آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ٿيڻ تائين حڪومت بجيٽ ملتوي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب ناهن ٿيون ۽ مٿان عيد جي وقفي جي ڪري آءِ ايم ايف سان ڳالهيون رولڙي جو شڪار ٿي ويون آهن، جيڪي عيد جي وقفي کانپوءِ ممڪن آهي ته ڪجھه اڳتي وڌن، پر تيستائين ڳالهيون بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي ويون آهن، انهن ساڳين ڳالهين ۽ شرطن جي ڪري ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون ٽَري ويون آهن، جيڪي هاڻي عيد جي موڪلن کانپوءِ ئي ممڪن ٿي سگهن ٿيون ته آءِ ايم ايف حڪومت جا شرط مڃي ۽ حڪومت آءِ ايم ايف جون پاليسيون سمجهي، ان ڪري ته ڳالهين جي شروعات ۽ ڪاميابي آءِ ايم ايف جي شرطن سان لاڳاپيل آهي، ان کان اڳ بجيٽ پيش ڪرڻ جي تاريخ 2 جون تي مقرر ڪئي وئي هئي، پر ڳالهين جي ناڪامي بجيٽ کي به پوئتي ڌڪي ڇڏيو، ان ڪري عيد جون موڪلون گذرڻ کانپوءِ بجيٽ پيش ۽ پاس ڪئي ويندي، ڇو ته جيڪڏهن بجيٽ جو اعلان عيد کان اڳ ڪيو ويو ته حڪومت لاءِ بجيٽ جي بحث جي لاءِ پارليامينٽ جي ميمبرن جي وڏي انگ کي پنهنجن پنهنجن ڳوٺن مان واپس گهرائڻو پوندو جيڪو هڪ ڏکيو عمل هوندو، ان ڪري پارلياماني بحث 7 جون تي ٿيڻ جو امڪان آهي. تنهنڪري اصولي طور تي ۽ قانوني لحاظ کان بجيٽ جي اعلان کانپوءِ فوري طور تي ايوان ۾ هڪ جامع بحث ٿيندو آهي ۽ فائنانس تي اسٽينڊنگ ڪميٽين کي بجيٽ جي تجويزن کي پڙهڻ ۽ ٻنهي ايوانن پاران ان جي منظوري کان اڳ (معنيٰ 30 جون کان اڳ) پنهنجي راءِ ڏيڻ جي قابل بڻائيندي آهي. ان کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف ترڪي، آذر بائيجان، ايران ۽ وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي ڪجھه ٻين دوست ملڪن جي طوفاني دوري تي وڃي رهيو آهي ۽ ذاتي طور تي بجيٽ جي سيٽنگن ۾ شامل نه ٿي سگهندو ۽ هو 29 مئي تي پرڏيھه مان واپس ايندو. نتيجي طور، وفاقي ۽ صوبائي ترقياتي منصوبن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ سومر (26 مئي) تي مقرر ڪيل سالياني پلان ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (APCC) جي اجلاس کي به بعد ۾ مقرر ڪرڻ جي نئين تاريخ تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.