حڪومت ۽ فوج علائقائي امن لاءِ ڀارت سان ڳالهائڻ جا خواهان آهن: فواد چوڌري
بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ فواد چوڌري چيو آهي ته نئين حڪومت ۽ فوج ڀارت سان امن امان لاءِ ڳالهه ٻولهه جي خواهش رکن ٿا. نئين حڪومت جو اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ڀارتي رانديگرن کي مدعو ڪرڻ به ان خواهش جو اظهار آهي. وزيراعظم به پنهنجي پهرين تقرير ۾ چيو ته نئين دهلي هڪ قدم کڻي ته اسان ٻه قدم کڻنداسين، پر اڄ تائين انهن جو مثبت جواب ناهي مليو. هن وڌيڪ چيو ته نريندر مودي جهڙي ريت حڪومت ۾ اچڻ خاطر پاڪستان مخالف مهم هلائي هاڻي دوستي جو هٿ وڌائڻ سان ڪٿي هن جي ووٽرز تي خراب اثر ته نه پئجي وڃي. هن اهو به چيو ته نواز شريف ۽ اسان جي پاليسي ۾ وڏو فرق آهي. اڄ سڀئي ادارا هڪ سوچ تي بيٺل آهن. وزيراعظم جي دوستي جي خواهش ۾ به فوج جي رضامندي شامل آهي ۽ وزيراعظم ڄاڻي ٿو ته ڪوبه ملڪ اڪيلو ترقي نٿو ڪري سگهي.