بلاگنئون

صوفي ازم يا سيڪيولر ازم !

مذھب جي نالي تي وڌندڙ انتها پسندي، برداشت نه هجڻ ۽ انسانيت جي قتل عام جو ٽوڙ ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي جوڙي وڃي، جنهن جي بنياد تي رياست جي سمورن شهرين جي وچ ۾ پائيدار برداشت، تعاون، مساوات ۽ رواداري تي مشتمل سماج جي قيام جو مقصد ممڪن ٿي سگهي. ان جي باري ۾ اسان وٽ هتي اڪيچار نقطهءِ نظر ڏٺا وڃن ٿا. هڪ نقطهءِ نظر مذهبي سياسي پارٽين ۽ فرقيواريت جي سوچ رکندڙ گروهه جو آهي، انهن جي ويجهو پاڪستان ۾ منڍ کان وٺي فرقيواريت وارن اختلافن، منافقت ۽ ڇڪتاڻ جو ڪو وجود ئي ناهي، فرقيواريت جي نالي تي جيڪو قتل عام ۽ مذهب جي پردي ۾ جيڪا دهشتگردي ٿي رهي آهي. اها حقيقت ۾ ٻاهرين ماڻهن جي اشاري تي ٿي رهي آهي. اهي ٻاهريان ماڻهو ڪير آهن؟ انهن جي سڃاڻپ به فرقيواريت سان لاڳاپي طور ئي ڪئي وڃي ٿي، سلفي فڪر رکندڙن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ٿيڻ واري فرقيوراڻي قتل عام جي پٺيان ايران آهي. جڏهن ته اهل تشيع جي ويجهو اهي سعودي عرب ۽ وچ اوڀر جون شاهي حڪومتون آهن جيڪي ايران دشمني ۾ اسان جي ملڪ ۾ اهو سڀ ڪجھه ڪرائي رهيون آهن.

ان اختلاف جي باوجود هڪ ڳالھه تي اهي سڀ متفق آهن ته ڪو به “حقيقي” مسلمان دهشتگردي جو  ڏوهاري نٿو ٿي سگهي، پر جڏهن انهن ئي فرقيواراڻين لاڳاپن جي بنياد تي قتل ٿيڻ وارا فرد ۽ انهن وارداتن ۾ استعمال ٿيڻ وارن فردن جي فرقيواراڻين لاڳاپن جي باري ۾ ثبوت ميسر ڪيا وڃن ٿا ته هي چئي ڪري هو جان ڇڏائي وڃن ٿا ته انهن ڏوهن جا ڏوھ ڪرڻ وارا ڪجھه “گمراھ” فرد آهن ۽ هو اهو سڀ ڪجهه پنهنجي طور تي ڪن ٿا ۽ جيستائين تعلق آهي مذهبي ۽ فرقيواراڻين تنظيمن جو ته انهن ڏوهاري واقعن سان سندن ڪو تعلق ناهي.

جڏهن کانئن پڇيو وڃي ٿو ته فرقيواراڻي تشدد ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي باري ۾ اهو ڪهڙو حل تجويز ڪن ٿا ته هو ان جو نهايت آسان حل ٻڌائين ٿا. انهن جي ويجهو جيڪڏهن “حقيقي” اسلامي تعليم سان ماڻهن کي روشناس ڪرايو وڃي  ۽ “اسلامي نظام” نافذ ڪيو وڃي ته نه صرف فرقيواريت جو خاتمو ٿي ويندو، پر مذهب جي نالي تي ٿيڻ واري قتل عام به رڪجي ويندو. جڏهن کانئن اهو پڇيو وڃي ٿو ته “حقيقي اسلام” مان سندن ڇا مطلب آهي ۽ ان جي عملي نفاذ جي صورت ڪهڙي هوندي ته هو ان جو آٿت ڀريو جواب ڏيڻ جي بجاءِ پڇڻ واري کي ملامت ڪندي ۽ وري به پنهنجي سوال تي زور ڏيندي نظر اچن ٿا.

مين اسٽريم سياسي پارٽين وٽ ان مسئلي جي باري ۾ جنهن جو سڌو سنئون تعلق پاڪستان جي بقا سان بحيثيت رياست آهي. منڍ کان ڪا پاليسي ئي نه رهي آهي، وڌ کان وڌ انهن جي ويجهو اهو هڪ انتظامي مسئلو آهي ۽ جيڪڏهن قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر ۽ مضبوط بڻايو وڃي ته ان مسئلي سان سهڻي نموني منهن ڏئي سگهجي ٿو. اهوئي سبب آهي ته جڏهن فرقيواراڻي دهشتگردي جو ڪوبه  واقعو ٿئي ٿو ته اهي وٽ سٽ ڏئي اخبارن ۾ بيان جاري ڪري پنهنجي ذميواري کان آجا ٿي وڃن ٿا. انهن کي گهڻو فڪر هن ڳالھه جو هوندو آهي ته انهن جو ووٽ مضبوط رهي، انسان مرن ٿا ته مرن، ان جي کين کي ڪا پرواهه ناهي.

ڪجھه غير سرڪاري تنظيمن ۽ مختلف قسم جي فڪري ۽ نظرياتي ڌرين سان لاڳاپيل دانشورن جي طرفان فرقيواريت ۽ عدم برداشت کي منهن ڏيڻ جا  ڪافي نوان حل ڏنا ويندا آهن، سندن خيال ۾ جيڪڏهن انهن جا ڏنل خاڪا استعمال ڪيا وڃن ته ملڪ ۾ فرقيوراڻي قتل عام جو حل مذهبي هم آهنگي آهي. اهي پنهنجن اجلاسن ۾ مختلف مذهبن سان تعلق رکڻ، هٿ ٺوڪين مذهبي اڳواڻن يا گهٽ ڄاڻ رکندڙ مذهبي اڳواڻن کي گهرائين ٿا، جيڪي شريڪ ٿيندڙن کي ٻڌائين ٿا ته سڀئي مذهب پنهنجن مڃيندڙن کي نفرت، دشمني ۽ عدم برداشت جي بجاءِ پيار، محبت ۽ روداري جو سبق ڏين ٿا، پر هن سوال جو انهن وٽ ڪو جواب ناهي هوندو ته جيڪڏهن سمورا مذهب ٺاھ ۽ امن جي خيال ۾ آهن ته پوءِ مذهب جي نالي تي ايتري رتو ڇاڻ ڇو؟

مذهبن جي وچ ۾ هم آهنگي جي دعويدارن جا اهي اجلاس يا سيمينار فائيو اسٽار هوٽلن تائين محدود هوندا آهن يا رهن ٿا، ڪجھه تنظيمون مذهبي هم آهنگي جي لاءِ امن مارچ منظم ڪن ٿيون ته جيئن عوام کي گڏيل فرقيوراڻي، امن، روداري ۽ برداشت جي اهميت کان آگاهه ڪري سگهجي. چند ماڻهن تي مشتمل اهو امن مارچ عوام کي بلڪل متاثر نٿو ڪري سگهي، هڪ وڏو گروهه جيڪو پاڻ کي ترقي پسند سڏرائڻ پسند ڪري ٿو، جي ويجهو ان مسئلي جو حل صوفي ازم ۾ آهي، ان گروهه جي اثر هيٺ تنظيمون  ۽ ادارا پنجابي ۽ پاڪستان جي ٻين ٻولين ۾ صوفي شاعرن جي شاعري راڳ جون محفلون ڪوٺائيندا آهن ۽ صوفين جي فڪر ۾ مذهبي هڪ جهڙائيءَ جو سبق ڳولهيندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن صوفياڻن خيالن سان مذهب جي نالي تي جيڪا انتها پسندي ٿئي ٿي ان جي اڳيان بند ٻڌڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. سندن دعويٰ آهي ته صوفي ازم جنهن ۾ هو اسلام جي اصل معنيٰ ڳولهين ٿا، ان سان انتها پسنديءَ تي  ضابطو اچي وڃي ٿو. ملڪ ۾ مذهب جي نالي تي ٿيڻ واري دهشتگردي، فرقيواريت، نفرت ۽ ڇڪتاڻ ختم نه ته گهٽ ضرور ٿي سگهي ٿي.

صوفي ازم جو تعلق مذهب سان گهٽ فلسفي سان وڌيڪ آهي. صوفي هر مذهب ۽ دور ۾ رهيا آهن ۽ اهو سمجهڻ غلط آهي ته صوفي ازم جو تعلق صرف اسلام سان آهي. صوفي ازم جي تاريخ صديون پراڻي آهي ۽ سيد علي عباس جي مطابق تصوف هڪ مستقل نظام فڪر ۽ عمل آهي، جنهن کي مذهب جو حصو نٿو سمجهي سگهجي. تصوف مذهب کان وڌيڪ فلسفي جي ويجهو آهي ۽ فلسفو انسان کي پنهنجي سوچ ۽ شعور مطابق سوال ڪري انهن جا جواب ڏيڻ جو عمل آهي.

صنعتي انقلاب جي نتيجي ۾ قومي رياستون وجود ۾ آيون جيڪي رياستون ماضي جي رياستن کان هر لحاظ کان مختلف ۽ منفرد هيون، هڪ قومي  رياست ۾ هڪ کان وڌيڪ مذهبن کي مڃڻ وارا ۽ مختلف نسلن سان تعلق رکڻ وارا شهري هڪ جهڙن حقن ۽ فرضن سان گڏ رهي سگهن ٿا. هاڻي سياسي، سماجي ۽ عمراني اظهار جا نوان طريقا وجود ۾ اچي چڪا آهن ۽ جديد دور کي صوفي ازم جي اصطلاحن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. صوفين جي جاءِ سياسي پارٽين وٺي ڇڏي آهي، هينئر رياستي ڍانچا قدرن ۽ سازشن جي بجاءِ عوامي ووٽن جو ٿورائتو ٿي ويو آهي. اڄ جيڪڏهن اسان مذهب جي نالي تي نفرت، ڇڪتاڻ قتل عام کي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا  ته ان لاءِ صوفي ازم جي جاءِ تي  اهڙن نظرين ۽ فڪرن کان مدد وٺڻي پوندي، جيڪي موجوده دور جي سماجي ۽ سياسي  صورتحال سان هڪ جهڙائي رکن ٿا.

اڄ ڪافي ملڪن مذهبي انتهاپسندي ۽ فرقيواراڻي ڇڪتاڻ جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي ۽ مختلف مذهبن جا مڃڻ وارا پرامن زندگي گهاري رهيا آهن ۽ اهو سڀ ڪجهه هنن صوفي ازم جي بجاءِ سيڪيولرزم جي بدولت حاصل ڪيو آهي. سيڪيولر رياست ۾ سمورا شهري بنا لحاظ، مڪمل مذهبي آزادي، برابري ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي هڪٻئي سان جڙيل رهن ٿا. ان سان هڪ گروهه جي خيالن جو ٻئي گروهه جي خيالن تي اثر پوي ٿو، جنهن سان معاشري ۾ سجاڳي ۽ سگهه وڌي ٿي.

سيڪيولر ازم هڪ اهڙو سياسي نظريو آهي، جنهن ۾ هڪ اهڙي جاءِ جتي مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ فرد گڏجي آزاديءَ سان رهي سگهن، سيڪيولر ازم جو مطلب هرگز اهو نه آهي ته خدا کي نه مڃجي، هي هڪ سياسي، سماجي نظريو آهي، جنهن جو مذهب سان ڪو تعلق ڪونهي، بلڪه هي مذهبن کي جوڙڻ جو، ويجهو ڪرڻ جو ۽ عزت ۽ احترام ڏيڻ جو هڪ مضبوط فڪر آهي. سيڪيولر رياست سمورين شهرين جي مفادن جو غير جانبداريءَ سان تحفظ ڪري ٿي ۽ رياست جي نظر ۾ سمورا شهري بنا فرق جي هڪ جهڙا حق ۽ مقام رکن ٿا. سيڪيولر رياست هر شهري کي حق ڏئي ٿي ته هو جيڪو مذهب چاهي اختيار ڪري ۽ پنهنجي پسنديده مذهب جي روشني ۾ پنهنجي نجي زندگي گذاري. رياست کي ڪو حق نٿو پهچي ته هوءَ شهري جي مذهبي اختيار واري حق ۾ مداخلت ڪري. هڪ کان وڌيڪ مذهب جي سوچ رکندڙ رياست جي بقا ۽ ان جي شهرين جي وچ ۾ هڪ جهڙائي ۽ برداشت جي حاصلات صرف انهيءَ صورت ۾ ممڪن آهي ته رياست هڪ مذهب جي ڪسٽوڊين بنجڻ جي بجاءِ پاڻ کي سيڪيولر اصولن جو پابند ڪري.

اڄ صوفي ازم مان مراد انسان دوستي ۽ مذهبي رواداري آهي ۽ اڄ جي دور جو صوفي ازم، سيڪيولر ازم آهي. سيڪيولر ازم اهو رياستي نظام آهي جيڪو اسان کي فرقيواريت ۽ مذهبي انتها پسندي کان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي ٿو. ٻي صورت ۾ اسان اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون هڻندا رهنداسين.