بلاگنئون

ترڪيه مان نيڪالي ڏنل فتح الله گولن آمريڪا ۾ گذاري ويو

فتح الله گولن 27 جولاءِ 1941ع تي ترڪي جي شهر Erzurum ۾ ڄائو. هي ڪيترن ئي عالمن کان پڻ متاثر رهيو جنهنڪري کيس اسلامي تعليمات ۽ فلسفي ۾ پڻ ڪافي مهارت حاصل هئي. جنهنڪري هن جو خيال هو تہ نوجوانن ۾ اسلام ۽ پختي فلسفي سان ئي تبديلي آڻي سگهجي ٿي. 2016ع ۾ فتح الله گولن تي ترڪي ۾  رجب طيب اردگان جي حڪومت ختم ڪرڻ جو الزام هو.

هي 1999ع کان جلاوطن هو ۽ آمريڪا ۾ رهائش پذير هو. سندس وفات به جلاوطني دوران آمريڪا ۾ 83 سالن جي عمر ۾ ٿي. رجب طيب اردگان طرفان هن تي الزام هو ته هن آمريڪا جي مدد سان هن جي حڪومت فوج جي ذريعي ختم ڪرڻ جو هڪ منصوبو ٺاهيو، پر عوام جي ڀرپور ساٿ سان اهو منصوبو ناڪام ٿيو. هن جي تنظيم جو نالو گولن هو جيڪا ڏيھ توڙي پرڏيهه ۾ مشهور هئي. ان ناڪام بغاوت کانپوءِ ترڪيءَ ۾ ٻه لک ٻيانوي هزار ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو هو. جن تي الزام هو ته اهي ماڻهو گولن تحريڪ جا سرگرم ڪارڪن ۽ ساٿاري آهن. ان واقعي کانپوءِ لڳ ڀڳ ڏيڍ لک ماڻهن کي سرڪاري ملازمت تان به فارغ ڪيو ويو، ڪيئي ميڊيا چينلز، ڪيئي قانونسازي ڪندڙن ماڻهن کي سزائون ۽ ملازمت مان فارغ پڻ ڪيو ويو. گولن تحريڪ کي ترڪيءَ ۾ حزمت تحريڪ (خدمت ڪندڙ) تحريڪ چيو ويندو آهي.

2013 ع  طيب اردگان جون ڪجھ فون ٽيپس ليڪ ٿيون جنهن ۾ هي عام ماڻهن جي فائدي کي ڇڏي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ پيو چاهي، انهن فون ٽيپس جي ليڪ ٿيڻ کانپوءِ انهن جو الزام پڻ گولن تحريڪ تي لڳايو ويو هو. هڪ وقت تائين ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان گڏ ڪم ڪندڙ گولن اچانڪ سندس پاليسين کان باغي نظر آيو، 2013 ع ۾ هن ترڪ صدر جي پاليسن خلاف ڪافي احتجاج پڻ ڪرڻ شروع ڪيا ۽ باقائدي هڪ منظم طريقي سان انهيءَ تحريڪ کي جاري رکيو. 2016ع ۾ جڏهن ناڪام فوجي بغاوت ٿي ته انهيءَ جو ذميوار گولن کي قرار ڏنو ويو.

انهيءَ بغاوت ۾ ترڪ فوج جي هڪ ڌڙي، ويڙهاڪ جهازن، ٽئنڪن ۽ هيليڪاپٽرن ذريعي اردگان جي حڪومت کي ختم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، پر ڪافي تعداد ۾ عوام ٻاهر نڪتو جن هن سازش کي ناڪام بڻايو. ماهرن جو اهو چوڻ آهي ته ان سازش جي پٺيان عالمي طاقتن جو هٿ هو، پر عوام رجب طيب اردگان کي ڀرپور حمايت ڪئي. انهن جھڙپن ۾ لڳ ڀڳ 250 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا. اڳتي هلي گولن جي تنطيم تي پابندي به لڳي ۽ سندس تنظيم کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ترڪيءَ ۾ سندس مٿان پابندي لاڳو ڪئي وئي. جنهن کانپوءِ هن تنظيم جون تحريڪون ۽ اثر رسوخ ختم ٿيڻ لڳو.