿيو ته آئون فلمن ۾ اداڪاري ڪري سگھان ٿو. ھڪ ڏينھن ھو مون وٽ ھڪ اشتھار کڻي آيو ۽ چيائين، ڇا خيال آھي؟ چيم، اھو ته صحيح آهي، پر ھتي پھچڻ لاءِ ڇا ڪرڻو پوندو؟ سڀ کان پھرين تصوير موڪلڻي ھئي، تصوير مون وٽ ان وقت موجود نه ھئي، اجيتاڀ منھنجي تصوير ڪڍي ۽ فلم پروڊيوسر کي موڪلي ڇڏيائين ۽ پوءِ ڇا ٿيو، آئون توهان جي اڳيان آھيان. سچي ڳالهه اها آهي ته فوٽو سيشن منھنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو مرحلو ھو. ڇاڪاڻ ته مون سان ڀاءُ گڏ ھو ۽ انھيءَ مرحلي مان گذري ويس. بعد ۾ جڏھن پھرين فلم پارٽي ٿي ته به مون کي پريشاني ٿي. آئون گھر واپس اچڻ مھل ڏاڍو ڊنل ھئس ته بابا کي ڪيئن ٻڌائيندس. ڀاءُ مون کي حوصلو ڏنو ۽ بلراج ساھني جو به مثال ڏنائين، جنھن بنا ڪنهن سمجھوتي جي فلم انڊسٽري ۾ پنھنجو مقام بڻايو ھو. منھنجو ڀاءُ مون کان به وڌيڪ لڄارو آھي، ھن شوبز ۾ اچڻ جي ڪڏهن ڪوشش نه ڪئي، ھو ھر معاملي ۾ پاڻ کي ھميشه پوئتي رکندو آهي. اھا ھن جي فطرت آھي ۽ ھن جي ان فطرت جي ڪري اسان جي سياسي اسڪينڊل کي غلط رخ ڏنو ويو، ادا جي باري ۾ جيڪو ڪجھه لکيو ويو، اھو منھنجي لاءِ ڏاڍو اذيتناڪ ھو. ادا جي زندگي جو سڀ کان وڏو مقصد غلط ڪمن کان بچڻ ھو، سندس وڏي خواھش اھا ھئي ته محنت ڪري پنھنجي وڏي ڀاءُ جي تخليقي دنيا جو خيال رکيو وڃي. منھنجو فلمن ۾ اچڻ ۽ اسٽيج شو ڪرڻ جو سڄو سھرو منھنجي ڀاءُ جي سر تي آهي، خيال سڀ ادا جا ھوندا آھن ۽ فيصلا اسان گڏجي ڪندا آھيون. 1982ع ۾ حادثي کانپوءِ مون سڀ ڪنسرٽ ڪرڻ ڇڏي ڏنا، ادا ئي ھو جنھن مون کي حوصلو ڏنو ۽ چيائين، ھاڻي توھان کي سڀ کان وڏو شو ڪرڻو آهي ۽ پوءِ مون پھريون اسٽيج شو ڪيو، جنھن جا سڀ آئيڊيا، عظيم الشان سيٽ، لائٽنگ ۽ تياريون سڀ ادا ئي ڪيون. ادا منھنجي تخليقي صلاحيتن کي ڀرپور طريقي سان استعمال ڪيو. جنھن ڏينھن مون پھريون ڀيرو اسٽيج شو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ان ڏينهن کان مون کي رڦڻي وٺي وئي، جيئن جيئن وقت ويجھو پئي آيو، تيئن تيئن منھنجي طبيعت خراب ٿيندي پئي وئي. اسٽيج شو لاءِ ڪيترن ئي ڳالھين ۽ شين جو خيال رکڻو پوندو آهي. پھريون شو شروع ٿيڻ ۾ باقي پنج ڏينھن ھئا، مون تي ذھني دٻاءُ وڌي ويو، انھن پنجن ڏينهن ۾ منھنجو وزن به گھٽجي ويو، ننڊ پڻ گھٽجي وئي، بک به مري وئي ۽ طبيعت ۾ گھڻي چڙچڙاھٽ اچي وئي. شو واري ڏينھن منھنجي حالت صفا خراب ٿي وئي، آخري منٽن ۾ سڀ ڪجھه ڇڏي ڀڄي وڃڻ جو سوچي رھيو ھئس. ايئن مون سان ھر دفعي ٿيو آهي، ڪير اعتبار ڪري يا نه، سچ اھو ئي آھي. اسٽيج شو جي معاملي ۾ آئون سخت ڊسيپلين جو قائل آھيان، ريھرسل ڪرڻ جو ڪو خاص شيڊيول نه ھوندو آھي، آئون گھڻي کان گهڻو ريھرسل ڪندو آھيان، پر پوءِ به مطمئن نه ٿيندو آھيان. مون فلمن لاءِ گيت به ڳايا آهن، پر موسيقي جي باقاعده تربيت نه ورتي اٿم. ڪنھن ڪتاب ڪنھن فلم يا ڌن مان متاثر ٿيڻ، منھنجي ذھني ڪيفيت تي ھوندو آھي، آئون جنھن پيشي سان تعلق رکان ٿو، ان مان مون کي اتساھ مليو آهي. منھنجي اھا خوشنصيبي آهي، جيڪو ڪتاب پڙھان ٿو، جيڪا فلم ڏسان ٿو يا جيڪا موسيقي ٻڌان ٿو، ان مان حاصل ٿيندڙ احساس جو اظھار مان پنھنجي اداڪاري ۾ ڪيان ٿو، اھو سڀ ڪجھه غير ارادي طور ۽ لاشعوري طور ڪندو آھيان. مثال طور: ڪو خاص لھجو، ڪو لباس پائڻ جي عادت يا ڪا جذباتي ڪيفيت مون کي متاثر ڪندي آهي ۽ پوءِ اھو منھنجي پرفارمنس ۾ منتقل ٿيندي آھي. ھڪ تخليقي فنڪار انھن سڀني شين مان فائدو حاصل ڪندو آھي.

…(هلندڙ)…

***