ڪجھ شاعر/ليکڪ اھڙا ھوندا آھن جيڪي ميلي ۾ شامل ھوندي به ميلي جي ڀِيڙ، شور کان ھڪ پاسي خاموش، پرسڪون پنھنجي ڪم سان ڪم ۾ رڌل نظر ايندا آھن. اھڙن ماڻھن لاءِ ئي اياز گل چيو ھو:
“ميلي جي تنھائي، توکي ڇا معلوم..”
اھڙن شاعرن ۾ ساحر راھو به شامل آھي. ساحر سان تعلق تمام گھڻو پراڻو آھي، شايد خط ۽ ڪتابت به رھي ھجي، پر ساڻس ميل جول/ملاقات سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اجلاسن ۽ پروگرامن ۾ ٿيندي رھي آھي، پر جڏھن به مليا آھيون سدائين ائين محسوس ٿيو آھي ته ساڻس جڳن جو رابطو آھي.
ساحر راھو غزل جو شاعر آھي، سندس غزل جي حسناڪي بيحد وڻندڙ ۽ من موھيندڙ آھي. غزل جو اصل روح تخيل ۽ تغزل، سندس غزل ۾ چٽو پِٽو ۽ پنھنجي آب تاب سان جرڪندي نظر اچي ٿو. غزل جي اصل سڃاڻ تغزل ئي آھي. غزل ۾ اجايون، ڇسيون ۽ اوپريون ترڪيبون ۽ تشبيھون غزل جي اصل حسن ۽ روح کي زخمي ڪري وجھن ٿيون. ساحر راھو اھڙين اجاين ترڪيبن ۽ تشبيھن پٺيان رلڻ بجاءِ هن سڌيون ساديون پنھنجي آسپاس جون تشبيھون، ترڪيبون ۽ استعارا ڪم آڻي غزل کي اصل روح مطابق گيڙو ويس ڍڪايو آھي.
وڻن تي ٻُور جي موسم، ڪڏھن ايندي آ ھڪ پنڇي،
ڪھاڙي کي خبر ڪھڙي، اھو خاموش سوچي ٿو
وصل جي وڏ ڦُڙي کانپوءِ، ھجر جي سوڪ ٿيندي آ
جواني جي جدائي تي، مڙھو خاموش سوچي ٿو
چون ٿا کير جون نديون، وھن ٿيون پر ڪٿي آھن
رديءَ جي ڍير تي ٻالڪ، بکيو خاموش سوچي ٿو
پڳھ نيڻن جا آلا ٿس، مھاڻو دل جي ساحل تان،
نديءَ کي ڪنھن وڌا نيئر، پيو خاموش سوچي ٿو
“وصل جو وڏ ڦڙو”، “ھجر جي سوڪ”، “نيڻن جا پڳھ”، ۽ “دل جي ساحل” جھڙيون پنھنجي ماحول ۽ آسپاس جون ترڪيبون ئي آھن جن هن غزل ۾ غزل جي حسن ۾ نکار پيدا ڪيو آهي ۽ تخيل کي سھڻي ۽ اوچي اڏام پڻ بخشي آھي.
ساحر گھڻي ڀاڱي ڊگھي بحر تي غزل لکيا آھن. جڏھن به ساحر جي غزل جي ڳالھ نڪري ٿي ته ذھن تي ڊگھا وزن اڀري اچن ٿا، توڙي جو اياز، استاد، نياز، راشد مورائي ۽ عبدالحڪيم ارشد به ڊگھا بحر وزن پنھنجي غزل ۾ استعمال ڪيا آھن، پر ڪٿي به وزن جي پورائي خاطر اجاين لفظن جو استعمال کان پاڻ کي بچايو آھي. ساحر به ڊگھا وزن استعمال ڪندي ڪٿي به ھروڀرو جو لفظ، وزن کي پورو ڪرڻ لاءِ استعمال نه ڪيو آھي، گھڻي ڀاڱي ساحر پنھنجي شاعريءَ کي اھڙي بوريت کان بچائي رکيو آھي. توڙي جو ساحر جي سڃاڻپ ڊگھي وزن تي غزل لکڻ آھي، پر ھن مختصر ننڍن بحرن ۽ وزنن تي غزل لکي پاڻ تي آيل اھڙي ڇاپ کان جان ڇڏائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي ۽ ان ڪوشش ۾ ڪامياب پڻ ويو آھي. سندس ننڍي بحر تي لکيل غزل پڻ تخيل ۽ تغزل جي ان معيار تي بيٺا آھن جنھن معيار جي پد تي ساحر جو غزل ھئڻ گھرجي.
درويشن جي دل جون ڳالھيون
چرين ڄاتيون، مس تو سمجھيو
افسانو مون تنھنجي دل جو
نيڻن مان سر بستو سمجھيو
عشق اوھان گل دستو سمجھيو
خوشبو واسيل رستو سمجھيو
گوھر جھڙي دل کي يارو
مفلس جو ٿا ڪستو سمجھيو
ساحر جو قلم ڪڏھن به ٿڪجي، ھارجي ۽ پسارجي نه ويٺو آھي. ھو سدائين شاعريءَ جي رڻ جو راھي رھيو آھي. ھن ڪڏھن به اجائي ڏيک يا واھ واھ يا خوشامد جو محتاج نه رھيو آھي ھي فقير منش شاعر ڪڏھن به مڃتا جي بک پٺيان نه ڊوڙيو آھي ۽ نه ئي ڪنھن لابي يا گروھ بنديءَ جي چڪر ۾ ڦاٿو آھي. ھن سدائين لکيو آھي ۽ مسلسل لکيو آھي، لکڻ سندس روح جي راحت رھيو آھي شاعري وٽس راتيون ڪري رھي پئي آھي ۽ ساحر به دل جي حضور سان سندس دل جي دئار تي ترسيل ڏات سان خوب نڀائي رھيو آھي ۽ ڪڏھن به کانئس ٿڪجي بيزار نه ٿيو آھي
اياز چواڻي:
“تون آڌي رات اٿارين ٿي ۽ منھنجي ننڊ ڦٽائين ٿي”
پر ساحر ڪڏھن به ننڊ کي پيارو نه ڪيو آھي ۽ آڌي مانجھي ڏات کي پنھنجي جھول جھلي کيس ڀاڪرين ڀريو آھي ۽ تڏھن ته کيس اھڙا شعر حصي ۾ آيا اٿس:
بارش جھڙي مرڪ ڪري وئي
شام به شاھوڪار اسان کي
لوھارن جي وستيءَ ۾ ڪجھ
ڄاڻن ٿا سونار اسان کي
تمام ٿورا شاعر اھڙا ھوندا آھن جن جي شاعري نون لکندڙ شاعرن لئه اتساھ جو سبب بڻجندي ھجي. ساحر اھو شاعر آھي جنھن جي شاعري پڙھي ڪجھ لکڻ لئه دل چوندي آھي. ساحر جو پھريون شعري مجموعو “خواب کٿوري چنڊ” جڏھن منھنجي ھٿن تائين پھتو ھو ته سچي ڳالھ اھا آھي ته ان ڪتاب ۾ آيل ساحر جي غزلن مون کي تمام گھڻو اتساھيو ھو ۽ الائي ڪيتري شاعري مون کان ان ڪتاب لکرائي ھئي.
گھڻا ئي اھڙا شاعر آھن جيڪي گھڻو ۽ تڪڙو لکڻ ڪري پنھنجي شاعري جي معيار جي تسلسل کي برقرار نه رکي سگھيا آھن سوشل ميڊيا تي اچڻ جي تڪڙ ۽ ٺلھي واھ واھ کين پنھنجي معيار کي ڌڪي وڌو آھي، پر ساحر فيس بوڪ تي ھوندي به ٺلھي واھ واھ يا شھرت جي بک جو شڪار نه ٿيو آھي توڙي جو ساحر تمام گھڻو ۽ تڪڙو لکي رھيو آھي ۽ پنھنجي شاعريءَ جي تسلسل واري معيار کي پڻ بچائي رکيو آھي ۽ ساڳئي معيار واري تسلسل سان لکي رھيو آھي. اھوئي سبب آھي جو ساحر شاعريءَ جي جھول ۾ ڇھ سنڌي ۽ ھڪ اردو شاعريءَ جو ڪتاب وڌو آھي.
مون ساحر کي پنھنجي اندر ۾ سمنڊ جھڙي اٿل رکندڙ، پر بظاھر پرسڪون ۽ اطمينان رکندڙ شاعر ڀاسيو آھي. سندس خاموشي ڪنھن سمنڊ جي اڇل کان وڌيڪ گھري ۽ پراثر آھي. ساحر جھڙو شخصي طور خاموش طبيعت جو مالڪ پنھنجي اندر ۾ سمنڊ جھڙو گھرو آھي تھڙي سندس شاعري پڻ پنھنجي فڪر، فھم، ڏات ۽ ڏانءَ ۾ گھري آھي. اچو ته سندس ڪجھ خوبصورت شعر پڙھون:
مصروف ھن شھر تي ڪھڙي ميار آ جنھن
اک جو ڪڇيو نه پاڻي، دل کي ڏني نه جھڙتي
تنڪي جو ڪھڙو تعارف
ڳوڙھن جي ڪھڙي معنيٰ
چار ڳالھيون اکين جي اوگھڙ مان
رات آيون شناس، خاموشي
جھلڪ پوئين ديپ جي آ ساحر
دل مُئي جي عڪاس، خاموشي