“ڪشڪول ۾ گل” هڪ منفرد ڪتاب
ڪتاب “ڪشڪول ۾ گل” هڪ “نثري ٽڪرن” تي مشتمل ڪتاب آهي، جنهن جو انتساب ڏاڍو ڀلو لڳو، پنهنجي نوعيت جي سهڻي ارپنا پڻ آهي، جيڪا پنهنجي جاءِ تي هڪ مڃتا به آهي ته “انهن وجودن جي نالي جيڪي ٻين لاءِ آسانيون پيدا ڪندا آهن ۽ پنهنجي اندر نرم گوشي کي محسوس ڪندا آهن” انتهائي بهترين ۽ سيبتي ارپنا، ان ڪري جو ان ارپنا ۾ سوشل احساس سان گڏ هڪ عالمگيريت جو پيغام به آهي، يا اهو بحث به آهي ته اهي ارپنائون ۽ ڪتابي پورهيا ڪنهن ثواب دارين جا محتاج يا مدعي هجن يا نه هجن يا رڳو ايشيائي رائيٽر وانگي مقطع ۾ پنهنجو نالو ڳنڍجي يا مغربي ليکڪن وانگي جيڪي انهن ڳالهين کان مٿانهان هوندا آهن يا اهي ارپنائون عالمگير ڪيون وڃن جن ارپنائن جو Spectrum انتهائي وسيع هجي ۽ انهن جيGlobalized نياپي مان هڪ خوشبو ۽ پوترتا محسوس ڪري سگهجي، ان ڪري هر ماڻهو جيIntuition ۽ سندس اندر جو احساس به ان ڳالهھ جو گهرجائو آهي ته ان کي ارپنائون پنهنجي مرضي جون ڪرڻ ڏنيون وڃن ۽ کيس مڃجي يا اهڙو احساس جنهن کي ڪو نالو يا زبان نه ٿي هجي يا نه ٿي ڏئي سگهجي يا جيڪي ڳالهيون اظهاري نه ٿيون سگهجن انهن جي ويهي اپٽار ڪجي، ان ڪري انPerspective ۾ سائين اظهار بالادي جي ڪيل ارپنا يا ان گهاڙيٽي ۾ ڪيل سڀئي انتساب ڏاڍو مان لهڻن.
ادب ۾ هر تخليڪار جو ونڊ آهي، هر صاحبِ قلم فرد پنهنجو پنهنجو حصو ارپي ٿو، ان ۾ شاعري هجي يا نثر پوءِ جنهن جي جيتري وسعت ۽ طاقت هجي ٿي، اهي پوءِ اوتري ڀرپور قلم سان ٻوليءَ جي خدمت ڪندا رهن ٿا. ان ڪري جيڪي به صنفون آهن، پوءِ انهن ۾ لطيفيات هجي، تاريخ هجي، لسانيات هجي، سوشل سائنسز هجي يا ادب جون ٻيون تحقيقي صنفون هجن انهن ۾ تخليڪار پاڻ مڃائي ٿو، ۽ هر رائيٽر پنهنجي پنهنجي طريقي سان ادب جي محبت ۽ خدمت ۾ پيش پيش آهي. ان ڪري سڀني جي ڪمن کي ساراهي سگهجي ٿو ۽ جيڪي به ڪم ڪن ٿا اهي هڪ بي لوث خدمت به ڪن پيا، اهي ڪنهن به طرح ادب جي ڪمائي مان پيٽ ڪو نه ٿا پالين (گهڻي ڀاڱي)، پر هڙان وڙان هڻي ڪتابن جي ڇپائن کان وٺي ڪتابن جي ورڇ ۽ محبتي ونڊ ۾ گهر گهر وڃي ادب دوستن تائين بغير ڪنهن معاوضي جي ڪتاب پڄائن ٿا سي جس لهڻن. ان ڪري جو ڪتاب در در کپائڻ اديبن جي شيوي ۾ ناهي نه ئي ڪري سگهن ٿا، ان ڪري اهي سڀ اديبFull Time Dedication سان ڪم ڪندا رهن ٿا، ان ڪري انهن سڀني تخليڪارن جي ڪمن ۽ ادبي محنتن کي سلام هجي ۽ اهي سڀ جس لهڻن، انهن تي مثبت تنقيد ڀلي ڪجي، پر منفي تنقيد نه ٿي ڪري سگهجي يا نه ڪجي ته بهتر آهي، يا ان طريقي پنهنجي ادبي ڪاوڙون نڀائي نه ٿيون سگهجن يا ادبي ساڙ ۽ ڪينو ان صورت آڻي نه ٿو سگهجي.
يا ٻيو بحث اهو به آهي ته ڪيتريون به صلاحون ڏجن، پر صنف جي Objectivity تي نه ٿو ڳالهائي سگهجي يا ڪنهن کي صلاح ڏجي ته تون محبت تي لک، تون عشق تي لک، تون جارحيت تي لک، يا رائيٽر کي چئجي ته هي نه لک يا هي لک يا اسان کان پڇي لک يا جيڪو لکي ٿو اهو اسان کي ته پسند ئي ناهي يا ادب جي صنفن تي ڪيئن، ڪيترو ۽ ڪڏهن لکجي، پر ان ڳالھه جي پڇا نه ٿي ڪري سگهجي يا ڪنهن کي ڏسُ نه ٿو ڏئي سگهجي يا ڪنهن کي Fully Condemn به نه ٿو ڪري سگهجي، ان ڪري ته هر اديب جي پنهنجي پنهنجي اهليت هوندي آهي ته هو شعر ڀلو چئي، غزل لاجواب لکي، ڪهاڻي ڀلي سرجي، ناول انتهائي سهڻو ڪري لکي يا ان جي مرضي آهي ته هو صنفن جيSubjectivity تي پاڻ پنهنجي مرضي مڙهي ۽ پنهنجي علم ۽ مشاهدي آهر ۽ پنهنجي قلم جي طاقت تي ڀاڙي ادب سرجي يا ائين به ناهي ته رڳو پيار تي لکي ۽ جنسيات تي نه لکي يا جيڪڏهن ڪير لکي ته ان تي جنسيت جو ٺپو هڻي ڇڏجي، پر شرط اهو آهي ته اهي جيڪي به موضوع موزون ۽ مناسب آهر کڻجن اهيDestruction Societal جو باعث نه هجن يا نه ٿين يا انهن جي لکڻين سان معاشري اندر ڪا برائي جنم نه وٺي، انهن جي لکڻين سان معاشري ۾ ٽوڙڦوڙ نه ٿئي ۽ معاشرو انهن شين جي پويان لڳي ڪنهن خرابيءَ جو باعث نه بڻجي يا عام ماڻهن جي جذبن کي بي مقصد اڀار نه ملي.
ادب ۾Nepotism تمام گهڻو لهي پيو آهي، ٽولا ٽولا، خاندانن جا خاندان لهي پيا آهن، جنهن جي ڪري انهن ٽولن ۾ اديبن جي لاءِPenetration ڪرڻ ۽ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ هڪ انتهائي مشڪل ڪم ٿي پيو آهي يا ڪرڪيٽ وانگي سليڪٽر به پنهنجا ڀائٽيا ۽ ڀاڻج چونڊين ٿا، جنهن جي ڪري جيڪي ٽيلينٽيڊ ماڻهو آهن اهي ويچارا ڌڪجي پري ٿيو پون، انهن جي لاءِ جاءِ ولارڻ ان ڪري به ڏکيو ٿي ٿو پوي جو ڪير ڊائريڪٽر، بانيڪار ۽ وزيرن جي ماڻهن کي ڪيئن هٽائي يا ٻي ڳالھه اها به آهي ته ادب ۾ سياست جو عمل دخل به پراڻو ليکيو ٿو وڃي يا ائين به آهي ته جنهن کي جاءِ ملي ٿي ان جي لاءِ انصاف آهي يا جنهن کي وارو نه ٿو ملي يا نوازجي نه ٿو سگهي ته ان جي لاءِ ناانصافي آهي. ان ڪري جو جيڪي به اهل اديب آهن يا جن اديبن جو ڪم مخلتف زمرن ۽ صنفن ۾ تمام گهڻو بهترين آهي ته پوءِ اهي ويچارا رهجي ٿا وڃن ۽ ڪير انهن جي سار نه ٿو لهي. يا ڳالهھ اها به ناهي ته ادب مان جيڪي به ڪمايون ٿين ٿيون يا جيڪي به سرڪاري ۽ غيرسرڪاري اديب آهن اهي رهجي ٿا وڃن يا هڪ واضح لڪير نڪتل آهي ته هڪڙا ماڻهو تنهنجا ماڻهو هڪڙا ماڻهو منهنجا ماڻهو ڪهڙا ماڻهو تنهنجا ماڻهو (شاعر آسي زميني کان معذرت)، پر اها روش ختم ناهي ٿيڻي يا اها ڳالھه کٽڻي ناهي، ان ڪري جو معاشري جو سيٽ اپ آهي ئي اهڙو ۽ معاشرو انهن ڳالهين سان هلي چلي ٿو يا ائين چئون ته خاص ادب کيNepotism ۽ Politics کان الڳ نه ٿو ڪري سگهجي ان ڪري ته الڳ ڪرڻ سان به Sponsorship مري پوندي پوءِ وري ان نور کان به وينداسين.
ٻولي شهري لهجن ۾ وڃائجي وئي آهي يا ان ساڳيContext ۾ اها ڳالهھ به چئي سگهجي ٿي ته جيڪي به غيرسنڌي ادب آهن اهي اديب به خاص ۽ خالصتن اهو ئي ڳالهائيندا آهن جيڪي انهن جي ادب جي ٻولي هوندي آهي. اهي اديب ملڪي سطح تي ان ڳالھه جا تاويل ناهن ڏيندا ته اسان ڪراچي شهر ۾ رهون ٿا يا لاهور ۽ اسلام آباد ۾ نوڪري ٿا ڪيون يا ملڪ کان ٻاهر ٿا رهون، ان ڪري ادب يا Glamorized ڊراما ۽ فلمون سرجون ته ٿا، پر ٻولي ڳالهائي نه ٿا سگهون. يا جيڪيGlamor جي دنيا جون ماڊرن عورتون آهن يا جيڪي گهڻي ڀاڱي ٽي وي ۽ مختلف ميڊيائن سان سلهاڙيل آهن اهي ٻوليءَ جو خانو خراب ڪيون ويٺيون آهن، نه انهن کي ڳالهائڻ ٿو اچي نه انهن کي ٻوليءَ جا لوازمات نڀائڻ ٿا اچن نه انهن کي ٻوليءَ جي ڳالهائڻ ۽ ترويج جا پابند اصول ٿا اچن ۽ انهن کي اسٽيج تي ويٺو ڏسي ائين لڳندو آهي ته اهي ٻوليءَ تي احسان ٿيون ڪن يا انهن کي ڏسي يا ڏک ڏکاءَ ۾ جيڪي به نيون فنڪارائون اچن ٿيون انهن جي ٻولي به ان فيشن ۾ بگڙيل ۽ انتها درجي جي بگڙيل لهجي ۾ ملي ٿي جو جيڪو به ڳوٺاڻو يا ڪچي جي علائقي جو انهن ماڊرن ماين کي ٻڌندو ته انهن کي ائين لڳندو ته سنڌي جو لهجو هاڻي مورڳو ئي مٽجي ويو آهي يا ائين سمجهندو ته اهي ڳالهائن ڇا ٿيون؟ پر ان جي ڀيٽ ۾ پنجابي، پٺاڻ ۽ اردو ميڊيا سان لاڳاپيل جيڪي به چينل هلن ٿا انهن تي اهي فنڪارائون ٻولي نه ٿيون بگاڙن يا اهڙا Trends ۽ Traditions نه ٿيون هلائن جنهن سان ٻوليءَ جا فرق واضح نظر اچن، بهرحال ليکارين کي پوءِ به لک شابسون آهن جيڪي ٻوليءَ جي لکت ۾ خدمت ڪندا رهن ٿا ۽ ٻولي ان صورت زنده به رهي ٿي يا سڀاڻي انهن ٽي وي ميڊيائن جي ڪري ٿي سگهي ٿو ته لکت واري ٻولي به پنهنجو پاڻ مَٽائي ۽ مِٽائي ويهي.
شاعر ۽ نثر نويس جي Concept ۽ سوچ جي ڦرهيءَ ۽ تختيءَ تي جيڪو ڪجهھ لکيل آهي يا جنهن گهاڙيٽي تي اهي سوچون چٽي ٿو اهي ان جي سوچ ۽ ذهني لاڙن کي پختو ڪري پيش ٿيون ڪن يا کڻي جي اهو رائيٽر ڪا نواڻ به کڻي اچي يا اهي ئي خيالParaphrase ڪري نه ڏئي، ڪا نئين سوچ ۽ ولوڙ به آڻي ڪا نئين Theory کڻي اچي جنهن کي ڏسي چئي سگهون ته ها اها ئي شيءِ نئين آهي. سائين اظهار بالاديءَ جي لاءِ اها ڳالهھ چئي سگهجي ٿي ته ڪتاب جي هن گهاڙيٽي ۾ ڪجھه نواڻ آهي يا مسلسل اها ئي شاعري ۽ اهي ئي ڪهاڻيءَ جا پلاٽ يا ڊائيلگس ناهن جيڪي رائيٽر ڦيرائي گهيرائي لکن ٿا يا اها دعويٰ يا فرمائش به نه ٿا ڪيون ته ڪي Scientific يا Intelligence Artificial وارا موضوع کڻي لهن جنهن مان ثابت ڪري سگهجي ته دنيا ايندڙ پنجاھه سالن ۾ ڪيئن هوندي يا شين جي لکڻ، پڙهڻ ۽ سرجڻ جي ڳالهھ هاڻي به اونهين ئي ٿيڻ گهرجي جيئن Modern دنيا هاڻي وڌي ٿي پئي، ان ڪري سائين اظهار بالادي جي هي ڪوشش تمام سٺي آهي جو گھٽ ۾ گھٽ اها دعويٰ ته ناهي جو ائين چئي ته سٽن کي ٽوري ڦوڙي ۽ Horizontal مان Vertical ڪري نثري نظمن وانگي جوڙي لکي ٿو ڇڏجي، پر جيڪا به ڳالهھ ڪري ٿو سا انتهائي پختي ۽ Social Theories پٽاندر آهي.
ڪتاب جي شروع ۾ دعائيا ۽ منقبت ٽائيپ سٽون ڏنل آهن يا جن کي نثري ٽڪرا به چئون، اتي اها ڳالھه به ٺهي ۽ ٺهڪي ٿي ته هر اديب جيIntuition ۽ Inner Feller الڳ الڳ هجن ٿا، ان ڪريSecularity جي اها به گهرج آهي ته ماڻهن جي آڏو اهي سڀ سچايون جيڪي Material آهن جن جي Output ۾Universality تمام گهڻي هجي ٿي سا شاملِ حال ڪن، ان ڪري ته ڪير به انهي شاعري ۽ نثري ٽڪرن کي جي ترجمو ڪري ته انهن ۾ عالم آشڪاريت واضح هجي يا انهن صنفن ۾ انسانيت صفِ اول تي هجي، ان ڪري ڪتاب جي مهڙ ۾ ڏنل نثري ٽڪرا به “شاعري جي سجدي” وانگي ٿا ڀاسن جنهن مان اديب جي ان ساڳي Intuition ۽ اندر جي آواز جي سُڌِ پئي ٿي ته انهن نثري ٽڪرن جا لڪل پيغام ۽ پنهان آواز ڪهڙا هوندا جيڪي شاعر، ڪهاڻيڪار يا ناول نويس کي مجبور ٿا ڪن ته هو ان من اندر واري مونجهھ جي ڳالھه اوري ۽ پيغام کي بجاءِ جو منجهائي يا ڏکيائي پر سڌو سنئون Telecast ڪري ته جيئن ماڻهن تائين اهي نڪور ۽ جديد ۽ روشن خياليءَ وارا پيغام پڄائي سگهجن، مثال جيئن اظهار بالادي صاحب جي نثري ٽڪري کي لکي، پڙهي ۽ پرکي ٿا ڏسون “اي سائين! تون ئي آهين، جيڪو جڳ کي تارين ٿو، اسان جا ٻيڙا به پار ڪري سگهين ٿو!”.
رائيٽر جون صلاحون انهن نثري ٽڪرن ۾ انتهائي لاجواب آهن مثال هي سٽ ڏسونس “محبوب کي من ۾ رکي پوءِ هلڪڙائي نه رک، پنهنجي پر ۾ مسڪرائيندو رھه، ۽ ميڙ ۾ حيران ۽ پريشان ٿي رھه، ته جيئن محبوب کي تنهنجي اها ادا پسند اچي، ۽ تو تي راضي رهي” رائيٽر جتي Feminism ۽ اتنها درجي جي Socialism جي ڳالهھ ٿو ڪري اتي وريRomancism جون اٽڪلون ۽ ترڪتاليون به سمجهائي ٿو ته جتي عورت جي پسند ۽ ناپسند ۽ محبوب جي ميلاپ ۽ من پسنديدگي ۽ ميلاپ جا ڏس ٿو ڏئي اتي ان محبوب جي دل ۾ رهجي وڃڻ ۽ محبتن جي پائيداري به ڳولهي ٿو لهي ۽ ديرپا ٿي رهڻ جا ڏس به ٻڌائي ٿو ۽ سمجهي ٿو اهڙين نثري ٽڪرن ۾ محبوبن جي راضپي جا ڪي رستا ۽ راهون به هموار ڪجن ته جيئن اهي محبوب انهن اڻ ڏٺل ۽ بي زنجير رشتن ۾ جڪڙيل رهن جن سان روح جو راحتون ۽ من جو ملاقاتون به رهنديون اچن، ان ڪري نثري ٽڪرن ۾ سائين اظهار بالاديءَ جي اهڙي اک ۽ تيز نظر به داد لهڻي. سائين هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”دل ۾ جاءِ بنائڻ جي لاءِ ڪارن وارن جو سفيد وارن تائين انتظار ڪرڻو پوندو آهي“ تمام زبردست ڳالھه ڪئي اٿائين ته ”آہ کو چاہیے اک عمر اثر ہوتے تک کون جیتا ہے تری زلف کے سر ہوتے تک“ تمام گهري ڳالهھ آهي ۽ انتهائي خوبصورت.
سائين اظهار صاحب بالادي جي Study جو ڪمال آهي ته هو روايتي پيرن فقيرن کان وٺي، لطيف، سچل، سامي، منصور هلاج کان وٺي گيليلو تائين ۽ وري نيل آرم اسٽرانگ کان به سوال ٿو ڪري ۽ اتي پنهنجي ان Deep Study ۽ Observation جا ڪمالات به جهلڪائي ٿو ته هو اهي شيون پنهنجي اندر جي Telescope سان ڪيئن ٿو پسائي يا انهن وارتائن ۾ رهي ڪجھه سوال به اٿاري ٿو جيڪيLogically لاجواب به هجن ٿا يا جن جي جواب ڳولهڻ لاءِ ڪائنات جا راز فاش ڪرڻا پوندا يا اتي پنهنجون ذاتيTheories به هڻيون پونديون جتي پنهنجي سوچ جا دروازا کولي ماڻهن کي پسائڻو پوندو ته اهي سڀ وارتائون ۽ ڪائناتون هيئن به آهن جن جي پسار اهي ماڻهو پنهنجي مرضي جي Canvas تي رکي ڪري ويا آهن جيڪي هڪ ٽائيم جا سچ ته وري ٻئي ٽائيم جا ڪوڙ ٿي ٿا پون جنهن مان اها ڳالهھ ثابت ڪري سگهون ٿا رائيٽر ۾ Positivism ۽ Post Positivism جون سائنسي ۽ سماجي حقيقتون به پويل ۽ سلهاڙيل آهن جن کي هو سمجهي ٿو ۽ سائنسي بنيادن تي شين کي پرکڻ جي دعويٰ به ڪري ٿو ته اڄ جا سچ سڀاڻي جا ڪوڙ آهن ۽ اڄ جا ڪوڙ سڀاڻي جا سچ ثابت ٿيندا.
رائيٽر وڏي ديده دليري سان معاشرتي برابري ۽ محبتن ۾ ميرَ ۽ دولاپي وارين ڳالهين کي نندي ٿو، هو سمجهي ٿو ته “منهنجي دل ۾ مير ناهي ان ڪري ته منهنجي دل ۾ تون جو آهين” رائيٽر جي ان ڳالھه تي کيس جس آهي ته هو اهي سڀ محبتن جو پوترتائون پرکي ۽ پساري اهي سڀ فنامنائون به آڏو رکي ٿو هلي ته ڪيئن محبتن ۾ سچائيءَ جو عنصر ضروري هوندو آهي، ائين جيئن جسم سان ساھه، ائين جيئن گل سان خوشبو، ائين جيئن ڏينهن جي روشني ۽ رات جي اماوس هوندي آهي ۽ اهي سڀ لازميت ۽ ملزوميت وارا جيڪي عنصر هوندا آهن جن جو هجڻ ٻئي جي هجڻ جي انديو به هوندو آهي ائين ئي محبتن جي لاءِ سچائي ۽ قرباني جي پرک به لازم هوندي آهي يا هو ان ڳالھه جو مدعي به هوندو آهي ته ٻه شيون هڪ جاءِ يا ٻه تلوارون هڪ مياڻ ۾ نه ٿيون رهي سگهن، ان ڪري محبتن جي سچائي رائيٽر وٽ انهن سڀني سوشل وارتائين سان سلهاڙجي ٿي لهي، جنهن کي ساراهي سگهجي ٿو ته هو به محبتن جي خالص ۽ پوترتا تي يقين ڪامل ٿو رکي. هڪ هنڌ هڪ نثري ٽڪرر ٿو رکي ته “اکين ۾ جاڳ جي مَنڌُ آهي” انتهائي بهترين جو آسمان جي اوچاين جيڏو مٿي سمنڊ جي اوناهين جيترو گهرو نثري ٽڪرو، جنهن نثري ٽڪري ۾ هو اکين جي پنبڻين تي جاڳ جا نشان ٿو ٻڌائي، هو ڏسي ٿو ته اهي اوجاڳا اکين تي ڇَپي ٿا بيهن ڄڻ محبتن ۽ مليل دردن جي ڪا ڇاپ رهجي ٿي وڃي ته عاشق جڏهن محبوب جي اوجاڳي ۾ راتين جون راتيون اکين تان ٽپائي ٿو هلي ۽ رات جا پهر سندس جي اکين تي سفر ڪندي گذري ٿا وڃن ته ڪيئن ان پل اهي اکيون، پنبڻ، تارا ۽ چهري جا رنگ انهن سڀني لڪيل محبتن جا سلطاني گواھه بڻجي ٿا پون جنهن مان اهي سڀ راز ظاهر ٿي بيهي ٿا رهن جن جي لِڪَ ۽ ڇَپَ نه ٿي ڪري سگهجي ڇو ته اهي ڳالهيون سڀ جو سڀ عالم آشڪار ٿي ٿيون پون.
“سولا برس کي بالي عمر کو سلام” پر هتي سائين اظهار بالادي صاحب “انهن اکين کي به سلام ٿو ڪري جن جون ننڊون پوريون ناهن ٿينديون ۽ اوجاڳن سبب ڪاراڻ پئجي ويندي اٿن” ۽ وري ٻئي نثري ٽڪري ۾ اُڪيري ٿو ته “سلام انهن اکين کي جن جي ماڻڪين ۾ ڀڳل ٽٽل خواب آهن ۽ دنيا جي لاءِ اڻوڻندڙ اکيون آهن”، يا هڪڙي هنڌ لکيو اٿائين ته “اي بابا! منهنجي وارن ۾ چاندي اچي وئي آهي، ڇا تون اڃان به گهر ۾ ويهاري ڪنوارو ئي ماريندين” اها واقعي ئي اسان جي معاشري جي فرسودگي آهي جنهن ۾ ان ڳالھه کي ڪرداري صورت ۾ جيئن رائيٽر ننديو آهي، ائين نندڻ به کپي، ان ڪري جو سٺن معاشرن جي اوسر ائين ناهي ٿيندي جيئن اسان وٽ (ڪٿي ڪٿي) رائج الوقت آهي ته ڇوڪرين کي ويهاري ڪنوارو ڪري ماري ڇڏجي ۽ جيڪي به فرسودگيون آهن اهي ان طريقي به نڀائي سگهجن، بهرحال ليکڪ جي ان ڪوشش جس لهڻو ته هن ڪجھه مڙئي منفرد لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هي ڪتاب مون تائين سائين اظهار بالادي صاحب انتهائي سڪ سان سائين الطاف لغاري معرفت سان پڄرايو ۽ پڙهايو ۽ ڪچهريون ڪيون ۽ مان ٻنهي سهڻن شخصن جو انتهائي ٿورائتو به آهيان جيڪي اهڙا اَملهه ڪتاب پڙهائن ٿا جيڪي داد لهڻن ۽ ڪتاب ۾ جيڪي به ڳالهيون ڪيل آهن اهي سڀ Observational Sciences ئي آهن جن تي رائيٽر جي اک ۽ انداز بهترين ڪم ڪيو، ۽ اميد آهي ته هي رائيٽر ائين نڀائيندو رهندو ۽ اسان کي بهترين ڪتاب ڏيندو رهندو.