خاصنئون

تعميراتي ڪم ۾ ڀتيون ٺاهڻ وارو روبوٽ تيار

آمريڪا جي هارڊورڊ يونيورسٽي جي ماهرن هڪ اهڙو روبوٽ تيار ڪيو آهي جيڪو ڀتيون ٺاهي سگهي ٿو، جنهن ڪم لاءِ هن کي انسانن جي ڪنهن به قسم جي مدد جي ضرورت نه هوندي. هن کي ٺاهيندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته هي روبوٽ انسان کان گهٽ وقت ۾ ڀتيون ٺاهي سگهي ٿو. جيڪو ڪم عام طور تي هڪ مزودر ۽ مستري ڪندو آهي اهو ڪم هي اڪيلو ڪري سگهي ٿو، مطلب ته هي سيمينٽ لڳائڻ سميت سرن کي هڪٻئي مٿان رکندو ويندو.