ڪاغذ جيان مڙي سگهندڙ ٽيبليٽ تيار
قديم زماني ۾ خط لکڻ لاءِ ڪپڙو استعمال ٿيندو هو، جنهن کي اسڪرول چوندا آهن. هاڻي ٽيبليٽ ٺاهيندڙ ڪمپني پاران ساڳي ڊزائين ۾ ٽيبليٽ تيار ڪيو ويو آهي جيڪو ڪاغذ وانگر ويڙهي سگهجي ٿو. هن قسم جو ٽبليٽ ڪئناڊا جي شهر اونتاريو ۾ تيار ڪيو ويو آهي. هن ٽيبليٽ ۾ (2 K) ريزوليشن جي 17 انچن واري اسڪرين لڳل آهي. هن اندر ٽيبليٽ جو پورو نظام رکيو ويو آهي. مطلب ته ظاهري طور هڪ رول نظر ايندڙ هي ٽيبليٽ لکڻ جي صورت ۾ هڪ ٽيبليٽ ٿي پوي ٿو. ماهرن پاران هن کي ميجڪ رول جو نالو ڏنو ويو آهي. هن ٽيبليٽ کي ٺاهيندڙن جو خيال آهي ته جلد ئي ڪپڙن ۽ پيتين کي به اسڪرين جي صورت ۾ ٺاهڻ ممڪن ٿي پوندو. ماهر ڪافي عرصي کان ان قسم جي ٽيڪنالاجي ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ هئا ته جيئن روايتي ڪاغذ جو تصور ختم ٿي وڃي ۽ هن قسم جي اسڪرين کي ڪاغذ طور استعمال ڪري سگهجي ۽ بٽڻ دٻائڻ سان ئي پيج بدلائي سگهجي.
وڊيو يوٽيوب جي ٿورن سان