نئون

ايس اي ايف پاران هلندڙ اسڪولن ۾ 52 گهوسٽ اسڪولن جو انڪشاف

سنڌ ايڊيوڪيشن فائونڊيشن پاران هلندڙ اسڪولن مان 52 گهوسٽ اسڪول ظاهر ٿي ويا آهن، جن تي ڪل 5 ڪروڙ سالانه خرچ اچي رهيو آهي. ايس اي ايف جيڪو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلندڙ ادارو آهي ان جو ڪم آهي ته اهڙن علائقن ۾ اسڪول کولي هلائين جتي حڪومت پاران اسڪول نه ٺهرايا ويا آهن. هي 52 اسڪول سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ظاهر ٿيا آهن، جنهن ۾ حيدرآباد، لاڙڪاڻو، دادو، ٿرپارڪر، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص شامل آهن. اهي اسڪول مختلف اين جي اوز ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جي ادارن پاران هلايا پئي ويا جنهن لاءِ هر سال 5 ڪروڙن جا فنڊ ايس اي ايف مهيا ڪندي هئي. ايس اي ايف پاران چيو ويو آهي ته هي سڀئي اهڙا اسڪول آهن جن جو حقيقت ۾ وجود ئي ڪونهي يا وري انهن جا مليل فنڊ صحيح جاءِ تي خرچ نه پيا ڪيا وڃن. ايس اي ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ناهيد دراني پاران چيو ويو آهي ته هن قسم جي معاملي جي جاچ لاءِ اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.